فقير امداد علي سرائي

Author Name

فقير امداد علي سرائي، لطيفيات جو وڏو ڄاڻو هو. هن فقير عالم خان ڪاٺيي جي گهر ۾ ڪاٺياواڙ محلي، نصيرآباد، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ 4 سيپٽمبر 1936ع تي جنم ورتو. ابتدائي تعليم نصيرآباد مان ۽ مئٽرڪ ڪراچيءَ مان ڪيائين. سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (سنڌي) ۽ ايل. ايل. بي ڪيائين. ٺٽي ۾ روينيو کاتي ۾ ڪلرڪ طور ملازمت ڪيائين. بعد ۾ اسسٽنٽ مختيارڪار، انچارج مختيارڪار ۽ آفيس سپرنٽينڊنٽ ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن رهيو. هن ٺٽي ۾ نوڪري ان ڪري ورتي، جو کيس ننڍي هوندي کان شاھ  جي رسالي سان لڳاءُ هو ۽ سندس چواڻي رسالي جي 70% ٻولي لاڙي آهي. شاھ جي رسالي جي ابتدائي سکيا ۽ تعليم مرحوم فقير طيب جت کان ورتائين، جيڪو لطيف سائينءَ جي 130 حاضري فقيرن مان نهيٽي فقير جت جو تڙ پوٽو هو. ان کان سواءِ فقير عبدالله ميمڻ، فقير حاجي صديق فقيراڻي جت (ڪيٽي بندر)، فقير حاجي خميسي چانڊيي ۽ فقير رمضان جت جو صحبتي رهيو. فقير رمضان جت جو والد فقير احمد جت، ڊاڪٽر دائودپوٽي سان رسالي جي ترتيب ۾ ڪافي وقت مددگار رهيو هو. سرائي اميد عليءَ، شاھ جي ڪلام جي تحقيق ۽ اڻ ڇپيل ڪلام هٿ ڪرڻ جي سلسلي ۾ ٻہ ڀيرا رڻ ڪڇ، ٻاڙمير، آدي پور، گانڌيدام، احمد آباد، ڪلياڻ ڪئمپ (الهاس نگر) ۽ ممبئيءَ جو سفر ڪيو، جتي هن جون ملاقاتون حاجي بصريي جت، آگي جت، آدم جت، سيد محمد شاھ نابين ۽ مائي مٺان سان ٿيون. هن شاھ جي قدمن جي سلسلي ۾ نارائڻ سر، ڪوٽيسر مندر، ڏيڻو در جبل (تعلقي نکراٽي)، لوڻيا ڳوٺ ۽ هبي توڙي ٻين قديم تاريخي ڳوٺن جو چڪر هنيو.
فقير امداد علي سرائيءَ جا هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن:

(1)’املھہ اڻ توريا‘، (شاھہ جا اڻ ڇپيل -بيت-)
(2) ’قدم ڪاپڙين جا‘
(3) ’ڪشتي منجهہ ڪڻا‘. کيس ’ڪشتي منجهہ ڪڻا‘ ڪتاب تي 10 هزار روڪ ۽ 5 تولا سون جو ايوارڊ مٽياري ساداتن کان مليو.

هن 16 سيپٽمبر 2002ع تي وفات ڪئي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي فقير امداد علي سرائي جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


فقير امداد علي سرائي جا ڪتاب

قدم ڪاپڙين جا، مصنف : فقير امداد علي سرائي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
قدم ڪاپڙين جا
مصنف : فقير امداد علي سرائي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ