حسين سرور

Author Name

سنڌ جي ثقافتي شھر ھالا ۾ رھندڙ محترم اللہ اوڀايو ميمڻ جي گھر ۾ 26 سيپٽمبر 1978 تي ھڪ سھڻو ٻار ڄائو، جنھن کي حسين بخش جو نالو ڏنو ويو. ابتدائي تعليم کان وٺي بي اي تائين جي تعليم ھالا ۾ حاصل ڪندڙ اھو حسين بخش ميمڻ اڳتي ھلي سياسي، ادبي ۽ سماجي ميدان ۾ حسين سرور جي نالي سان ڄاتو ويو. ھن سال 2000 کان لکڻ جي شروعات ڪئي ۽ سندس قلم اسان کي سندس وفات ( 8 جنوري، 2021) تائين بھترين غزل، نظم، گيت، بيت، چوسٽا ۽ دوھن جي دين ڏيندو رھيو. مرحوم بي اي تائين تعليم حاصل ڪئي ھئي ۽ وفات وقت ڪجھ سالن کان ھو اسٽامپ وينڊر طور ڪم ڪري رھيو ھو. 

تصنيفون:  

1. اڌورا اڌما (شاعري جو مجموعو) 2023

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي حسين سرور جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


حسين سرور جا ڪتاب

اڌورا اڌما، مصنف : حسين سرور

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
اڌورا اڌما
مصنف : حسين سرور
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ