ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي
سنڌ جي برک اديب، نقاد، عالم ۽ تاريخدان قريشي حامد علي خانائيءَ جو جنم ساهتي پرڳڻي جي شهر خانواهڻ، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشهـري فيــروز ۾، 6 جنوري 1934ع تي حڪيم قاضي محمد يعقوب ‘صابر‘ قريشيءَ جي گهر ۾ ٿيو. ڊاڪٽر خانائيءَ جو والد ۽ ڏاڏو بزرگوار پڻ پنهنجي دور جون وڏيون علمي شخصيتون رهيا آهن. سندس خاندان جي بزرگن جو خانواهڻ شهر ۾ مڪتب ۽ مدرسو بہ هو.حامد علي قرآن مجيد، نور نامي، سنڌي ۽ فارسيءَ جي تعليم پنهنجي ڏاڏي قاضي ميان امام بخش قريشيءَ جي مدرسي ۾ حاصل ڪئي. مئٽرڪ جو امتحان لوڪل بورڊ (هاڻي ايڇ. ايم. خواجا) هاءِ اسڪول نوابشاه مان 1954ع ۾ پاس ڪيائين. تـعـلـيـمـي گـهـراڻـي سـان واسـطـو هـئـڻ ڪري ملازمت جو آغاز بہ تعليم کاتي ۾، ايڇ. ايم. خواجا هاءِ اسڪول نوابشاه ۾ هڪ استاد جي حـيـثـيـت سـان شـروع ڪـيائين. سندس علم ۽ قلم سان ناتو ابتدا کان رهـيـو. لـکـڻ پـڙهـڻ سـنـدس مـحبوب مشغلو هو. ابتدا ۾ ڪجهه افسانا لـکـيـائـيـن ۽ ‘خـادم‘ تـخـلـص سـان شـاعري بہ ڪيائين، پر ڊاڪٽر عمر بـن مـحـمـد دائود پـوٽي ۽ رحيمداد مولائي شيدائيءَ جي صلاح سان هن جـي قـلم تاريخ ۽ تحقيق ڏانهن موڙ کاڌو، تاريخ ۽ تحقيق جي ميدان ۾ شاهڪار تحقيقي مضمون ۽ مقالا لکيائين. اڳتي هلي 1965ع ۾ سنڌ يـونـيـورسـٽــيءَ مــان ســنــڌي ادب ۾ ايــم. اي ڪــيـائـيــن. 1966ع ۾ ڪنڌڪوٽ خانگي ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، جتي مشهور اديب قمر شهباز پرنسپال هو. سال 1975ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏئي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نوابشاھہ ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. علامہ غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي رهبريءَ ۾ ’ساهتي پرڳڻي جا قديم علمي مرڪز‘ عنوان سان تحقيقي مقالو لکي، 1986ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. علم ادب جي ميدان ۾ خانائي صاحب تي قاضي محمد يعقوب ’صابر‘ ايڇ. ايم. خواجا، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي، رحيمداد خان مولائي شيدائي، پير حسام الدين راشدي، غلام محمد گرامي، علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو گهڻو اثر رهيو. ڊاڪٽر خانائيءَ ٻہ شاديون ڪيون، کيس ڇھہ پٽ ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو. خانائي صاحب 1955ع کان ادب، سوانح حيات، تاريخ ۽ آثار قديمه تي تحقيقي مضون، مقالا لکندو رهيو. ساڳيءَ طرح نوابشاه ضلعي جي قديم ماڳن، مڪانن، نصرپور ۽ روهڙيءَ جي تاريخ ۽ آثارن بابت بہ وڏي تحقيق ڪيائين. سندس مضمون ۽ مقالا سنڌ جي مشهور رسالن: ’نئين زندگي‘، ’ٽماهي مهراڻ‘، ’الرحيم‘، ’اخبار تعليم‘، ’سنڌ‘ ۽ ’السنڌ‘ ۾ شايع ٿيندا رهيا. خـانـائـي صـاحـب جـي ڇـپيـل ڪـتابـن جـو وچـور هـن ريــت آهـــي: (1) نوابشاه ضلعو- تاريخي شهر ۽ شخصيتون (1987ع)، (2) تذڪرہ ڪوٽائي سادات روهڙي (1998ع)، (3 تذڪره پوراني سادات سکر (2001ع)، (4) الزليخا (پير حسام الدين راشديءَ جو ناوليٽ ۽ ان بابت تحقيق: 2003ع)، (5) ايڇ. ايم خواجا- هڪ مثالي استاد (2003ع)، (6) مقالات خانائي (شخصيات: 2006ع)، وکريل وَٿون (عطا حسين شاهه موسويءَ جا مضمون: ترتيب: 2011). سندس هيٺيان ڪتاب قلمي صورت ۾ موجود آهن: (1) ساهتي پرڳڻي جا قديم علمي مرڪز (پي. ايڇ. ڊي ٿيسز)، (2) ظھورنامہ مـوئـي مـبارڪ، (3) سنڌ جو دارالمصنفيـن (سنڌ مسلـم ادبـي سـوسـائٽـي)، (4) تــاريـخ نـصـرپـور، (5) ســنـڌ جـا خـوشـنـويـس، (6) بکـر جـا مـغل گورنر، (7) تذڪرہ شعراء روهڙي، (8) مرڪ، ٽهڪ ۽ لڙڪ (آتم ڪهاڻي)، (9) مقالات خانائي (9 جلدَ). ڊاڪٽر خانائي ڪيترن شاگردن جي ادبي رهنمائي ڪري کين ايم. اي، ايم. فل ۽ پي. ايڇ. ڊي جي سلسلي ۾ مدد ڪئي. کين مواد جا نوٽس ۽ خاڪا تيار ڪري ڏيڻ سان گڏ، سندن مواد تي نظرثاني بہ ڪري ڏيندو رهيو. ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر، ڊاڪٽر غلام حيدر ٻرڙي (حيدر سنڌي)، ڊاڪٽر سيد اشفاق احمد بخاري، ڊاڪٽر عبدالرؤف ميمڻ، ڊاڪٽر عبدالرزاق گهانگهري، ڊاڪٽر محمد خان جمالي، ڊاڪٽر غلام قادر سومري، ڊاڪٽر عبدالرزاق سومري ۽ ڊاڪٽر عبدالرسول قادريءَ ٻين جي پي. ايڇ. ڊي مقالن جو رهبر (Guide) رهيو. ڊاڪٽر خانائيءَ جي علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا طور ڪيترن ادارن کيس ايوارڊ ڏنا آهن، جهڙوڪ: ڀنڀور سيمينار ايوارڊ (1983ع)، سگا سنڌ طرفان ’پير حسام الدين راشدي اوارڊ‘ (1986ع)، ’علامہ آءِ. آءِ قاضي اوارڊ‘، ’حمل فقير ادبي اوارڊ‘ (1997ع)، نئين زندگي گولڊن جوبلي سيمينار جي موقعي تي ’مولانا عبدالواحد سنڌي يادگار شيلڊ‘ (1999ع) ۽ ’پير آغا غلام مجدد متعلوي سرهندي اوارڊ‘ (2009ع). ڊاڪٽر خانائي گورنمينٽ ڪاليج نوابشاه مان 6 جنوري 1994ع تي اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ مهراڻ ڪالوني نوابشاه ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي. هو سادگي پسند، نهٺو، هڏ ڏوکي، اديبن ۽ شاعرن جي دلي طرح رهنمائي ڪندڙ استاد، حساس طبع، شهرت کان دور، مطالعي جو ڪوڏيو، اهل قلم علمي ادبي شخصيت هئڻ سميت تاريخ ساز ماڻهو هو. 2007ع ۾ حرمين شريفين ويو. وفات کان اڳ 2008ع ۾ سندس وڏو پٽ ڊاڪٽر ممتاز علي قريشي ڦوه جوانيءَ ۾ اوچتو گذاري ويو. حامد علي خانائي 76 سالن جي ڄمار ۾ تاريخ 28 ربيع الاول 1431هہ بمطابق 15 مارچ 2010ع تي خانائي هائوس نوابشاھہ ۾ وفات ڪئي. کيس اباڻي ڳوٺ خانواهڻ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل