باب ٽيون: زمين فقط بي زمينن لاءِ
مٿيون بيان اڪثريتي ڪميٽيءَ جو اظهار آهي ۽ آئون ان ڳالهه سان متفق آهيان. لارڊھيسٽنگ اهڙو ئي فيصلو زميندارن متعلق هيٺين لفظن ۾ ڏنو.
زميندارن سمورن بي زمين طبقن کي پوري صوبي ۾ پنهنجي بالادستيءَ هيٺ رکيو آهي ۽ اهو به تمام ڏکوئيندڙ ۽ استحصالي ۽ جبر جي حالتن ۾، ان عهد سان ته اسين انهن کي اهڙين حالتن مان آزاد نٿا ڪري سگهون.
اسين جيڪڏهن زرعي مزدورن جي ڀلائي ۽ سڌارا نه ٿا ڪري سگهون ته اسان وٽ هڪ حل آهي، جيڪو آهي اپائيندڙن کي زمين تي آزاداڻو حق ڏجي ۽ کين مالڪي ڏجي، جنهن جو مطلب زميندارن کان زمين کسجڻ ٿيندو. هن جو مطلب ٿيندو ته اهڙي عمل سان قوم زميندارن جي تجربي مان فائدو نه وٺڻ جو نقصان ڪندي، ڇاڪاڻ ته زميندارن کي زرعي فارم سنڀالڻ جو وڏو تجربو آهي. هنن جي زمين سنڀالڻ جي خاصيت مٿين سٽن ۾ واضح ڄاڻايل آهي، جيڪا سمورين حالتن ۾ نقصانڪار آهي. اها اسان لاءِ خوش قسمتي ٿيندي ته کانئن مڪمل طرح سندن تجربي ۽ صلاحيت مان يڪسر جان ڇڏائي وڃي. ان سان گڏوگڏ، انهن کان زمين واپس وٺڻ جو مقصد چند هزار زميندارن جي تجربي وڃائڻ جو نقصان ٿيندو. جڏهن ته اسين تجربو حاصل ڪنداسين ته 20 لک هارين جي دلچسپي وڌندي ۽ هو جلدي پنهنجي نئين حاصل ڪيل زمين جو خيال رکندا.
آئون ايئن نه ٿو چوان ته هڪدم ۽ مڪمل طرح زميندارن مان جان ڇڏائي وڃي. انهن لاءِ هڪ مناسب زمين جي ايراضي ڏني وڃي، جتي هو پنهنجي تجربي ۽ صلاحيت جو ڀرپور استعمال ڪري سگهن.
آئون هڪ دفعي تر جي هڪ زميندار سان گڏ شڪار تي ويس. اسان سان ڪجهه هاري دشمن/ هاري مار ماڻهو به گڏ هئا. شڪار کان پوءِ آئون هارين سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لڳس ۽ کانئن زميندار بابت سوال ڪرڻ لڳس. زميندار اسان سان گڏ ويٺو هو. انهن مان ڪن نااميديءَ واري مُرڪ سان جواب ڏنو ته هو تمام سٺو ۽ شفيق پيءُ جهڙو آهي. جڏهن ته ٻيا هاري خاموش رهيا. مون کانئن پڇيو ته ڇا هو هميشه هاري رهڻ پسند ڪندا يا پنهنجي زمين هئڻ کي پسند ڪندا، جيڪڏهن حڪومت کين زمين ڏيڻ جو ارادو ڪري. اهڙي سوال جي جواب ۾ هڪدم ۽ گڏيل وڏي آواز ۾ جواب آيو ته اوهه، ها! اسان پسند ڪنداسين ته اسان کي پنهنجي ملڪيت هجي. ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي چڱي ڳالهه ٿي سگهي ٿي. مون کين خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اوهان کي پنهنجي زمين ملي ۽ پوءِ زميندار کي ڇڏڻو پيو ته پوءِ هنن کي مختلف وقتن تي زميندار جي ڏنل قرضن ۽ مدد تان هٿ کڻڻو پوندو. هنن جواب ڏنو ته هو ان ڏس ۾ ڪابه مدد نه وٺندا. جيڪڏهن کين پنهنجي زمين هوندي ته هو ڪنهن جا به محتاج نه هوندا. پوءِ مون کانئن سوال ڪيو ته هو ڇا پسند ڪندا ته حڪومت زميندار کان زمين کسي هنن ۾ ورهائي ڇڏي. توڻي جو سندن چهري جا تاثر هاڪاري جواب جهڙا هئا، پر زميندار جي خوف سبب هنن رڳو ايترو چيو ته، “اهڙو معاملو حڪومت جو آهي، ان ڏس ۾ اسين ڇا ٿا چئي سگهون.”
1947ع ۾ روينيو کاتي 24 هزار ايڪڙ سرڪاري زمين هڪ هزار آبادگارن کي هارپي لاءِ ڏني. ان جي چونڊ روينيو آفيسر لائڊ بئراج کي ڪرڻي هئي، جنهن سنڌ جو دؤرو ڪيو ۽ درخواستون وٺي، موقعي تي درخواست ڏيندڙن کي زمينون الاٽ ڪيون. هن نوابشاهه ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪيمپ قائم ڪئي، جيڪا صبح کان شام تائين هلندي هئي، جنهن ۾ هزارين هاري شريڪ ٿيا. ان کان اڳ ۾ ڪنهن آفيسر جي ڪيمپ ۾ ايترا هاري گڏ ڪونه ٿيا هئا يا ڪڏهن ڪنهن درٻار يا سياسي جلسي ۾.
هارين جو ايڏو وڏو تعداد، ضابطي جي ڀڃڪڙي ڪري، ڪيترائي هزارين هاري باغيچي ۾ ڪاهي روينيو آفيسر جي ڪمري تائين پهچي ويا. اهڙا جهڙا بکيا ماڻهو کاڌي تي ڪرن. روينيو آفيسر کي پوليس جي مدد وٺڻي پيئي. انهن کي هڪ مفاصلي تي رکڻ لاءِ هن اعلان ڪيو ته درخواستن جو گهربل تعداد ملي چڪو آهي ۽ ٻيون درخواستون نه ورتيون وينديون، پر ڪيترن ئي ڏينهن تائين هاري بنگلي جي چوڌاري چڪر لڳائيندا رهيا. روينيو آفيسر ٻڌايو ته هن کي 40 هزار درخواستون مليون آهن. درخواستن جو تعداد لکن ۾ هجي ها، جيڪڏهن هارپي جي خبر سمورن هارين تائين پهچي ها. اهو ممڪن آهي ته سمورن هارين کي خبر ئي نه پيئي هجي. هيٺيون حوالو سالياني رپورٽ جيڪا نذير احمد آءِ- سي- ايس جي روينيو آفيسر لائڊ بئراج جاري ڪئي، جيڪا ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته زمين جي مالڪيءَ جي بک، چھرا ۽ تڙپ حاصلات لاءِ هارين وٽ آهي.
آئون حقيقي معنى ۾ جهڙوڪ هارين جي ڪٽڪن ۽ هجومن ۾ گهيرجي ويس. هاري جيڪي هارپ ڪرڻ لاءِ آتا هئا. درخواستن جي تعداد کي ڏسي اندازو لڳائي، ڪجهه سيڪڙو درخواستن جي چونڊ ڪئي ويئي، انهن هزارين هارين منجهان، جيڪي مون واري ڪيمپ تي زمين حاصل ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هاري سجاڳ آهي ۽ انتهائي منتظر آهي ته هن جي ڪمتر ۽ غير محفوظ هارپي جي حيثيت ۾ ڪا تبديلي اچي ۽ هو زمين جي ڪنهن مناسب ٽڪري جو مالڪ ٿئي.
هارين جون فريادون ۽ شڪايتون ڪهڙيون آهن، انهن جي جاچ پڙتال ٿيڻ گهرجي. هن جي وڏي ۾ وڏي شڪايت غير محفوظ ۽ بي يارو مددگار هجڻ ۽ بي زمينيءَ جو احساس آهي. ان جو ڪو فائدو ئي نه آهي ته هڪ بيمار جي تڪليف جو اندازو ان جي رت ٽمندي حالت مان لڳائجي.
هاريءَ جو رت وهي پيو ۽ هو نسلن کان رت ڳاڙي پيو. هن کي پنهنجي اباڻي مٽيءَ مان حصو ملڻ سان هن جي تڪليفن، ارمانن، سورن ۽ آزاديءَ جيسرآب۽پيڙا مان آزاد ڪرائي سگهجي ٿو. هڪ مستقل گهر، جيڪو هن کي هيڻي حالت ۾ ٽيڪ ڏيئي، تنهن ڪري ان جي وڏي ۽ اهم طبقاتي حيثيت کي هن جي پيڙا مان ٻاهر ڪڍي هن کي هڪ مضبوط، سک ۽ نئين اهليت، آزادي ۽ ڇوٽڪارو ڏيندو. اهو ضروري آهي ته هرهڪ هاري ۽ کيڙيندڙ کي پنهنجي زمين جي مالڪي هجي ۽ هو ئي ان جو ڌڻي ۽ مالڪ هجي، جنهن تي هو پوکي ڪري سگهي ۽ ان تي گذران ڪري ۽ رهي سگهي. جيڪي هاري ٿوري زمين خريد ڪري آبادگار ٿيا ويٺا آهن، اهي خوشحال آهن. ڪنڊيارو تعلقي ۾ ٿوريون زمينون هوندي پاڙيسرين جي مقابلي ۾ ڪيترائي آبادگار بهتر حالتن ۾ رهن ٿا. ڪيترائي دفعا منهنجو ان پاسي وڃڻ ٿيو آهي ۽ مون ڏٺو آهي ته هو سخت محنتي آهن ۽ پنهنجي زمين جي خاص سار سنڀال رکن ٿا. هي پاڻ کي انسان سمجهن ٿا. ڪنهن به ماڻهوءَ کان کين خوف ڪونهي ته کين ڪوئي بي دخل ڪندو، جيستائين هو محنتي معنى ۾ سرگرم آهن، اهو گهرن ٿا، تنهن ڪري هنن جو هرهڪ قدم بهادر قدم آهي ۽ هو اوهان ڏانهن هڪ تازي هوا جي جُهوٽي وانگر پاڻ کي آزاد انسان محسوس ڪن ٿا. اهڙيءَ طرح شهدادڪوٽ تعلقي (ضلعي لاڙڪاڻي) ۾ هاري آبادگار مسٽر پيرس، آءِ- سي- ايس پنهنجي زباني ثبوت آهر ڪميٽيءَ اڳيان چيو ته آبادگار هارين کان بهتر آهن. انهن جي سراسري اُپت وڌيڪ آهي. اهڙو ثبوت زباني طرح پرڳڻي سنڌ ۾ آهي. آبادگار هڪ مضبوط ۽ خوشحال انسان آهي. هاريءَ مٿان قرض جو بار ڪو ايڏو وڏو نه آهي. هينئر جنگ جي شروع واري زماني ۾ گهڻن هارين پنهنجا قرضِ ادا ڪري ڇڏيا آهن ۽ وڌيڪ زمينون خريد ڪيون آهن، جڏهن ته غريب هارين کي گهٽ فائدو مليو آهي، ڇاڪاڻ ته اوڙي پاڙي جا زميندار ساڻن ڏاڍايون ڪن ٿا، انهن جو پاڻي بند ڪن ٿا، ننڍن ۽ غير ضروري معاملن تي جهيڙو ڪن ٿا ۽ آبادگار مسلسل زميندار جي ڌمڪين کان ڊنل آهن ۽ هو پاڻ کي آبادگار بدران ٻيهر هاري ٿيڻ لاءِ سوچين پيا.
نذير احمد، آءِ- سي- ايس، جنهن کي حڪومت ڪالونائيزيشن اسڪيم تي تحقيق لاءِ مقرر ڪيو، هن پنهنجي نوٽ ۾ هيئن لکيو آهي:
خوشحالي ۽ سڪون تقريباً سمورن هارين جي ڳوٺن ۾ نظر ايندو، جتي جتي مون دورو ڪيو، پر جتي زميندارن جا هاري رهندا هئا ۽ انهن سرمائيدارن جي وچ ۾ جن نيلام ۾ زمينون خريد ڪيون هيون، اتي هڪ خاص قسم جي درجابندي واضح ڏسڻ ۾ آئي. مختصر اهو ته جتي جتي ماڻهن کي محفوظ زمينون هيون، اتي اپت وڌيڪ هئي ۽ جتي زمين هارپي تي هئي، پيداوار ۽ ڳوٺ ۾ بدحالي، غربت ۽ سڪي ويل هاري ۽ عام طور زندگي ۽ مادي حالتون پوئتي پيل ملڪ جو ڏيک ڏيئي رهيون هيون. هارين جي ڳوٺن ۾ شين جي نوعيت ئي مختلف هئي. مون ڏٺو ته ڪيترائي گهر صاف سٿرا، شين سان ڀريل، زمين سنواريل ۽ عام خوشحال، تعاون ۽ سماجي طرح پراعتماد هئا.
پنهنجي هارين لاءِ عام راءِ ڏيندي نذير احمد لکي ٿو ته، زمين جو معيار پنجاب ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سنڌ جي ڀيٽ ۾ اوچو آهي، ان کي خاص طور صنعت ۽ واپاري خاصيتن سان ڀيٽ ڪري سگهجي ٿي. پنجاب جو آبادگار گهڻي ڀاڱي ننڍو پاڻ ڀرو آبادگار آهي، جنهن کي زمين جي استعمال ۽ خيال جي ڄاڻ آهي. پنجاب جي آبادگار کي پاڻيءَ جو قدر آهي ۽ ان جي استعمال ۽ فائدن جي ڄاڻ پڻ آهي. ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳايو ته سنڌ جي ڀيٽ ۾ پنجاب ۾ پاڻيءَ جي کوٽ معمولي ۽ شڪايتون گهٽ آهن. پوکيءَ جي طريقن ۾ ڪافي علائقن ۾ بهتري آئي آهي ۽ توقع کان مٿي آهي. اپائيندڙ کي خبر آهي ته فصل جي منصوبابندي ڪيئن ڪجي ۽ 100 سيڪڙو ايراضيءَ کي ڪيئن آباد ڪجي. مون کي ٻڌايو ويو ته تقريباً 100 سيڪڙو ايراضي ساليانو استعمال هيٺ آهي. توڻي جو مالڪن ڪجهه هاري به رکيا آهن، پر هنن هارين جي صلاحيتن جي ڪابه شڪايت نه ڪئي. اهو ان ڪري به سڄو نه پر ڪنهن حد تائين آئيني فوقيت جي ڪري آهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته پنجاب جو هاري قانوني بيدخلين ۽ هيسائڻ کان بچيل آهي. ڇاڪاڻ ته خاص ڪري اهم ڳالهه هيءَ آهي ته هن کي بٽئيءَ ۾ اڌ حصي جي حصيداري آهي، جيڪا هن کي ذميواري، سخت محنت، جذبي ۽ زمين جي سار سنڀال ڏانهن ڌڪي ٿي.
سئزرلينڊ ۾ هرهڪ هاريءَ کي زمين مليل آهي، جنهن تي هو پوکي ڪري ٿو. نتيجي طور اتان جي هڪ تحقيق سسمنڊيءَ جي سياسي معيشت مان هڪ حوالو ڏيندي هت لکجي ٿو:
اهو سئزرلينڊ مان اسان زرعي عمل سکيا آهيون، جتي هرهڪ ماڻهو ان جو ڦل کائي ٿو ۽ ڪافي حد تائين پرسڪون آهي. وڏي آباديءَ لاءِ هن جو هي آزاد ڪردار، هن جي آزاد حيثيت ۾ تجارت ۽ کپت جي ڪري آهي ۽ ان جي ان حيثيت جي ئي ڪري ملڪ جي ٻين رهواسين جي زندگي پرسڪون آهي. توڻي جو ملڪ جي آبهوا سخت ۽ چيڙاڪ آهي. مٽي وچ ٿري زرخيز آهي. اتي گهڻي ٿڌ ۽ موسمن جي ڪري آبادگارن جون گهڻي ڀاڱي اميدون ضايع ٿي وينديون آهن. انهن غريب هارين جي ٺهيل ڪاٺ جي گهرن جي تعريف ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. ڪيترا ڪشادا، اندران بند ۽ خوبصورت محرابن سان جڙيل آهن. اندر اڱڻ مان ٿيندو ڪمرن ڏانهن وڃجي ته هڪ سمهڻ وارو ڪمرو، جنهن ۾ پردا لڳل، خاصو فرنيچر، اڇيون چادرون، ترتيب سان رکيل ڪٻٽ ۽ ٻيو فرنيچر، کير مان ٺهيل گهڻيون شيون، ڪشاديون دريون، زبردست صفائي ۽ ساڳئي وقت گهر ۾ مڪئي، گوشت، نمڪين گوشت،چيز(مکڻ)، ڪاٺيون، ٻارڻ ۽ يورپ جا تمام ڀلا ڍڳا، گلن سان سنواريل باغيچو وغيره. ٻئي مرد ۽ عورتون صاف سٿرو لباس پائي، گرم ڪپڙا اوڍي، پنهنجن چهرن مان صحت ۽ طاقت جو ڏيک ڏيندا.
جرمنيءَ جي آبادگارن پڻ اهو ثابت ڪيو آهي ته صنعت ۾ مضبوط ارادي سان هڪ آزاد، نجي ۽ ٿوري زمين جي مالڪيءَ سان شاندار نتيجا ڏيئي سگهجن ٿا. مسٽر وليم هوودِ پنهنجي ڪتاب “Rural and Domestic Life In Germany” ۾ ريھنيش)علائقو(هارين سان ڳالهائيندي ٻڌائي ٿو ته:
”هاري هن ملڪ ۾ هڪ مستقل ۽ عظيم هستيون آهن. اهي هن ملڪ جي وڏي آبادي آهن، ڇاڪاڻ ته هو پاڻ ملڪيت جا مالڪ آهن. هي هاري هميشه اسان سان گهڻي ڀاڱي ان ڪري گڏ نه هوندا آهن جو هو گهڻي ڀاڱي زمين کان پري جتي هو پوکي ڪندا هئا، جيڪا زمين هو کيڙيندا هئا ۽ هينئر ان جا پاڻ مالڪ آهن. اُهو شايد ان ڪري آهي جو هو دنيا ۾ تمام گهڻا محنتي ۽ لائق هاري آهن. هو صبح جو سوير پورهيو ڪن ٿا ۽ شام تائين ڪن ٿا. هو سمجهن ٿا ته پورهيو هو پاڻ لاءِ ڪن ٿا. جرمن هاري سخت محنت ڪن ٿا، پر ڪنهن شيءِ جي گهر نه ٿا ڪن.’
هر ماڻهوءَ کي هڪ گهر آهي، هن کي هڪ باغ آهي. روڊ جي پاسي ۾ وڻن جي ڇانوَ آهي، جن وڻن مان هو خاصو ميوو حاصل ڪن ٿا ۽ جنهن کي هو ضايع ٿيڻ نٿا ڏين. هو پنهنجي قسمت جو پاڻ مالڪ آهي ۽ هن جي هرهڪ خاندان ۾ سخت محنت جو جذبو آهي. هنن جي اڻ کٽ محنت جو نتيجو ڏسي سگهون ٿا ته سڄي دنيا هن جي محنت ۽ معيشت جي ڪري وڌي ويجهي ٿي.
مشهور ليکڪ آرٿر پنگ ثبوت ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڏيئي ٿو ته هارپ کان مالڪي بهتر آهي، هر سماجي، معاشي ۽ اخلاقي برتريءَ کان. هو چوي ٿو:
اهو ضروري آهي ته پڙهندڙ جي دماغ ۾ اها ڳالهه ويهارجي، ته جتي جن علائقن مان منهنجو گذر ٿيو يا ماڻهن سان ملڻ ٿيو يا ملڪيتون ڏٺم، اهي ايتريون ته خراب هيون جيتريون سوچي سگهجن پيون، پر ان جي مالڪي ايتري ته منجهيل، نه سمجهه ۾ ايندڙ ۽ ٻئي پاسي زبردست، معياري ۽ تعريف جوڳي هئي.
ثابت ڪرڻ لاءِ اهو ڪافي هو ته زمين جي مالڪي ٻين سمورن عنصرن کان، سڀ کان وڌيڪ ڦڙت، همٿائيندڙ ۽ جذبو ڏياريندڙ هئي، سخت پورهئي لاءِ. ۽ اهو سچ ايترو ته طاقتور هو، جنهن ان ڳالهه کي ممڪن بڻايو ته پوکيءَ لاءِ جبل تي چڙهي ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن کي همٿائي زمين جي مالڪي ورتي ويئي. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته لينگ ڊاڪ جي جبلن ۾ زمين کي ٽڪرن ۾ ورهائي، پٺيءَ تي مٽي کڻي، جبلن تي چڙهي ان کي کيڙيءَ لائق بڻايو، جتي فطرتي طور ڪا پوک ٿيڻي ئي نه هئي.
سڄي دنيا جي مشاهدن ۽ زرعي ماهرن جي راءِ ۾ هڪ وڏو ثبوت هاڻي موجود آهي ته جتي جتي وڏين جاگيرن ۾ هارپي تي زمين اپائجي ٿي، اتي زمين ۾ پوکيءَ جو معيار، اڻ تڻ، غربت آهي. جڏهن ته زمين جيڪڏهن ڪٿي ڪو مالڪ کيڙي ٿو ته نتيجي طور سٺي صنعت، اضافي اپت ۽ پيداواري صلاحيت ۽ سڪون ۾ اضافو ٿئي ٿو.
آبهوا، مٽي، تهذيب ۽ مختلف حڪومتن ۾ ٻنهي زمينداري ۽ زمين جي ننڍي مالڪيءَ واري نظام ۾ ڪنهن خاص قسم جي ڪا تبديلي آئي هجي، پر ان جي فرق جي ڊگري وڌي آهي.
زمين تي مالڪيءَ جو احاس هاريءَ جي ڄائي ڄم کان حق آهي. جيڪي حق هن کي برطانوي شهنشاهت جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ حاصل هئا. هندوستان جو “روتواڙي” سرشتو هندو ۽ مسلم زمين جا ننڍا مالڪ هئا. آئينِ اڪبريءَ ۾ زميندار کي فقط شاهي جاگيرن تان ڪليڪٽر جو عهدو مليل هو. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي هڪ رپورٽ جي فهرست لکيل آهي. ان ۾ زميندار کي هڪ آفيسر لکيل آهي. ۽ هو محمدن حڪومت هيٺ ۽ هن کي قانون هڻڻ ۽ عمل ڪرڻ لاءِ ضلعي سطح تي اختيار هلائي سگهي. پَـتِ جي انڊيا ايڪٽ ۾ روشواڙي کي زمين جي مالڪيءَ جو حق مليل آهي. هندوستان ۾ زرعي زمين کي هيئن ڪري پيش ڪري سگهجي ٿو:
1. ننڍا آبادگار يا هاري آبادگار
2. زمين تي لاڳو ٽيڪس حقيقي پيداوار جي حصي مان گڏ ڪيو وڃي.
ايسٽ انڊيا ڪمپني ٻنهي اصولن جي نفي ڪئي. انهن جو واحد مقصد ۽ ارادو هو ڪمپنيءَ لاءِ ڏوڪڙ گڏ ڪرڻ. زمين تي مالڪيءَ جا مسلمان ۽ هندو اصول، جيڪي واضح چون ٿا ته زمين ان جي ملڪيت آهي جيڪي ان کي کيڙين ٿا. نون حاڪمن انهن کي پاسيرو ڪري ڇڏيو. اهي اڄ اهو چاهين ٿا ته کين نقد ناڻو ۽ فائدو ملي. انهن جو وڏي ۾ وڏو مفاد آهي ناڻو ۽ پئسو ڪمائڻ. ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ رويت زمينن کي تحويل ۾ وٺي انهن کي وڪري لاءِ وڏي واڪ ڏيندڙن کي وڪڻي ڇڏيائون. انهن اهو به نه ڏٺو ته رويتواڙي زمينون ڪن اصل رهاڪن (انڊيا پِـت قانون) ۽ ديسي مالڪ جي نه هجي. انڊيا جي پِت واري ايڪٽ کي ڄڻ ته هڪ ڌڪ سان غلاميءَ ۾ بدلائي ڇڏيو. اهڙيون زمينون ڄڻ ته هٿ ۽ پير هئا، جيڪي رت وهائيندڙ قانون جي آڙ ۾ ظالم زميندارن جي رحم ڪرم تي ڇڏيا ويا.
لارڊ ڪارنيوالس جي مستقل سيٽلمينٽ:
1793ع جي اصل اپائيندڙن جي حالت ۾ تبديلي آڻي، هارپ ۾ تبديل ڪري زميندار حوالي ڪيو ويو. زميندارن کي هارين کي بيدخليءَ جو ڄڻ ته پروانو ملي ويو، جن بي رحميءَ سان بيدخليون ڪري ڪنهن تي به رحم نه ڪيو. رياست کي مجبوراً مداخلت ڪرڻي پيئي، ته جيئن زميندار جي ملڪيت کي بچائي سگهجي ۽ ايئن مالڪيءَ کي زمين جي مدي، مسواڙ ۽ ٽيڪس جي غير قانوني اوڳاڙيءَ کي روڪجي.
رينٽ جي فرسٽ رينٽ ايڪٽ 1859ع ۽ ٽيننسي ايڪٽ 1885ع ۾ ايسٽ بنگال ۾ ان پاليسيءَ جي شروعات ٿي. ڪجهه هارين کي حق ڏنا ويا. انهن کي بي جا بيدخلين مان ڇوٽڪارو مليو. ڪجهه حق 1928ع جي ايڪٽ ۽ ڪجهه 1938ع جي ايڪٽ ۾ مليا. اهڙيءَ طرح 1859ع جي آخر ۾ ان ڏس ۾ سڌارا آيا ته جيڪو هاري ڪنهن زمين تي 12 سال ڪم ڪندو، ان کي ان زمين تي رهڻ جو اختيار هوندو.
ڪجهه وڌيڪ قانون 1921ع ۽ 1926ع ۾ نافذ ڪيا ويا، جن ۾ هارين کي حق ڏنل هئا. اهي حق انهن هارين لاءِ هئا، جيڪي زميندار جي نجي زمين تي ڪم ڪندا هئا. اوڌ ۾ رينٽ ايڪٽ آف 1886ع ۾ اهڙا حق تسليم ڪيا ويا. يونائيٽيڊ پرڳڻي ۾ 1939ع ۾ اهڙو ايڪٽ پاس ڪيو ويو، جنهن ۾ آگره ۽ اوڌ وارا قانون ملايا ويا. ان ۾ سمورن هارين کي هارين مان بدلائي تاريخي هارين جو درجو ڏنو ويو ۽ ايئن ڇيڙ ۽ ابوابکي ختم ڪيو ويو. بنگال ۽ اڙيسا ۾ رويت ايڪٽ 1859ع ۽ بنگال ٽيننسي ايڪٽ 1859ع کي لاڳو ڪيو ويو. مدراس اسٽيٽ لينڊ ايڪٽ آف 1908ع ۾ هارين کي مستقل رهائش ۽ خانداني مالڪيءَ جا حق رويتواڙي زمين تي ڏنا ويا، جيڪي يا ته مالڪ هئا يا انهن لاءِ زميندار مڃيو ته اهي مالڪ آهن. ڪانگريس منسٽري 1935ع ۾ هڪ قانون ذريعي رويتواڙي واري زمينن تي حق قانوني طور تسليم ڪيا ويا.
مٿئين سروي ٻڌائي ٿي ته ٽيننسي قانونن ۾ سمورن صوبن ۾ هڪ ئي وقت ڪيترا سڌارا آيا. ان سموري لقاءَ ۾ جيڪي هارين جا طبقا پنهنجين زمينن جا مالڪ هئا يا تسليم ڪيل هاري هئا، انهن کي زندگيءَ لاءِ هارپي جو حق ڏنو ويو. عجب آهي ته سنڌ ۾ ان ڏس ۾ ڪو قانون ئي پاس نه ٿيو آهي، جنهن ۾ هارپي جا حق تسليم ٿيل هجن. حڪومت 19 جون 1949ع تي ٽيننسي ڪميٽي جوڙي، جنهن پنهنجي رپورٽ ۾ سفارشون مرتب ڪري حڪومت کي ڏنيون ته هارين جا حق ٽيننسي ايڪٽ ذريعي مڃيا وڃن. مون کي خبر نه آهي ته حڪومت ان ڏس ۾ هن وقت تائين اهڙو ڪو عمل يا فيصلو ڪيو هجي. 1947ع ۾ هڪ ٻي ڪميٽي قائم ڪئي ويئي، جنهن جو آئون به ميمبر هئس ۽ هن جا مول متا به مختلف هئا.
اڪثريتي رپورٽ،ٽيننسي ليجيسليشن ڪميٽيءَ جي سفارشن کي رد ڪيو ۽ ان جا سبب ڄاڻائيندي چيو ته هارين کي مستقل هارپي جو حق ڏيڻ وارو فيصلو ڳوٺاڻي زندگي ۽ معيشت تي اثرانداز ٿيندو، هارين جي زندگيءَ جي معيار تي ڪو فرق نه پوندو ۽ زراعت جي معيارن ۾ ڪا واڌ نه ايندي.
مسٽر ديال مل ان تي “اختلافي نوٽ” لکيو، اڪثريتي ڪميٽيءَ ان جي تائيد ڪئي. هن نوٽ ۾ اهي سڀ عذر ۽ دليل پيش ڪيا ويا، جيڪي هارين کي ٽيننسي حق ڏيڻ جي خلاف هئا. هڪ وڏو متضاد دليل، جيڪو اڪثر ورجايو ويندو آهي، سنڌ جي حالتن ۾ ته سنڌ هندوستان جي ٻين صوبن کان مختلف آهي، ڇاڪاڻ ته ٻين صوبن ۾ ٽيننسي قانون موجود آهن. منهنجي جاچ مان اهڙي فرق جي وضاحت ٿئي ٿي ته ان ۾ مختلف شيءِ ڪهڙي آهي. حقيقي ۽ سچي حقيقت هيءَ آهي، هي دليل مڙوئي لنوائڻ آهي. حقيقت ۾ هارين جي سنڌ ۾ يا ٻي ڪنهن جاءِ تي حالت ڪا مختلف نه آهي.
زمين، پاڻي ۽ انسان هر جاءِ تي ساڳيا آهن، پر بٽئي سسٽم سڄي برصغير ۾ آهي، سواءِ سنڌ جي. جيڪي اعتراض ٽيننسي ليجسليشن ۾ اڪثريتي رپورٽ اٿاريا ۽ جيڪو اختلافي نوٽ مسٽر ديال لکيو، سي عام اعتراض هئا جيڪي قانونسازي ڪندڙن کي مختلف صوبن ۾ ٽيننسي ايڪٽ لاڳو ڪرڻ وقت سامهون آيا هئا ۽ اهڙن اعتراضن جي ڪا خاص اهميت ڪونه هئي. سنڌ ۾ هارين کي ٿوريون رعايتون ڏيڻ لاءِ به اسان کي اجازت نه هئي، جيڪي رعايتون ٻين صوبن 75 سال اڳ ڏنيون هيون. انهن ماڻهن جو ٽيننسي قانونن ڏانهن ردعمل اهڙو هو جو ٻين قانونن، جهڙوڪ: هارين جي باغن ۽ فارمن جي زميندارن پاران استحصال روڪڻ واري قانونسازيءَ کي به ٻنجو اچي ويو.
ٽيننسي ايڪٽ جيڪي هارين جي فائدي ۽ تحفظ لاءِ ٺاهيا ويا هئا، اهي هندوستان جي ٻين علائقن ۾ به ناڪام ٿيا. توڻي جو تمام ٿوري تعداد ان قانون مان فائدو حاصل ڪيو. زميندارن غير قانوني ابوابهڻي ڇڏيا ۽ متاثرين ۾ ڪا اهڙي سگهه نه هئي جو قانون سان مهاڏو اٽڪائين. قانون زميندارن جي چوڌاري اڻيل آهي، جن هر ڀيري، هر زمين جي ليز ۽ واڌاري، رينيولکي تحفو ڪري ورتو آهي. بهرحال، حڪومتن هارين جي ڀلائيءَ جي ڪوشش ترڪ نه ڪئي آهي. مختلف وقتن تي قانونسازي ٿيندي رهي آهي ۽ ترميمون ٿينديون رهيون آهن، ته جيئن قانوني نقصن کي ٺيڪ ڪري سگهجي. اهو عمل وڏي عرصي کان جاري آهي ۽ هينئر هندوستان جي سمورن صوبن ۾ رائج آهي ۽ ڪجهه پاڪستان جي حصي ۾ آهي. پاڪستان کي احساس آهي ته مسئلي جو حل ٽيننسي قانونسازيءَ ۾ نه آهي، تنهن ڪري عام راءِ هيءَ آهي، هر طرف نوٽ طلب آهي ۽ مطالبو آهي ته زمينداري سرشتي کي ئي ختم ڪيو وڃي. اڪثريتي رپورٽ، توڻي جو ان ڳالهه کي مڃي ٿي ته هارين کي زمين تي غير محفوظ يا تحفظ نه هئڻ هنن جي بدحاليءَ جو وڏو ڪارڻ آهي، پر ان کي اڃان تائين مستقل حق مڃي وٺڻ سان ان مشڪل جو حل نه نڪرندو.
ڪجهه اقليت زميندارن جي آهي، جيڪي هارين کي پنهنجو غلام سمجهي انهن تي فرمانبرداريءَ لاءِ حڪم هلائين ٿا. اهڙا سڀ حڪم غير انصافيءَ تي ٻڌل آهن. بيدخليءَ جو خوف هارين کي زميندار پاران تڙڻ جو زميندار جي خواهشن آهر تابع ٿيڻ ڪافي آهي. هارين کي اهڙين حالتن ۾ مستقل هارپي جو حق هئڻ گهرجي، ته جنهن زمين تي هو هارپو ڪري ٿو، ان تي ان کي ڪنهن به خوف کان سواءِپنهنجي زميندار جي حد مقرر نه هئڻ ڪري، هو ان حق تان رضاڪاراڻا طور دستبردار ٿئي ٿو.
مٿيون اڪثريتي تبصرو منهنجن خيالن سان ٺهڪي ٿو. هاريءَ پنهنجي ڪمزور پوزيشن ۽ حالت سبب پنهنجا مستقل حق، جيڪي قانون هن کي ڏنا آهن، سي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿئي ٿو، پر آئون حيران آهيان ته ڪميٽيءَ ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي، بٽئي نظام کي ريگيولر ڪرڻ جي سفارش مرتب ڪئي آهي. جيڪڏهن ٽيننسي حق ۽ زمين تي ڪم ڪرڻ جو حق حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهي، ته پوءِ اهو به ناممڪن آهي ته هاري پنهنجي ڪمزور حالت جي ڪري زميندار آڏو بٽئي نظام ۾ پنهنجن حقن جو تحفظ ڪري سگهندو ۽ اهو به تڏهن، جڏهن هاري پاڻ زميندار جي رحم ۽ ڪرم تي هجي.