ھند ۽ ايران جيئن مون ڏٺا, مصنف : شبير شر

ھند ۽ ايران جيئن مون ڏٺا

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : ھند ۽ ايران جيئن مون ڏٺا
مصنف : شبير شر
ڪيٽيگري : سفرنامه
ڇپيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي
شايع ٿيڻ جو سال : 2016
عالمي ڪتاب نمبر (ISBN) : 0
شامل ڪيو ويو : 2023-09-10
ڏِٺو ويو : 111 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 109 ڀيرا

شبير شر جو لکڻ جو انداز بنھہ نرالو آھي، ايئن ئي جيئن ھو ھر ڳالھہ ٺھہ پھہ بغير ڪنھن رک رکاء جي ڪري ويندو آھي. ھو ھندستان جي سفرنامي ۾ اتان جي جڊيشل نظام ۽ اسان جي جڊيشل نظام ۽ ڀرتين تي دل کولي لِکي ٿو. مجموعي طور تي هن جو ھند جو سفرنامو پڙهندي ايئن ٿو لڳي تہ ماڻھو هن سان گڏ هندستان گهمندو پيو وتي. هندستان جي حالتن جي مجموعي ڇنڊ ڇاڻ، سياسي صورتحال، ترقيءَ بابت احوال هن ڪتاب ۾ سھيڙيا اٿس، هر شيءِ کي هڪڙي سياسي ڪارڪن واري اک سان پرکيندي، انهيءَ جو سِڌو ۽ کَرو تجزيو به ڪندو هلي ٿو. ايئن ئي ھو ايران جي سفرنامي ۾ پڻ ڪري ٿو ۽ کوڙ سارين ڳالھين کي مذھبي عقيدي بجاءِ سائنسي ۽ سماجي اصولن جي آڌار تي لکي ٿو. ايران جو سفرنامو سرڪاري دعوت تي  چار جون 2011 تي ايراني اسلامي انقلاب جي اڳواڻ امام خميني جي ورسي جي مناسبت سان ھيو.

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري سفرنامه مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ