ھي ڪتاب اياز لطيف پليجي جي آمريڪا، انگلينڊ ۽ فرانس بابت سفرنامو آھي. اياز لطيف جي تحريرن ۾ سنجيدگي، شوخي ۽ شگفتہ مزاجيءَ کي ھڪ جيتري اھميت حاصل آھي. ٺاھوڪين تشبيھن سان سينگاريل سندس ھن سفرنامي ۾، ملڪ، ماڳ ۽ ماڻھن جي رھڻي ڪھڻيءَ جا عڪس ذھن جي اسڪرين تي اجاگر ٿيڻ سان گڏ، ليکڪ جي پنھنجي ھمہ گير شخصيت پڻ ھڪ وڻندڙ ڪردار جيان اڀري پڙھندڙ جي سامھون ٿي اچي. ھن سفر جو اھم مقصد SANA جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ ھو، انڪري ھن اتان جي بحث مباحثي کان پڻ واقف ڪرايو آھي.
سفرناما
دنيا پنھنجي ديس پرايا
- 0/5.0
- 12
- 3
- هڪ سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سياستدان ۽ اديب اياز لطيف پليجي جو لکيل سفرنامو ”دنيا پنھنجي ديس پرايا“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ھي ڪتاب اياز لطيف پليجي جي آمريڪا، انگلينڊ ۽ فرانس بابت سفرنامو آھي. اياز لطيف جي تحريرن ۾ سنجيدگي، شوخي ۽ شگفتہ مزاجيءَ کي ھڪ جيتري اھميت حاصل آھي. ٺاھوڪين تشبيھن سان سينگاريل سندس ھن سفرنامي ۾، ملڪ، ماڳ ۽ ماڻھن جي رھڻي ڪھڻيءَ جا عڪس ذھن جي اسڪرين تي اجاگر ٿيڻ سان گڏ، ليکڪ جي پنھنجي ھمہ گير شخصيت پڻ ھڪ وڻندڙ ڪردار جيان اڀري پڙھندڙ جي سامھون ٿي اچي. ھن سفر جو اھم مقصد SANA جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ ھو، انڪري ھن اتان جي بحث مباحثي کان پڻ واقف ڪرايو آھي.
ھي ڪتاب 1991ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي شير علي چانڊيي جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مصنف اياز لطيف پليجو
- ڇپيو ويو 1991
- ڇپائيندڙ نيو فيلڊس پبليڪيشن
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 01/Jan/1970
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
- لاٿو ويو 3 ڀيرا