هي ڪتاب چوويھن بابن تي مشتمل آهي، جن ۾ ليکڪ ڪراچيءَ کان وٺي ڪڇ تائين پنھنجي سفر جي ڪھاڻي ٻڌائي آهي. انھيءَ سفر دوران کيس ڪڇ ۽ بمبئيءَ جي وچ تي جن شھرن ۽ ڳوٺن ڏسڻ ۽ اتان جي اديبن خواھہ لطيفي لات جي رکوالن سان ملڻ جو موقعو مليو آهي، تنھن جو نھايت سليس، عام فھم ۽ آسان زبان ۾ احوال ڏنو اٿس. هي ڪتاب ليکڪ جي ادبي ذوق، ان جي پس منظر ۽ نتيجي کان سواءِ سندس ادبي شخصيت ۽ حيثيت تي بہ روشني وجهي ٿو. فقير امداد علي کي ڀٽائيءَ جا بيت ڳولڻ لاءِ ڪڇ ڀُڄ جو هي سفر ڪرڻو پيو.
سفرنامه
قدم ڪاپڙين جا
- 0/5.0
- 4
- 0
- هڪ سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۽ قدمن جي جاکوڙي فقير امداد علي سرائيءَ جو رڻ ڪڇ جو لکيل سفرنامو ”قدم ڪاپڙين جا“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
هي ڪتاب چوويھن بابن تي مشتمل آهي، جن ۾ ليکڪ ڪراچيءَ کان وٺي ڪڇ تائين پنھنجي سفر جي ڪھاڻي ٻڌائي آهي. انھيءَ سفر دوران کيس ڪڇ ۽ بمبئيءَ جي وچ تي جن شھرن ۽ ڳوٺن ڏسڻ ۽ اتان جي اديبن خواھہ لطيفي لات جي رکوالن سان ملڻ جو موقعو مليو آهي، تنھن جو نھايت سليس، عام فھم ۽ آسان زبان ۾ احوال ڏنو اٿس. هي ڪتاب ليکڪ جي ادبي ذوق، ان جي پس منظر ۽ نتيجي کان سواءِ سندس ادبي شخصيت ۽ حيثيت تي بہ روشني وجهي ٿو. فقير امداد علي کي عرصي کان وٺي اهو احساس رهيو هو تہ ڀلاري ڀٽ ڌڻي اڌ لک کان مٿي بيت چيا هوندا. جن مان وڌ ۾ وڌ ڏھہ هزار بيت قلم بند آهن ۽ باقي بيت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ، بلوچستان ۽ هندستان ۾ جهونن فقيرن جي سينن ۾ سندن وڏڙن جي قلمي بندين تي لکيل هوندا، جن کي ڳولھي هٿ ڪجي. انھي سلسلي ۾ فقير امداد علي سنڌ جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي ادارن ۽ اڳواڻ اديبن سان ڪچھريون بہ ڪيون. ليڪن جيڪا ڳالھہ هن پاڻ چئي هئي، تنھن کي پاڻ ڪري ڏيکارڻ لاءِ ڪڇ ڀُڄ جو هي سفر ڪرڻو پيو.
ھي ڪتاب 1987ع ۾ پرفيڪٽ پرنٽرز، حيدرآباد وٽان اشاعت رسالو شاھہ عبداللطيف رحہ ڪاڇيلو ننگر س-ل، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مصنف فقير امداد علي سرائي
- ڇپيو ويو 1987
- ڇپائيندڙ اشاعت رسالو شاھہ عبداللطيف رحہ ڪاڇيلو ننگر س-ل، حيدرآباد
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 08/Aug/2023
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
- لاٿو ويو 0 ڀيرا