زان پال سارتر

Author Name

مشھور فرانسيسي فلاسافر، ناول نگار ۽ سياسي ڪردار زان پال سارتر 21 جون 1905ع تي پيرس ۾ پيدا ٿيو. ھڪ سال جي عمر ۾ سندس والد وفات ڪري ويو ۽ سندس پالنا والدہ ڪئي، ناناڻي گهر ۾ ڪتبخاني ۾ سڃو ڏينھن سارتر ڪتاب پڙھندو رھندو ھيو ۽ مضمون لکندو ھيو. پيرس جي ھڪ اداري ۾ ھن فلسفي جي تعليم ورتي. ھو پڙھائڻ جي ڪرت سان لڳو پر ان دوران ھن مصر، يونان ۽ اٽلي جا دورا پڻ ڪيا. ٻي عالمي جنگ ۾ کيس جرمن فوج گرفتار ڪري قيد ڪيو. قيد مان فرار بعد ھن فرانس تي جرمن قبضي خلاف مزاحمت ۾ حصو ورتو. ھو ڪيترن ئي جديد فلسفن جو باني آھي. ھن ھڪ ناول، افسانا، اسڪرين ڊراما ۽ مضمون لکيا.  1964ع ۾ کيس ادب جو نوبل انعام مليو جيڪو ھن ٺڪرائي ڇڏيو. سارتر 15 اپريل 1980ع تي وفات ڪئي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي زان پال سارتر جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


زان پال سارتر جا ڪتاب

اندر جي اڇل، مصنف : زان پال سارتر

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
اندر جي اڇل
مصنف : زان پال سارتر
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ