شبير شر

Author Name

غلام شبير عرف شبير شر، 4 اپريل 1956ع تي خيرپور ميرس ضلعي جي تعلقي ميرواھہ جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ مينگهو فقير شر ۾ ڄائو. هو ڳوٺ ۾ ئي رهيو ٿي پر سندن والد صاحب عبدالرزاق شر چاهيو تہ سندس اولاد تعليم حاصل ڪري. پاڻ بہ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ گهر کان ٻاهر رهيو ۽ انهن ڏينھن ۾ سنڌ ۾ بندوبست نہ هجڻ ڪري هن مئٽرڪ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ڪئي.
شبير شر پنج ڪلاس پنھنجي ڳوٺ مينگهو فقير مان پڙهڻ بعد ڇھون ۽ ستون ڪلاس ڀر واري ڳوٺ رسولپور مان پڙهيو. ان بعد مئٽرڪ ٺري ميرواھہ مان ڪيائين .
 1969ع کان ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ حصو وٺڻ کان سياست جي شروعات، ضياء مارشلا خلاف مزاحمتي جدجھد ۾ حصو وٺڻ ڪري 1980 ۾ فوج گرفتار ڪري ساٿين شھيد نظير عباسي، ڄام ساقي، سھيل سانگي، بدر ابڙو، پروفيسر جمال نقوي، ڪمال وارثي، ڊاڪٽر جبار خٽڪ ۽ امرلعل سان گڏ ڪورٽ مارشل ڪيو. نظير عباسي کي جيل ۾ اذيتون ڏئي شھيد ڪيو ويو، شبير شر۽ ڪمال وارثيء کي ست سال سزا ڏني وئي ۽ اٺن سالن بعد آزاد ڪيو ويو. آزاديء کانپوء صحافت جو پيشو اختيار ڪيائين ۽ ڊان، عوامي آواز ۽ ھلال پاڪستان ۾ صحافتي پيشيورانہ خدمتون سرانجام ڏنائين.
1993ع ۾ وڪالت شروع ڪيائين. پھريان ڪراچي، پوء خيرپور ۽ سکر،.2008 ۾ سپريم ڪورٽ جو وڪيل طور انرول ٿيو. ٽي سال ھاء ڪورٽ بار سکر جو سيڪريٽري رھيو. 2016ع ۾ پاڪستان بار ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو، ساڳي سال سپريم ڪورٽ بار جو نائب صدر چونڊجي ويو. 2018ع ۾ پاڪستان بار ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جو چيئرمين چونڊيو ويو.
ھن وقت سپريم ڪورٽ جو سينئر وڪيل آھي. پنج ٻار اٿس جن ۾ وڏو پٽ نيب جو پراسيڪيوٽر، ٻيو نمبر پٽ ھاء ڪورٽ جو وڪيل، ٽيون نمبر پُٽ زيبسٽ ۾ لا پڙھي رھيو آھي. وڏي ڌيءُ فرسٽ وومين بئنڪ ۾ لا آفيسر آھي ۽ ٻيو نمبر ڌيءُ لنڊن ۾ ٽيڪسٽائل اينڊ ڊزائن ۾ ماسٽرس ڪري رھي آھي.
شبير شر جي ڇپيل ڪتابن ۾ ”ھند ۽ ايران جيئن مون ڏٺا (سفرنامو) 2016ع“، ”ڊانڊرس قيديءَ جي ڊائري (جيل ڊائري) 2019ع“، ”يورپ جو سفرنامو (سفرنامو) 2018ع“، ”جيش جبل ۽ ڪوھہ ڪاف جو سير (سفرنامو) 2019ع“، ”آمريڪا ۽ ڪيناڊا جي اصلي باشندن جي ڳولا (سفرنامو)2020ع“ ۽ ”کاھوڙيءَ جا پنڌ (آمريڪا ۽ ڪيناڊا جو سفرنامو) 2023ع“ شامل آھن.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي شبير شر جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


شبير شر جا ڪتاب

ھند ۽ ايران جيئن مون ڏٺا، مصنف : شبير شر

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ھند ۽ ايران جيئن مون ڏٺا
مصنف : شبير شر
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ