هاري ڪميٽيءَ جي اڪثريتي رپورٽ تي اختلافي نوٽ
گورنمينٽ ھاري انڪوائري رپورٽ 1947-48 جي اڪثريتي رپورٽ تي ”اختلافي نوٽ“ هڪ اهم دستاويز آھي. جيڪو مسٽر مسعود احمد کدر پوش، جيڪو نوابشاھ ۾ ڪليڪٽر ھو طرفان لکيل آهي. اختلافي نوٽ تن ڏينھن ۾ حڪومت پاڪستان طرفان نہ صرف لڪايو ويو هو، پر ڪافي عرصي تائين اھو ڇپيو بہ نہ ويو هو. حڪومت پاڪستان وٽ ان جا ڪهڙا دليل هيا جو سنڌ ۾ هارين جي حالتن جي باري ۾ آيل هڪ حاضر سروس سرڪاري آفيسر جي آيل تجويزن کي لڪائي نہ ٿي ڇپيائون تن جو مسعود کدرپوش ۽ ٻين هن ئي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي. اختلافي نوٽ ۾ هارين جي سماجي ۽ معاشي حالتون تبديل ڪرڻ بابت جيڪي تجويزون هن ۾ ڏنل آهن تن لاءِ نئين ٺهندڙ ملڪ جو حڪمران طبقو تيار ئي نہ ھو. ڇاڪاڻ جو جلد ئي سياسي قيادت جاگيردارن ۽ سندن ٻين اتحادين جي زير اثر رهي. هي ڊاڪيومينٽ 1973ع ڌاريِ ڪهڙين حالتن ۾ ڇپايو ويو تن جو به هتي ذڪر ڪيل آهي.