مارئي ۽ مان
روشن تبسم جي ڪھاڻين ۾ جذبا ۽ احساس ڀريل آھن. سندس مُرڪ ۾ ڪيترن ئي احساسن ۽ پيڙائن جا ورق لڪل آھن. سندس ٽھڪن پٺيان الائي ڪيترا سڏڪا لڪل آھن. سندس اندر جو آواز ھن جي ڪھاڻين ۾ پڌرو آھي. ھو فطرتي ڪھاڻيڪار آھي جنھن بند ڪمري جي مصنوعي ماحول ۾ ويھي ڪونہ لکيو آھي. ھن جي قلم سدائين سچ ڀري تحرير لکي آھي.