سنڌ منھنجي نظر ۾, سنڌيڪار : عطا محمد ڀنڀرو

سنڌ منھنجي نظر ۾

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : سنڌ منھنجي نظر ۾
سنڌيڪار : عطا محمد ڀنڀرو
مصنف : رچرڊ ايف. برٽن
ڪيٽيگري : سنڌ شناسي
ڇپيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي
شايع ٿيڻ جو سال : 2008
شامل ڪيو ويو : 2023-07-31
ڏِٺو ويو : 9 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 142 ڀيرا

ھي ڪتاب سنڌ جي فتح وقت، سنڌ جو مشاهدو ڪندڙ، هڪ رنگين مزاج انگريز سياح رچرڊ ايف. برٽن جي يادگيرين تي مشتمل آهي، ڪتاب 31 بابن تي مشتمل آهي، جنھن ۾ ليکڪ پنھنجي بمبئيءَ ۾ آمد، پاڻيءَ رستي ڪيل سفر، سنڌ جي قديم ۽ جديد شھر ڪراچي، ڪراچيءَ ۾ ائنگلو انڊين فوج جي ڇانوڻي، ڪلفٽن، گِزري، بندر ۽ واڳن واري تلاءَ (منگهي پير)، ڪراچيءَ کان روانگي، ڀنڀور جي ڏندڪٿا، ٺٽي ۽ آسپاس جي ٽڪرين، قديم دور ۾ ٺٽي جي فتح، ماموئي فقيرن جي بيتن، سونڊن ۽ جهرڪن جي ٻڌ يادگار، ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد ويندڙ رستن، حيدرآباد جي قلعي ۽ مقبرن، سنڌو درياھہ، سنڌي ماڻھن جي خوبين ۽ خاصيتن، سنڌي عورت جي شخصيت ۽ لباس، حيدرآباد کان روانگي، مياڻيءَ جي جنگ جي يادگيرين، ڦليلي، ٻروچن جي دعوت، لڪي، سيوهڻ، سڪندر جي فوجي ڇانوڻي، منڇر ڍنڍ، سکر، بکر، روهڙي، شڪارپور، سبي/ سيوي، سنڌوءَ وسيلي ڪوٽڙي واپسي- ريلوي ذريعي ڪراچي واپسيءَ جون يادگيريون وغيرھہ بيان ڪيون آهن.

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري سنڌ شناسي مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ