تن تشنگي تار
اويس ساگر جو ھي پھريون مجموعو آھي، جيئن ماڻھو پھرين پيار ۾ جذباتي جوش سان ڀرپور ۽ اتاولو ھوندو آھي، تيئن اويس ساگر پڻ پنھنجي شاعريءَ جي ھن مجموعي جي پيار ۾ بيحد پرجوش لڳي رھيو آھي. اويس جي شاعريءَ ۾ انڊلٺي رنگ سمايل آھن، جنھن ۾ ڌرتيءَ سان محبت جو اظھار ھجي، سکر جي سونھن ھجي، فطرت جي سونھن ھجي، مجازي عشق ھجي يا محبوب جو عڪس ھجي، ھن سڀ رنگ شامل ڪيا آھن.