ميمڻ روشن تبسم

Author Name

ناليواري ڪھاڻيڪار ۽ شاعر روشن تبسم جو جنم ٽنڊي ڄام جي مشھور ميمڻ خاندان ۾، 1960ع ڌاري ٿيو. هن مئٽرڪ مٽياريءَ مان ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم حيدرآباد ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي.
هن شاعريءَ جي شروعات عبرت مئگزن ۾ شعر لکي ڪئي. شاعريءَ ۾ سندس رهنما ۽ استاد مشھور شاعر بلاول پرديسي هو. سندس ڪھاڻيون مضمون ۽ مقالا، سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. سندس شاعريءَ جا مجموعا: (1) ’رڻ گجيو راڙو ٿيو‘، (2) ’سپنا ۽ رابيل‘، (3) ’اکين ۾ ٿي ويھہ‘ ۽ (4) ’مون ۾ آهين تون‘ شايع ٿي چڪا آهن. سندس ڪھاڻين جو پھريون ڪتاب ’سوچن جي صليب تي‘ 1987ع ۾  ۽ ٻيو ”مارئي ۽ مان“ 1989ع شايع ٿيو. هوءَ انفارميشن آفيسر بہ رهي چڪي آهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ميمڻ روشن تبسم جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


ميمڻ روشن تبسم جا ڪتاب

مارئي ۽ مان، مصنف : ميمڻ روشن تبسم

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
مارئي ۽ مان
مصنف : ميمڻ روشن تبسم
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ