اويس ساگر سومرو

Author Name

سنڌ ڌرتيءَ جو نوجوان شاعر، اديب، ترجمي نگار ۽ ڪالم نويس اويس ساگر سومرو ولد منير احمد سومرو جو اصل نالو اويس احمد سومرو آهي. سندس تعلق  ضلعي خيرپور ميرس، تعلقو گمبٽ ۽ ڳوٺ مھتاڻا سان آهي. اويس ساگر سومرو جو جنم ڳوٺ مھتاڻا ۾ ھڪ مارچ ۱۹۹۴ع ۾  پنھنجي اباڻي گھرَ ۾ ٿيو.
سال ۲۰۰۰ع ۾ پنھنجي اباڻي ڳوٺَ مان لڏي اچي اويس ساگر جي والدين ھميشه لاءِ سکر ۾ رھائش اختيار ڪئي. سندس ابتدائي تعليم ريلوي بوائز پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ ۲۰۰۹ع ۾ گورنمينٽ (ن) ماڊرن ھاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي، اڳتي هلي سال ۲۰۱۱ع ۾ اسلاميه ڪاليج سکر مان انٽر جو امتحان پاس ڪيائين، بي اي جي ڊگري پڻ ۲۰۱۵ع ۾ ساڳئي ڪاليج مان حاصل ڪئي ۽ سال ۲۰۱۹ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم اي (سنڌي ادب) فرسٽ ڊويزن ۾ ماسٽرس پڻ ڪيائين.
اويس ساگر لکڻ جي شروعات ۲۰۱۱ع ۾ پنھنجي ڪاليج واري زماني کان کان ئي ڪئي، ۽ سال ۲۰۱۵ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر ۾ مرحوم بشير منگيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ميمبر شب حاصل ڪئي. سندس سنڌي، اردو ۽ انگريزي ادب سان ڪافي شوق ۽ ذوق رھيو آھي. ان دوران ٻہ ڀيرا ادبي سنگت شاخ سکر جو سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. ھن سنڌي ادب جي ھر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي لکيل صنفن ۾ وائي، غزل، بيت،ھائيڪا، نثري نظم ۽ چئوسٽا پڻ شامل آهن.ڪيترن ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪالم ۽ مضمون ڇپيل آهن. سندس شاعري ۽ نثري مواد ماھوار نئين آس، ماھوار سورمي، عبرت مئگزين،ھزار داستان ۽ ڪاوش مئگزين وغيره ۾ ڇپيل آهن.
سندس شاعريءَ ۾ ڇپيل ڪتابَ ` تن تشنگي تار ` ۲۰۲۲ع، گڏيل شاعريءَ جو ڪتاب جھونڪا `پورب واءَ جا` ۲۰۲۳ع ۽ `اکين جي اڪيلائي` ۲۰۲۳ع شامل آهن.
اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ `پنجَ ڪنواريون` ( امرتا پريتم جي چونڊ ڪھاڻين جو ترجمو) ۽ ٻارن لاءِ گرامر جو ڪتاب انگريزيءَ ۾ "English Grammar" شامل آهن.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي اويس ساگر سومرو جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


اويس ساگر سومرو جا ڪتاب

تن تشنگي تار، مصنف : اويس ساگر سومرو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
تن تشنگي تار
مصنف : اويس ساگر سومرو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ