تاريخ، فلسفو ۽ سياست

هاري ڪميٽيءَ جي اڪثريتي رپورٽ تي اختلافي نوٽ

گورنمينٽ ھاري انڪوائري رپورٽ  1947-48 جي اڪثريتي رپورٽ تي ”اختلافي نوٽ“ هڪ اهم دستاويز آھي. جيڪو مسٽر مسعود احمد کدر پوش، جيڪو نوابشاھ ۾ ڪليڪٽر ھو  طرفان لکيل آهي. اختلافي نوٽ تن  ڏينھن ۾ حڪومت  پاڪستان طرفان نہ صرف لڪايو ويو هو، پر ڪافي عرصي تائين اھو ڇپيو بہ نہ ويو هو. حڪومت پاڪستان وٽ ان جا ڪهڙا دليل هيا جو سنڌ ۾ هارين جي حالتن جي باري ۾ آيل هڪ حاضر سروس سرڪاري آفيسر جي آيل تجويزن کي لڪائي نہ ٿي ڇپيائون تن جو مسعود کدرپوش ۽ ٻين هن ئي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي. اختلافي نوٽ ۾ هارين جي سماجي ۽ معاشي حالتون  تبديل ڪرڻ بابت جيڪي تجويزون هن ۾ ڏنل آهن تن لاءِ نئين ٺهندڙ ملڪ جو حڪمران طبقو تيار ئي نہ ھو. ڇاڪاڻ جو جلد ئي سياسي قيادت جاگيردارن ۽ سندن ٻين اتحادين جي زير اثر رهي. هي ڊاڪيومينٽ 1973ع ڌاريِ ڪهڙين حالتن ۾ ڇپايو ويو تن جو به هتي ذڪر ڪيل آهي. 

Title Cover of book هاري ڪميٽيءَ جي اڪثريتي رپورٽ تي اختلافي نوٽ

باب چوٿون: زميني سڌارن تي اسلامي قانون

قرآن جو قانون زمين جي ملڪيت جي ڏس ۾ ڪنهن به شڪ شبهي کان سواءِ آبادگار هارين جي حق ۾ آهي. سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ مثالن جي، سڄي تاريخ ۾ مسلمانن ڪڏهن به قرآن جي حڪم جي پوئيواري نه ڪئي آهي. سرمائيدارن قرآن شريف جي تشريح ئي ايئن ڪئي آهي جيئن سندن مفادن جو تحفظ ٿئي، نه ڪي استحصال جو خاتمو ٿئي، جيڪو استحصال، حضور اڪرم جي رحلت کان پوءِ شروع ٿيو. اسلام جي نالي ۾ استحصال صدين کان جاري آهي ۽ هينئر بحران جي سطح تي پهچي چڪو آهي، جتي اسلام کي “استحصالي” نظام طور سڃاتو وڃي ٿو. ڪميونسٽ ان مان فائدو حاصل ڪن ٿا. ڪميونزم غريب طبقي جي نجات ۽ ڇوٽڪاري ۽ استحصال جي شڪار پٺيان، مذهب جي عظيم خيالن جا بنياد لوڏي ڇڏيا آهن.
“توکي تنهنجو خدا آهي، تنهنجو نبي، خدا ۽ پاڪ ڪتاب قرآن آهن ۽ توکي پادري، مولوي ۽ مسجد آهي، پر اهي سڀ تنهنجي ڇا مدد ڪري سگهندا، ته جيئن تون هڪ باعزت انسان ٿي گذاري سگهين. برابري اسلام ۾ هڪ ڌنڌلو خواب ۽ سيراب آهي. اهو هڪ شڪنجو آهي غلاميءَ جو.”
اهڙن قسمن جا ڪيئي حوالا ڏيئي سماجي انصاف جو ڪيس مضبوط ڪيو آهي. اهڙي قسم جا دليل ماڻهن جي اعتماد ۽ عقيدن جي پاڙن کي ڌوڏائي ڇڏين ٿا ۽ ڪجهه ماڻهو سوچڻ تي مجبور ٿين ٿا ته ڪهڙي نه تعجب جي ڳالهه آهي ته ڇا اسلام غربت ۽ بک جهڙن بنيادي مسئلن کي حل نٿو ڪري سگهي. مذهب سڄي دنيا ۾ مضبوط سماجي ۽ معاشي مسئلن تي هڪ وڏو اثر ڇڏيو آهي، ۽ ايئن اسلام پاڪستان ۾. اسلام مطمئن حد تائين معاشي مسئلن جو حل پيش ڪري ٿو، پر بدقسمتيءَ سان مسلمانن ۾، مفاد پرستن ان جي صحيح اصولن کي لاڳو ڪرڻ ئي نه ڏنو آهي. سڄاڻ ۽ مستقبل جي باري ۾ گهري سوچ ۽ ڊگهي نظر رکندڙ، مسلمانن کي چڱيءَ ريت خبر آهي ته، اسلام ۾ ڏنل حل موجوده زمانن جي وسيع بک ۽ بدحاليءَ لاءِ ڇو نٿا لاڳو ڪري سگهجن.
اسلام به پنهنجو عروج ايئن وڃائي ويهندو، جيئن 1917ع کان اڳ ۾ روس جي انقلاب کان اڳ اڀريو هو. جيڪڏهن اسين اسلام جي اصولن کي معاشي مسئلن جي حل لاءِ نافذ ڪرڻ ۾ ناڪام وياسين ۽ خاص ڪري زميني سڌارا (لينڊ رفارمس) اسان نه رڳو پنهنجي ملڪ جي وجود کي خطري ۾ وجهنداسين، پر اسلام کي پڻ.
قرآن شريف،زمينداري نظام جي حمايت نٿو ڪري. ان جو روح ئي زمين تي اصلي کيڙيندڙن جي برابريءَ جي ورڇ جي ڳالهه ڪري ٿو. قرآن زمين جي ذاتي ملڪيت جي اجازت نٿو ڏئي، ڇاڪاڻ ته زمين جو حقيقي مالڪ خدا آهي ۽ خدا جي حڪم سان رياست.
قَالَ مُوسَىٰ لِقَوْمِهِ ٱسْتَعِينُواْ بِٱللَّهِ وَٱصْبِرُوٓاْ ۖ اِنَّ ٱلاَرْضَ لِلَّهِ يُورِثُهَا مَن يَشَآءُ مِنْ عِبَادِهِۦ ۖ وَٱلْعَٰقِبَةُ لِلْمُتَّقِينَ.
ترجمو: موسى پنهنجي قوم کي دلگير ڏسي چيو ته الله کان مدد گهرو ۽ صبر ڪريو، ڇوته ساري زمين الله جي آهي. هو پنهنجن ٻانهن مان جنهن کي گهرندو آهي، تنهن کي ان جو وارث بڻائيندو آهي ۽ (چڱي) عاقبت پرهيزگارن لاءِ آهي. (آيت 127، سوره 7)
وَالاَرضَ وَضَـعَتبا لااَنام. فِيهَا فاکِهَمةُ وانَـخُـلُ ذَاتُ لاَکمَامِ. والحَبًُ ذوالحَصفِ وَ الرَيحَانُ.
ترجمو: ماڻهن لاءِ زمين پکيڙيائين. منجهن (هر جنس جو) ميوو ڇپڙين واريون کجيون آهن، ۽ بُـههُ وارو اَنُ ۽ خوشبودار ٻوٽا (به ان ۾) آهن. (سوره 55، آيت 9، 10، 11)
سڀني جو پالڻهار ۽ رزق عطا ڪرڻ جي ذميواري خدا جي آهي. دنيا ۾ جيتريون به شيون زمين تي خدا پيدا ڪيون آهن، اهي سموري انسان ذات جي ڀلي لاءِ آهن.
وَهُـوَالَذِي خَـلَـقَ السَموٰتِ وَلارضَ فِي سِتَـةِ اَيَامِ وَکَانَ عَرشُہ عَـلَي المَآءِ لِـيَـبلُوکُمُ اَيُـکُم اَحسَـنُ عَـمَـلاً. وَ لَين قُلتَ اِنکم مبعُوثوُنَ مِن بعدالمَوتِ بَيقُولَـنَ اَلذين کُفرُو اِنُ هٰذَ الَا سِحرُ مُبِينُ.
ترجمو: اُهو الله آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ بڻايو. سندس عرش پاڻيءَ تي هو ۽ اوهان کي پرکي ته اوهان مان ڀلو ڪير آهي. (آيت 6، سوره 11)
هُـوَ الذي خَـلَـقَ لَـکُـمُ مَافي الارض جميعاًق ثُـمَ اَستَوى اِلَي السَـمَآءِ فستوٰ مُـنَ سَـبـَـحَ سَمٰوٰتِ وَهوُ بِکُلِ شيءِ عَليمُ.
ترجمو: اهو اُتم ئي آهي جنهن سموريون شيون جيڪي زمين ۾ آهن، پيدا ڪيون ۽ وري آسمان ڏانهن متوجهه ٿيو، پوءِ انهن کي ست آسمان ڪري برابر بيهاريائين ۽ هو سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻيندڙ آهي. (سوره 2، آيت 29)
زمين جا سمورا وسيلا برابريءَ جي بنياد تي سڀني لاءِ آهن.
وَجَـعَل فيها رُوَسِيَ مِن فوقيتا وَ بٰرَکَ فِيهَا وَ قَـدَرَ فِيهَا وَ قَـدَرَ فِيهَآ اَقُـوَا تَـهَا فِي اَربَعةِ اَن مِ ء سَطرءً لِلستآ ئطينَ ثُم استوى اِلَي التـتمآءِ وَهِيَ دُخانُ فَـقَالُ لَـمَا ولِلاَرءضِ ائيتيا طَوعًا اَؤ کُردهاً قالتا آتينا طُآئِـعِينَ.
ترجمو: ۽ زمين مٿان پڪل جبل بڻايائين ۽ منجهس برڪت رکيائين ۽ چئن ڏينهن ۾ منجهن قوت مقرر ڪيائين ۽ سائلن/ گهرندڙن لاءِ برابر آهي ۽ وري آسمان ڏانهن توجهه ڪيائين. اهو دونهون هو ۽ پوءِ زمين کي چيائين، “وجود ۾ اچو.” ۽ چئن ڏينهن کان پوءِ خوشيءَ سان وجود ۾ آيا۽ انهن جا سمورا وسيلا گهرندڙن لاءِ برابر تقسيم ٿيل آهن. (سوره 4، آيت 9، 10)
زمين به سموري انسان ذات جي ممڪن ڀلائيءَ لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجي ۽ زمين جي اهڙي نجي ملڪيت يا ڪنٽرول، جيڪو چند ماڻهن جي فائدي تائين محدود هجي ۽ اڪثريت کي محروم رکي، اهو قرآن جي قانون جي خلاف آهي.
ڪير به زمين جي مطلق مالڪيءَ جي دعوى نٿو ڪري سگهي، ۽ ڪنهن کي به ان کي ليز/ مقاطعي تي ڏيڻ جو حق نه آهي. خدا اسان کي حڪم ۽ اجازت ڏني آهي ته زمين کي پنهنجي گذر سفر لاءِ استعمال ڪريو ۽ جيڪڏهن ڪنهن زمين جي ٽڪري تي پنهنجو پورهيو ڪيو آهي، ته اهوئي ان جو مالڪ تصور ڪيو ويندو، ۽ جيستائين زمين هن جي پوکيءَ هيٺ هوندي، هن جي مالڪيءَ تي ڪوبه حق نٿو ڄمائي سگهي.
وَالکل حجلنا مَـوَلِيَ مِمَا تَرکَ الَوالِدٰنِ والَا قَربُونَ. وَالذينَ عَـقَدثُ اَيًمانکُم فااَتُوهَم نصيبهُم. اِن الله کَانَ عَلى اُلُلِ شيء شهيدًا.
ترجمو: ماءُ پيءُ ۽ مائٽن جيڪو مال ڇڏيو، تن (سڀن) لاءِ وارث مقرر ڪيائين، جنهن جي ملڪيت آهي، ان کي ان جو حصو ڏيو. بيشڪ الله سڀ ڪنهن شيءِ کان واقفيت رکي ٿو. (سوره 4، آيت 32)
شخصي پورهيو ئي مالڪيءَ جي لياقت آهي. هي اصول زمين جي قبضي ۽ ملڪيت جو ثبوت آهي. ماڻهو ايتري زمين پاڻ وٽ رکي سگهي، جيتري ڪجهه اصولن هيٺ هو پنهنجي ورهاست هيٺ رکي سگهي ٿو.
اسان لاءِ گذر سفر جا ذريعا خدا تعالى ايترا پيدا ڪيا آهن، جو انهن مان هرهڪ پنهنجي وت آهر حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ خدا جو قانون ٻڌائي ٿو ته ڪير به پنهنجو حصو پنهنجي پورهئي کان وڌيڪ حاصل نه ڪري. انسان سندي جسماني ۽ ذهني ساخت ۽ ڪمائڻ وارين صلاحيتن ۾ مختلف آهن. خدا توهان کي هڪٻئي کان مختلف ڪري پيدا ڪيو آهي، ته جيئن (پنهنجين پنهنجين صلاحيتن آڌار) رزق ڪمائي سگهو.
ڪي ماڻهو ٻين کان سرس ڪمائي سگهن ٿا، پر اهو ايئن نه ٿو ٿئي. اوهان ۾ اهي پسند ڪيا وڃن ٿا، جيڪي (ٻين سان پنهنجو رزق ونڊين) جيڪي انهن تي دارومدار رکندا هجن. توڻي جو پنهنجي پنهنجي رزق ۾ ۽ اهليت ۾ سڀ برابر آهن، ته پوءِ اهي خدا جي ڪهڙين نعمتن جو شڪر ادا ڪندا؟
وَالله فضل محضکم علىٰ بعضِ في الرِزقِ فَماالذينَ فُضِلو بُرآدِي رزهم على ما مَـلَکت ايمانهم فهم فيہ سَـوَآءُ افبنعمةِ اللهِ يجحدُونَ.
الله اوهان مان هڪڙن کي ٻين کان وڌيڪ روزي ڏني آهي ۽ وڌ ڏنل روزيءَ وارا پنهنجي روزيءَ کي پنهنجن ٻانهن تي موٽائڻ وارا نه آهن، ته اهي سڀ برابر هجن ۽ پوءِ الله جي نعمتن جو ڇو انڪار ڪندا. (سوره 16، آيت 70)
ان مان صاف ظاهر آهي ته قرآن شريف ۾ خدا ان حقيقت کي پڌرو ڪيو آهي ته سڀ پنهنجين لياقتن آهر ڪمائڻ ۾ برابر نه آهن، تنهن ڪري ڪن کي وڌيڪ ملڪيت هوندي ۽ ڪن کي گهٽ، پر قرآن ان حقيقت ۽ انهن حالتن کي نه مڃيو آهي ته ڪن کي تمام گهڻو ۽ ٻين کي ڪجهه به نه. قرآن شريف هرهڪ انسان کي زندگيءَ جي ضرورتن جو حق خدا جي پيدا ڪيل زمين مان ڏنو آهي. پوءِ ڀلي کڻي اهو هيڻو/ ڪمزور هجي يا طاقتور، صحتمند هجي يا بيمار، اهل هجي يا معذور، امير هجي يا غريب. قرآن شريف زمين تي وسيلا سڀني لاءِ عوامي وسيلا ڪري ڇڏيا آهن ۽ جيڪڏهن انهن وسيلن مان ڪو ماڻهو پنهنجين گهرجن کان وڌيڪ ڪمائي ٿو، ته واڌو ۽ اضافي ڪمائي اُن لاءِ هڪ “امانت” آهي، جيڪا کيس حقيقي حقدارن ۾ ورهائڻي آهي، جيڪي پنهنجي ڪمائيءَ لائق نه آهن.
“هن جي پٺيان بنيادي خيال ان اصول جو آهي، ته سڄي انسان ذات هڪ ڪڙم ۽ خاندان آهي، جنهن ۾ انسان پاڻ ۾ هڪٻئي سان جڙيل آهن ۽ هڪٻئي سان ڀلائي ڪرڻ جا پابند آهن. هرهڪ زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ ڪم ڪري ٿو. پنهنجي پنهنجي لياقت آهر ڪي گهٽ ۽ ڪي وڌ ڪمائين ٿا. توڻي جو جيڪي بهتر آهن، اهي سڀ ڪمائي ٻين غريبن ۾ ڪونه ٿا ورهائين، پر هو انهن متعلق لاپرواهه به ڪونه ٿا ٿي سگهن، ڇو جو ايئن نٿو ٿي سگهي ته هو ٻين غريبن جي ڀلائي ۽ بهبود نه چاهيندا هجن ۽ انهن کي غربت ۽ بک ۾ مرڻ لاءِ ڇڏي ڏين. توڻي جو هرهڪ ميمبر کي پنهنجو پنهنجو رزق ڪمائڻ جو ڌار ۽ جدا اختيار آهي. اهي پنهنجي ملڪيت کي گڏائين، ان کان بالاتر ته هڪ هڪ جو اڌ ۾ حصو گهٽ يا وڌيڪ، ننڍو يا وڏو آهي، ته جيئن سڀني جي زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن جو خيال رکي سگهجي.” (ترجمه القرآن، واليم 2)
مولانا ابوالڪلام آزاد، جيڪو قرآن شريف جو وڏو شارح هو، اُن هِن ڳالهه کي چٽن لفظن ۾ وائکو ڪري ڇڏيو. هن چيو ته سمورن انسانن کي خدا جي ڏنل رزق تي برابر جو حق آهي، ملڪيت، کاڻين، جهنگلن، ٻيلن، دريائن ۽ پاڻيءَ تي اختيار رياست جو آهي، پر سڀني جي ڀلائيءَ لاءِ، تنهن ڪري زمين جي ملڪيت، جنهن جي پيداوار جا وسيع وسيلا پيدا ٿين ٿا، اهي اختيار رياست وٽ آهن، ته جيئن سمورن رياست جي شهرين ۾ برابر ورهاست ڪري سگهجي، پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو، زمين جي وسيع ايراضيءَ تي ڪنٽرول ڪري ٻين کي خدا جي ڏنل زمين جي حق کان محروم ڪري، اُن جي اُھا ملڪيت قرآن جي قانون مطابق غير قانوني قرار ڏني وڃي.
مختصر طور، اهوئي پاڪ ڪتاب جو قانون آهي. آئون اڳ ۾ ۽ روايتن ۽ عملن جي ڀيٽ ڪري چڪو آهيان. مسلمانن وٽ انهيءَ جو مفهوم ڌنڌلو آهي، ڇاڪاڻ ته مسلمانن ماضيءَ ۾ قرآن جي اهڙي قانون جي مخالفت ڪئي آهي.
اها ته اسان جي بدقسمتي چئبي، جو اسين اهڙي قسم جي غير منصفاڻي ۽ بي بنياد عمل کي گهٽ يا وڌ ڪري، قانون جو درجو ڏيئي، ان کي اسلامي قانون سمجهون ٿا. قرآن جو قانون آخري آهي، پر مسلمان اهڙي تصديق لاءِ حديث جو سهارو وٺن ٿا، انصاف جي اصولن ۽ اسلامي تاريخ مان حوالا ڳولين ٿا. آئون ڪجهه وڌيڪ ڀروسي جوڳين اختيارن جا حوالا ثبوت طور پيش ڪريان ٿو، جن ۾ زمينداري سسٽم کي اسلام پسند نٿو ڪري.
“جيڪڏهن، ڪنهن شخص کي زمين جو ٽڪرو آهي ته هو ان تي پاڻ پوکي ڪري ۽ ان کي غير آباد نه ڇڏي. جيڪڏهن هو پاڻ نٿو کيڙي ته ٻئي کي به کيڙڻ لاءِ نه ڏئي. هي ان کي پاڻ تائين محدود رکي، اسان اهو نٿا چاهيون.“ (حديث بخاري)
حديث جي آخري جملي ۾، خاص ڪري ان انداز ۾ فرمايو ويو آهي ڄڻ ته اهڙي روش کي پسند نه ڪيو ويو هجي. ان مان صاف ظاهر آهي ته هو پنهنجي زمين/ ملڪيت پاڻ وٽ اوتري رکي جيتري هو پاڻ کيڙي سگهي.
اها حديث صحيح مسلم ۾ به حوالي ۾ ڏنل آهي ۽ ان ۾ صرف ايترو اضافو ڪيو ويو آهي ته، “جيڪڏهن اڳيون ماڻهو وٺڻ کان انڪار ڪري، ته پوءِ اها زمين پاڻ وٽ رکي سگهجي ٿي.” ٻين لفظن ۾ جيڪڏهن زمين ڪنهن کي مفت ۾ آڇي وڃي ۽ ٻيو ماڻهو جنهن کي اها زمين پسند نه آهي ۽ ان کي مسواڙ تي ڏئي، ته بهتر آهي ته هو اها زمين مسواڙ يا ليز تي ڏيڻ بدران پاڻ وٽ رکي. حضور صلعم صاف صاف لفظن ۾ زمين کي ليز تي، پئسن عيوض يا بٽئي تحت ڏيڻ کان سخت منع ڪئي آهي ۽ اهوئي سبب آهي جو عبدالله بن عمر اِها حديث ٻڌندي، امير معاويه جي زماني ۾، جڏهن سرمائيداري پنهنجي اوائلي زمانن ۾ مسلمانن وٽ آئي هئي، ته هن زمين جي مسواڙ يا ليز وٺڻ کان انڪار ڪيو هو.
هڪ ٻي روايت امام بخاريءَ حضور صلعم لاءِ ٻڌائي. بيبي رضيه ۽ بيبي خديجه چيو ته، هنن جي چاچي زهير بن رضيه هڪ دفعي چيو ته حضور پاڪ هن کي منافعي بخش ڪاروبار کان روڪيو. رضيه چيو ته پاڻ نبيءَ جو حڪم انصاف ڀريو هوندو، جنهن تي زهير ٻڌايو ته پاڪ نبيءَ ان کي گهرايو ۽ سوال ڪيو ته هو پنهنجي زمين تي ڇا ڪري رهيو هو. هن چيو ته هن پنهنجي زمين جي هڪ چوٿائيءَ کي مسواڙ/ ليز تي ڏيڻ پئي چاهيو، ان سان گڏ ڪجهه کجيون ۽ مڪئي به. حضور صلعم جواب ۾ فرمايو، “تون اِهو نه ڪر، يا ته پاڻ کيڙ يا ٻئي ڪنهن کي (مسواڙ کان سواءِ) کيڙڻ لاءِ ڏئي. (حديث بخاري)
ايئن حضور پاڪ جي فرمان موجب حضرت عمر (اسلام جو ٻيو خليفو) حضور پاڪ جي هڪ صحابيءَ جي زمين واپس ورتي، جيڪا کيڙيءَ هيٺ نه هئي ۽ ان کي انهن ۾ ورهائي ڇڏيو جن کي ان جي ضرورت هئي.
قانون جو مشهور عالم امامِ اعظم، جنهن جا هزارين مسلمان سڄي دنيا ۾ چاهيندڙ آهن، هن پڻ زمين کي مسواڙ تي ڏيڻ جي منع ڪئي آهي. امامِ اعظم جي اڳڪٿي ڪمال جي هئي، جيڪا هن ڪئي ته زمينداري نظام کيڙيندڙ طبقن ۾ بدحالي ۽ غربت جو نظام آڻيندو. اهو به هن ڇهين صدي هجريءَ ۾ چيو. ابنِ تين لکيو:
اِهو اسان جو مشاهدو آهي ته سڀ کان وڏي بدحالي ۽ تڪليف کيڙيندڙ طبقي جي آهي. حضرت امام الهند شاهه ولي الله دهلوي پڻ زمينداري نظام کي ناپسند ڪيو، ڇاڪاڻ ته هن سمجهيو ته ان سان انسان ذات ۾ تفريق ۽ تضاد پيدا ٿئي ٿو. مولانا عبيدالله سنڌي اسلامي تعليمات جو شاهڪار عالم ۽ شاهه ولي الله جي فلسفي جو وڏو ڄاڻو هو، جيڪو پنهنجي تصنيف “حجة البلاغا” ۾ لکي ٿو:
“اسين امام حنيفه جا پوئلڳ آهيون، جنهن زمين جي ليز/ مسواڙ جي منع ڪئي آهي. ان جي حڪم مطابق ته ماڻهو پاڻ وٽ اوتري زمين رکي، جيتري هو پاڻ لاءِ کيڙي سگهي. درحقيقت سچ هي آهي ته زمين ليز ڪرڻ جو نظام ناانصافيءَ تي ٻڌل نظام آهي ۽ زميندار ان ملڪيت ۾ واڌارو ڪندو رهي ٿو ۽ غريب هارين کي گڏهن ۽ ڍڳين وانگر وهائي ٿو. هنن کي نه پاڻ تي رحم آهي ۽ هارين کي بک ۾ مارين ٿا.” (فلسفهء عمرانيت و معيشت، صفحو 18)
عراق جي فتح وقت، هڪ نئين تضاد/ بحران جنم ورتو ته فتح ڪيل زمين جو ڇا ڪجي. غازين چيو ته زمين کي انهن ۾ جنگ جي ٻوٽي سمجهي ورهايو وڃي، پر حضرت عمر انڪار ڪيو ته هارين کي زمين تان بيدخل نه ٿو ڪري سگهجي ۽ بعد ۾ زمين کي “وقف” ڪري، عام مسلمانن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪتب آندو ويو.
امام ابو يوسف جو ان زمين جي ڏس ۾ هاڪاري نقطهء نظر هو ته زمين کي مسواڙ/ ليز تي ڏنو وڃي. هو خليفي هارون الرشيد جو چيف/ وڏو منشي هو. هن جي ئي (هارون الرشيد جي) زماني ۾ عباسي خلافت جو زوال شروع ٿيو ۽ اهو ممڪن نه آهي ته امام يوسف زمين جي مسواڙ تي ڏيڻ جي مخالفت ڪئي هجي. هن جي استاد امامِ اعظم قرآن شريف جي حڪم مطابق هو. دراصل امير معاويه کان پوءِ سڄي تصوير تبديل ٿي ويئي، جڏهن سرمائيداري ۽ سامراجيت مسلم سماج ۾ نئين روح سان داخل ٿي. زمين جي ملڪيت متعلق امام الهند شاهه ولي الله پنهنجي عظيم ڪتاب “حجة البلاغا” ۾ لکي ٿو:
“ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سڄي ملڪيت ڪنهن جي نه پر خداجي آهي، پر جيئن خدا حڪم ڪيو آهي ته ان کي پيداوار لاءِ استعمال ڪجي، پر ماڻهو لالچي آهن (جيڪي ان ملڪيت ۾ واڌارو ڪن ٿا.) تنهن ڪري هي قانون ٺاهجي ٿو ته، جيڪو شخص سڀ کان پهرين زمين تي مالڪيءَ ۾ آهي، ان کي اتان بيدخل نه ڪجي. شرط آهي ته اهڙي مالڪي ڪنهن ٻئي جو نقصان نه ڪري. زمين اهڙي جڳهه آهي جهڙي رهڻ جي جاءِ يا مسجد، جيڪا سڀني لاءِ کليل ۽ برابر آهي. اها ان جي آهي، جنهن جي سڀ کان اڳ ان تي مالڪي آهي. (ان مان صاف ظاهر آهي ته جيڪو شخص ان تي پنهنجي مالڪي ۽ جڳهه ٺاهيندو، اُهوئي ان تي اختيار رکي سگهي ٿو ۽ نه ڪي ٻيو.) زمين تي مالڪيءَ جو مطلب آهي ته ان کي ان جي استعمال ۽ وسيلن مان فائدا وٺڻ جا حق آهن.
شاهه ولي الله جي پٽ امام عبدالعزيز پنهنجو رايو ڏيندي زمينداري نظام جي “فتوى عزيزي” ڪتاب (جلد پهريون) ۾ مخالفت ڪئي آهي. هن جو رايو آهي ته زمين هندوستان جي سمورن مسلمانن جي ملڪيت آهي ۽ اها مسلمانن جي (بيت المال جي) امانت آهي. اُها ڪنهن به شخص جي ذاتي ملڪيت نه آهي ۽ نه ئي ڪنهن زميندار جي، جيڪي ان جا منتظمين ٿيا هلن ٿا. مسلمانن جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته مسلمان حڪمرانن پنهنجي سڄي شهنشاهت کي دنيا ۾ ڦهلايو، سڄي دنيا جي آبادگارن ۽ هارين جون دليون کٽيون ۽ جاگيردارن جي قلعن کي ڊاٺو. حضور صلعم جي وفات کان هڪ صدي پوءِ اسلام سڄي ايشيا، آفريڪا ۽ يورپ ۾ ڦهليو. رومي ۽ فارسي شهنشاهتون حضرت عمر جي زماني ۾ اسلام جي فتحن اڳيان نه بيهي سگهيون. اهو ڇا جي ڪري ۽ ڪهڙن سببن جي ڪري ٿيو؟ هڪ وڏو دليل اهو آهي ته اهو سڀ ڪجهه حضور صلعم جي تعليمات جي ڪري ٿيو. توڻي جو اهي تعليمات رڳو ڏهن سالن ۾ هيون. انهن تعليمات نسلي نفرتن ۽ سماجي براين جي زهرن کي پاڙان ختم ڪيو ۽ خاص ڪري، اها حقيقت آهي ته ان يورپ ۾ جاگيرداريءَ جي زهر کي ختم ڪيو ۽ عملي طرح آبادگاريءَ ۽ هارين کي هٿي وٺرائي.
امير علي پنهنجي ڪتاب “ساراسين جي تاريخ” ۾ مسلمانن جي فتح ۽ اسپين جي حڪومت متعلق هيئن لکي ٿو:
“مسلمانن جي فتحن جي نتيجي ۾ سڀ کان وڏو فائدو سرويل(غلام) طبقن کي هيئن پيو ته هنن کي هيستائين،بار ڍوئڻ جي رڇن ۽ ڍڳن کان به بدتر سمجهيو ويندو هو، هاڻي هنن کي پنهنجي انسان ٿيڻ جو احساس ٿيو آهي. غلام ۽ ٻانها، جيڪي وڏين جاگيرن ۾ لوڙيندا هئا، جڏهن مسلمانن جي هٿ چڙهيا ته هنن انهن کي هارين ۾ بدلائي پنهنجي زندگي پاڻ زمين تي گذارڻ لاءِ ڇڏي ڏنو. زمين عملي طور ڄڻ ته انهن جي هئي.”
جڏهن حضرت عمر جي ڏينهن ۾ فارسي شهنشاهت مسلمانن جي هٿ چڙهي، تڏهن حضرت عليءَ جي چوڻ تي عام راءِ جي هڪ تمام وڏي سروي ڪئي ويئي. سمورن هارين تان ڳري پورهئي جو بار گهٽايو ويو، انهن کي زمين جو مالڪ بڻايو ويو، زمين جي وڪري تي مڪمل پابندي لڳائي ويئي ۽ بيدخليءَ خلاف قانون کي مضبوط ڪيو ويو.
حضرت عمر متعلق ڳالهائيندي، امير عليءَ چيو:
“هن قسم جي دورانديشي بعد وارن حڪمرانن ۾ هئڻ گهربي هئي. هن کي احساس ٿيو ته شهنشاهت جي مضبوطي ۽ مادي ترقيءَ جو دارومدار ۽ خوشحالي زرعي طبقن جي خوشحالي آهي. اهڙا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ زمين جي وڪري تي ۽ مالڪيءَ تي فتح ٿيل ملڪن ۾ پابندي هڻن. ان کان به وڌيڪ فاتح عربن جي اڳرائيءَ تي هن چيو ته ڪوبه ساراسين لوڪل ماڻهن کان زمين خريد نه ڪندو. (57) فتح ڪيل ملڪن ۾ انتظامي معاملن ۾ هارين جي ڀلائي، واپار ۽ ترقيءَ تي مسلسل زور ڏنو ويو.