رچرڊ ايف. برٽن
مشھور انگريز سياح رچرڊ برٽن جو مڪمل نالو سر رچرڊ فرانسز برٽن ھو. ھيءُ آرمي ڪرنل جو پٽ ھو، جنهن السٽري (Elstree) ڀرسان ھرٽ فورڊ شائر (Hertfordshire) ۾ 19 مارچ 1821ع تي جنم ورتو. رچرڊ برٽن ھڪ برجستو سپاھي، نامور شمشيرباز، قابل مترجم، شاعر، لسانيات جو عالم، دنيا جي عجائبات جي جستجو ڪندڙ، چڱو طبيب، ٻوٽن ۽ وڻن جو ماھر، حيوانن جي حياتيءَ جي علم جو مڃيل استاد، آثار قديمه ۽ علم الارض جو ماھر ۽ ڪامياب جاسوس ھو. کيس 25 زبانون اينديون ھيون، ۽ اُنهن مان ھر ھڪ جي مختلف لهجن کان بہ چڱيءَ طرح واقف ھو. ھن پنھنجي سير ۽ سفر تي مشتمل 43 ڪتاب لکيا. انهيءَ کان سواءِ ٻہ جلد شعر جا لکيائين. سؤ کان مٿي مختلف موضوعن تي مضمون لکيائين ۽ 341 صفحا پنھنجي آتم ڪھاڻيءَ جا بہ لکيائين. الف ليليٰ جا 14 جلد ۽ پورچوگيز ادب جا ڇھه جلد انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيائين. لاطيني شعر جا ٻہ جلد لکيائين ۽ چار جلد لوڪ ادب جا بہ لکيائين. سنڌ تي ھيٺيان چار ڪتاب لکيائين:
( 1) Sind, or the Unhappy Valley (سنڌ يا ڏکويل ماٿري )
( 2) Sindh, and the Races That Inhabit the Valley of the Indus (سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون )
( 3) Falconry in the Valley of the Indus (سنڌو ماٿريءَ ۾ بازداري)
( 4) Sindh Revisited (ٻيو دفعو سنڌ ۾)
ھن مشھور سياح پنھنجي زندگيءَ جو وڏو حصو ايشيا، آفريڪا ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ تحقيق ڪندي گذاريو ۽ سفر دوران ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جن مان “Arabian Nights” ( الف ليليٰ يا ھزار داستان) مقبول ترين ڪتاب آھي. ھن 21 سالن جي عمر ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي فوجَ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ کيس سنڌ ۾ مقرر ڪيو ويو. سنڌ ۾ ھن سنڌي عالمن سان ملاقاتون ڪري، ڪيترين ئي مشرقي زبانن جي ڄاڻ حاصل ڪئي. 1853ع ۾ ھن عربستان جي مقدس شھرن: مديني ۽ مڪي جو سفر ڪيو ۽ ان سفر جا تجربا “Personal Narrative of a Pilgrimage to El-Medinah and Mecca ( 1855) نالي ڪتاب ۾ درج ڪيائين. 1854ع ۾ رچرڊ برٽن، جان اسپيڪ ( Johan Speke) سان گڏجي اوڀر آفريڪا ۽ نيل نديءَ جو منڍ معلوم ڪرڻ لاءِ سفر ڪيو ۽ 1856ع ۾”اوڀر آفريڪا تي پھريان قديم“ ( First Footsteps in East Africa) ڪتاب شايع ڪرايائين. 1861ع ۾ ھن اسئبل ارنڊل ( Isable Arundell) سان شادي ڪئي، جنهن “Punified” جي عنوان سان پنھنجي مڙس جي سوانح عمري لکي. رچرڊ برٽن ٽرائسٽي ( Triste) ۾، 20 آڪٽوبر 1890ع ۾ وفات ڪئي .
- جنم: 1821-03-19
- ورسي: 1890-10-20
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل