ڀڳت سنگهہ

Author Name

برصغير جي آزاديءَ جو انقلابي هيرو، ڀڳت سنگهه پنجاب صوبي جي ضلعي لائل پور(فيصل آباد) جي ڳوٺ’بنگيانوالا/بنگاهه‘ ۾ 28 سيپٽمبر 1907ع تي ڄائو. سندس والد جو نالو ڪشن سنگهه ۽ ماءُ جو نالو ودياوتي هو. هن کي انقلابي ۽ ترقي پسند نظريا ورثي ۾ مليا هئا، ڇو جو هن جو پيءُ ڪشن سنگهه ۽ چاچو تحريڪ آزاديءَ جا سرگرم ڪارڪن هئا ۽ سندس ڏاڏو ارجن سنگهه پڻ ڀارت جي ’هندوآريا سماج پارٽي‘ جو رهنما هو.ڀڳت سنگهه پنهنجي عملي سياست جو آغاز 12 سالن جي عمر ۾ ڪيو.جڏهن سن 1919ع ۾ ويساکي جي موقعي تي انگريز سرڪار طرفان نافذ ڪيل رولٽ ايڪٽ (هن قانون مطابق ڪنهن به شهري کي مقدمو هلائڻ کانسواءِ حراست ۾ وٺي سگهجي ٿو) جي خلاف جليا نوالا باغ ۾ ٿيندڙ احتجاج ۾ ’جنرل ڊائر‘ احتجاج ڪندڙن تي گوليون هلائڻ جو حڪم جاري ڪيو، جنهن کانپوءِ ڏسندي ئي ڏسندي لاتعداد ماڻهو برطانوي پوليس جي گولين جو کاڄ ٿي ويا. انهيءَ واقعي کانپوءِ ڀڳت سنگهه انگريز سامراج خلاف زوردار آواز بڻجي اڀريو. سندس تحريڪ کي مضبوط ڏسي انگريزن کيس خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن صاف انڪار ڪيو. شروعات ۾ هي مهاتما گانڌي جو پيروڪار هو، پر جڏهن 20 فيبروري 1921ع تي ننڪانه صاحب گوردوارا ۾ بيگناهه انسانن جو قتل عام ڪيو ويو، تڏهن هن مهاتماگانڌي جي عدم تشدد تحريڪ کان علحدگي اختيار ڪئي ۽ هن جو مڃڻ هو ته گوليءَ جو جواب گوليءَ سان ڏجي. هي ’هندستان سوشلسٽ ريپبليڪن ايسوسيئيشن‘،’ڪيرتي ڪسان پارٽي‘ ۽ ’نوجوان ڀارت سڀا‘ نالي تنظيمن جو ڪارڪن پڻ رهيو ۽ انقلاب پسندن ۾ شامل ٿي تحريڪ آزاديءَ جو سرگرم ڪارڪن بڻجي ويو.1928ع ۾ برطانوي سائمن ڪميشن جي آمد تي لاهور ريلوي اسٽيشن تي تحريڪ آزادي ۾ شامل جماعتن احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙن تي برطانوي سينيئر سپرنٽنڊنٽ پوليس جيمس اسڪاٽ جي حڪم تي لاٺي چارج ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪيترائي ڪارڪن لاله لجپت راءِ سميت زخمي ۽ ڪجهه مارجي ويا. ان تي ڀڳت سنگهه پنهنجن ساٿين شورام راج گرو،سک ديو ۽ چندرشيکر آزاد سان ملي برطانوي پوليس اهلڪار جيمس اسڪاٽ جي قتل جو منصوبو جوڙيو، پر غلطيءَ ۾ جيمس اسڪاٽ جي جاءِ تي هن اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ پوليس ’سانڊرز‘ نالي ٻئي پوليس اهلڪار کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. ان کانسواءِ 8 اپريل 1929ع تي پنهنجي ساٿين سان ملي لاهور جي پنجاب اسيمبليءَ ۾ ’انقلاب زنده باد‘ ۽ ’جيئي هندستان‘ جا نعرا هڻندي ٻه بم جا ڌماڪا ڪيا. انهن ڪارروائين کانپوءِ برطانوي پوليس هن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻڻ شروع ڪيا ۽ آخرڪار هي پنهنجي ساٿين سميت ڪشمير بلڊنگ لاهور مان گرفتار ٿيو. ڀڳت سنگهه ۽ سندس ساٿي سک ديو تي 3 سال ڪيس هليو، آخرڪار ڀڳت سنگهه ۽ سندس ساٿي سک ديو کي ڦاسيءَ جي سزا جو حڪم ٻڌايو ويو ۽ 23 مارچ 1931ع تي هنن ٻنهي ديش ڀڳتن کي لاهور ۾ شاد مان چوڪ تي ڦاسيءَ ڏيئي. ستلج درياهه جي ڪناري تي ٻنهي جا لاش ساڙيا ويا، جتي بعد ۾ ڀڳت سنگهه جو يادگار قائم ڪيو ويو.(حوالا2-1)آزاد دائرة المعارف، وڪيپيڊيا 2) نيو ٽي وي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ڀڳت سنگهہ جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


ڀڳت سنگهہ جا ڪتاب

انقلاب زنداباد، مصنف : ڀڳت سنگهہ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
انقلاب زنداباد
مصنف : ڀڳت سنگهہ
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ