بادل جمالي

Author Name

بادل جمالي پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچي اسٽيشن جو سينيئر پروڊيوسر رهي چڪو آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تخليقي ۽ منفرد ڪھاڻيڪار طور سڃاتو وڃي ٿو. هن ڳوٺ شھزاد جمالي، ضلعي مٽياريءَ ۾، 29 مئي 1947ع تي جنم ورتو. پنھنجي ڳوٺ جو پھريون مئٽرڪ پاس، گرئجوئيٽ ۽ ماسٽرس ڊگري حاصل ڪيل شخص آهي. 1985ع ۾ پي. ٽي. ويءَ تي اسسٽنٽ پروڊيوسر مقرر ٿيو ۽ پنھنجيءَ محنت ۽ صلاحيت سان 1989ع ۾ پروڊيوسر ۽ بعد ۾ سينيئر پروڊيوسر ٿيو. پي ٽي ويءَ جا سمورا پروگرام، موسيقي، اسٽيج شو، ڊراما، ٻارن جا پروگرام، لانگ پلي، پورٽريٽ ۽ ادبي پروگرام ڪري چڪو آهي. پي ٽي وي ٽئين چئنل تي ”ادبيات“ جو سنڌي پروگرام به سندس هٿ ۾ هو. هن وقت رٽائر زندگي گذاري رهيو آهي. بادل جمالي 1975ع ۾ ڪھاڻيون لکڻ سان ادبي دُنيا ۾ پير پاتو. هن وقت تائين سندس ڪھاڻين جا مجموعا: ’پاڙي ناهه پروڙ‘ (1980ع)، ’سنگرام‘ (1987ع)، ’اويلو مسافر‘ (2013ع) ۽ ’نفيس خواب، ريشمي خواهشون‘ (ڪھاڻيون: 2021ع) ڇپجي چڪا آهن. ان کان علاوه ’چار ڪھاڻيڪار، چار نقاد‘، ’چونڊ سنڌي ڪھاڻيون‘ (1975ع کان 1980ع) ۽ منصور پبليڪيشن جا ٻه ’ڪھاڻي نمبر‘ (ڪتاب) مرتب ڪيل آهن. ادبي خدمتن جي مڃتا طور کيس سگا ۽ پاڪستان اڪادمي ادبيات اوارڊ ملي چڪا آهن.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي بادل جمالي جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


بادل جمالي جا ڪتاب

سنگرام، مصنف : بادل جمالي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سنگرام
مصنف : بادل جمالي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ