اياز لطيف پليجو

Author Name

مشھور سياستدان ۽ قانوندان، اياز لطيف پليجو 15 نومبر 1965ع تي، مشھور سياستدان رسول بخش پليجي جي گهر، حيدرآباد ۾ ڄائو. B.E (Civil)، بي اي، ايل ايل بي ۽ ايل ايل ايم (سڄي سنڌ ۾ فرسٽ پوزيشن) ڪرڻ کانپوءِ يونيورسٽي آف برٽش ڪولمبيا ڪئناڊا مان LEAD (ليڊر شپ فار انوائرنمينٽ ائنڊ ڊولپمنٽ) ۾ گريجوئيشن پڻ ڪئي. هي حوصلي مند وڪيل آهي. ماحوليات ۽ انساني حقن جي شعبي ۾ جاکوڙيندو رهي ٿو. اياز لطيف پليجو سٺو ڪالم نگار ۽ تجزيي ڪار پڻ آهي. اردو ميڊيا تي سنڌ جو سياسي، علمي، ادبي ۽ ماحولياتي ڪيس تمام بھتر نموني سان پيش ڪندو رهيو آهي. سندس شاعري ۽ ليک، سنڌ جي اڪثر رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. يورپ، آفريڪا، نارٿ آمريڪا، ايشيا ۽ آسٽريليا جي مشھور يونيورسٽين ۾ مقالا پڙهيل اٿس. اڌ درجن کن، سنڌ جي مشھور اخبارن ۾ روزاني جي بنياد تي اهم سياسي، سماجي ۽ ماحولياتي موضوعن تي ڪالم پڻ لکيا آهن. سياسي ۽ علمي ادبي سفر جو آغاز ٻارڙن جي تنظيم ’گُلن جھڙا ٻارڙا‘ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل طور ڪيو. شاهه لطيف، شيخ اياز ۽ فيض احمد فيض سندس پسنديدہ شاعر آهن. شاھ لطيف جي فڪر ۽ فلسفي تي، دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ليڪچر ڏنل اٿس. آمريڪا جي شھر هيوسٽن (ٽيڪساس) ۾، لطيف جي فڪر بابت ليڪچر ڏيڻ تي کيس لطيف اوارڊ پڻ ڏنو ويو. مختلف موضوعن تي سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾: (1) ”ٽي مسافر، ٽي شھر“ (سفر نامو)، (2) ”سارون، سپنا، آزادي“ (آتم ڪٿا ۽ يادگيريون)، (3) ”دنيا پنھنجي، ديس پرايا“ (سفرنامو)، (4) ”باک جي ساک“ (ڪالم، ڪھاڻيون، مختصر سفرناما ۽ شاعري)، (5) ”قانون سڀني لاءِ“ (قانوني ڄاڻ)، (6) ”قانون ۽ انصاف“ ۽ (7) ”روڪ جي روڪي سگهين“ اهم آهن. اياز لطيف پليجو هن وقت قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ آهي. پاڻ جي ڊي اي جو مُک اڳواڻ هجڻ سان گڏ مختلف اتحادن جو حصو بہ آهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي اياز لطيف پليجو جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


اياز لطيف پليجو جا ڪتاب

دنيا پنھنجي ديس پرايا، مصنف : اياز لطيف پليجو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
دنيا پنھنجي ديس پرايا
مصنف : اياز لطيف پليجو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ