سفرناما

ھند ۽ ايران جيئن مون ڏٺا

شبير شر جو لکڻ جو انداز بنھہ نرالو آھي، ايئن ئي جيئن ھو ھر ڳالھہ ٺھہ پھہ بغير ڪنھن رک رکاء جي ڪري ويندو آھي. ھو ھندستان جي سفرنامي ۾ اتان جي جڊيشل نظام ۽ اسان جي جڊيشل نظام ۽ ڀرتين تي دل کولي لِکي ٿو. مجموعي طور تي هن جو ھند جو سفرنامو پڙهندي ايئن ٿو لڳي تہ ماڻھو هن سان گڏ هندستان گهمندو پيو وتي. هندستان جي حالتن جي مجموعي ڇنڊ ڇاڻ، سياسي صورتحال، ترقيءَ بابت احوال هن ڪتاب ۾ سھيڙيا اٿس، هر شيءِ کي هڪڙي سياسي ڪارڪن واري اک سان پرکيندي، انهيءَ جو سِڌو ۽ کَرو تجزيو به ڪندو هلي ٿو. ايئن ئي ھو ايران جي سفرنامي ۾ پڻ ڪري ٿو ۽ کوڙ سارين ڳالھين کي مذھبي عقيدي بجاءِ سائنسي ۽ سماجي اصولن جي آڌار تي لکي ٿو. ايران جو سفرنامو سرڪاري دعوت تي  چار جون 2011 تي ايراني اسلامي انقلاب جي اڳواڻ امام خميني جي ورسي جي مناسبت سان ھيو.

  • 4.5/5.0
  • 14
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شبير شر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ھند ۽ ايران جيئن مون ڏٺا

ايران

26 مئي تي حيدري جامع مسجد سکر جي پيش امام مولانا علي بخش سجادي فون تي اطلاع ڏنو ته چار جون 2011 تي ايراني اسلامي انقلاب جي اڳواڻ امام خميني جي ورسي آهي، ان موقعي تي شرڪت لاءِ توهان کي دعوت آهي جي راضي هجو ته پوءِ مظفر کي خانئي فرهنگ لطيف آباد، حيدرآباد جي پتي تي پنهنجو پاسپورٽ ۽ 3 رنگين پاسپورٽ سائيز فوٽوگراف ٽي.سي.ايس ذريعي موڪلي ڏيو، ٽڪيٽ ۽ رهڻ وغيره جو خرچ ايراني حڪومت جي ذمي آهي، توهان ايراني اسلامي انقلاب جي حڪومت جا مهمان ٿي وڃي رهيا آهيو، مون چيو جي مهرباني مفت مي ڇونه ويندا سين. مان مولانا علي بخش سجادي جي ٻڌايل ايڊريس تي پنهنجو پاسپورٽ ۽ ٽي رنگين فوٽوگراف روانه ڪري ڇڏيا. 30 مئي تي وري مولانا علي بخش سجادي فون ڪيو ته توهان کي اڌ ٽڪيٽ (هوائي جهاز) جا پئسا ڏيڻا پوندا، باقي رهڻ ۽ اتي زيارتون ڪرڻ جو خرچ حڪومت تي هوندو. مون چيو ٺيڪ آهي. اڌ ٽڪيٽ ڀرڻ لاءِ تيار آهيان. اهي پئسا آن لائن ڪري موڪليا.
30 مئي تي خانه خرهنگ حيدرآباد مان مظفر جو فون آيو ته پهرين مئي تي 12:30 وڳي ڪراچي ايئرپورٽ تان توهان جي تهران لاءِ روانگي آهي، پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ سڀاڻي (31 مئي تي) ڪراچي خانه فرهنگ مان حاصل ڪريو. مان 31 مئي تي ڪورٽ ۾ اهم ڪيس هلائي 2:00 وڳي جو ڳوٺ روانو ٿيس، جتي وڃي امڙ کان موڪلايو پوءِ ڪراچي روانو ٿي ويس. سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد ۾ ننڍو پُٽ شهريار پڙهندو آهي، هن کي به کنيو ته جئين ڪار واپس کڻي وڃي. وڏي پُٽ نور علي کي سکر ڇڏڻو پيو جو گهر اڪيلو هو. باقي ڪراچي ۾ ته منهنجا ڀائيٽيا ڪامريڊ غلام حسين جا فرزند محمد حسن، نذير حسين ۽ سلمان سميت سڄو ڪٽنب موجود آهي، اتي جو ايترو مسئلو نه هو. مان حيدرآباد پهتس ۽ مظفر کي فون ڪئي ته مان حيدرآباد پهتو آهيان ۽ توهان پنهنجي پوزيشن ٻڌايو، هن چيو ته هو اڃان تائين (چئين وڳي) شام تائين ڪراچي ۾ ئي هو. سو هاڻ هن ملڻ جي جڳهه ٻڌائيندي چيو ته نوري آباد ۾ علي بابا سي.اين.جي وٽ ٿا ملون، مون چيو ته ٺيڪ آهي شهريار کي چيو ته گاڏي کي درمياني رفتار سان هلائي، جئين هو ڪراچي مان نڪرندڙ هجي ته اسان به پهچون، ڇو ته فاصلي جي لحاظ کان نوري آباد حيدرآباد کي ويجھو آهي. اسان ڪلاڪ جو فاصلو ٻن ڪلاڪن ۾ طئه ڪري 6:00 وڳي نوري آباد جي علي بابا سي.اين.جي تي پهتاسون ۽ مظفر کان وري به پوزيشن پڇا ڪئي ته هن چيو هاڻ بس ڪراچي کان نڪرڻ وارو آهيان، مان سمجھي ويس ته هن کي علي بابا سي.اين.جي تي پهچندي ڏيڍ ڪلاڪ لڳي ويندو، هن سان شناسائي نه هجڻ سبب ڪنهن ٻئي هنڌ تي ملاقات رکڻ صحيح نه پيو لڳي، جيئن ڪو مونجهارو نه ٿي پوي. ان ڪري اسان به صبر کان ڪم وٺي اُتي ئي انتظار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. نيٺ مظفر صاحب به 8:00 وڳي علي بابا سي.اين.جي تي پهچي ويو، پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ منهنجي حوالي ڪيا. مونکي به پڪ ٿي وئي ته واقعي سڀاڻي ايران ڏسڻ لاءِ روانو ٿيندس. رات جو ڏهين وڳي اسان به ڪراچي گلستانِ جوهر ۾ واقعي پنهنجي ڀائيٽي محمد حسن جي فليٽ تي پهتاسون.
پهرين جون تي صبح جو 9:00 وڳي مان ڪراچي هوائي اڏي تي پهچي بورڊنگ ڪارڊ وٺي اميگريشن مان صاف ٿي وڃي لائونج ۾ ويٺس مونکي اها خبر نه هئي ته هن سرڪاري دعوت واري قافلي ۾ ٻيا ڪهڙا ۽ ڪٿي ڪٿي جا مهمان آهن. اسان جي بورڊنگ ڪارڊ تي لکيو ويو ته دروازي نمبر 27 مان گذري ايراني ايئرلائين جي جهاز ۾ سوار ٿيڻو آهي. بعد ۾ اسان کي گيٽ نمبر 29 مان گذري جهاز ۾ ٽيوب ذريعي سوار ٿيڻ جو چيو ويو. اسان 11:30 وڳي تي ايراني ايئرلائين جي جهاز ۾ وڃي ويٺاسون جهاز جو عملو فارسي ڳالهائي رهيو هو، اسان کي عملي جي فارسي ڳالهائڻ مان اندازو ٿي ويو ته هي به عربن جيان ٻي ٻولي سمجھڻ ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهن. مان ايئر هوسٽيس جي اشاري کي نظرانداز ڪري پنهنجي سيٽ پاڻ ڳولهي وڃي ويٺس اتي مونکان بعد ۾ هڪ جهونو سنڌي ۽ هڪ نوجوان اچي ويٺا، جن جي هڪٻئي سان ڳالهائڻ مان لڳو ته ٻئي سنڌي آهن، مان ٻنهي جي وچ ۾ ويٺو هيس. در ڀرسان ويٺل جهوني مونکي چيو ته برو نه سمجهو ته هن سيٽ کي هن سيٽ واري نوجوان سان تبديل ڪيو، جيڪو مونکي سدائين سٺو نه لڳندو آهي. ڇو ته اِها اسان سنڌين جي عادت رهي آهي ته نئين ماڻهوءَ سان واقفيت وڌائڻ بدران، پنهنجو پاڻ کي (Statusquo) جئين جو تئين رکڻ جي صورتحال جا قائل رهيا آهيون. ٿوري دير ۾ خبر پئي ته جهونو ۽ نوجوان ٻئي هڪٻئي کان واقف نه هئا. پهريان هڪٻئي سان تعرف ڪرايو ۽ پوءِ هن کي به گولي فٽ ڪيائين ته توهان کي برو نه مڃيو ته هن سيٽ تي وڃي ويهو اتان منهنجو ڇوڪرو هتي ايندو. هو نوجوان اوڏانهن هليو ويو ۽ اتان هڪ نوجوان آيو، جنهن اچي مونکي به اتان کسڪائي ۽ پنهنجي ٽئين ساٿي کي مون واري سيٽ تي آڻڻ لاءِ ٿيم ٻڌڻ شروع ڪئي ته هو اتي اڪيلو ڊڄي ٿو، هن جهوني چيو، جي ڊڄي ٿو ته سائين کي عرض ڪريون ٿا. مون چيو اهڙا ڊڄندڙ گهر کان نڪري جهاز تائين ڪيئن پهتا آهيو. جهاز به ڪِري سگهي ٿو. هي سيٽ توهان کي بچائي ڪونه سگهندي. هاڻ هن جهوني هڪ نوجوان کي اٿاريو آهي. ان کي واپس گهرايو ۽ توهان ٻئي هن پنهنجي هن ڊڄندڙ ساٿي کي گڏ ويهي ان کي همٿايو ته الله ڪندو سفر خير سان گذري ويندو. هو ٻئي سمجھي ويا ته هي همراهه هنن جي وڏيرڪي سوچ کي سمجھي ٿو، سندن ماڻهن جي اٿارڻ ويهارڻ واري وڏيرڪي سوچ سان مڪمل طور تي ٽڪراءَ ۾ آهي. پوءِ ماٺ ڪري ويهي رهيا. جهاز چڙهيو ته الله مان صلي اعلى محمد واعلى محمد جو آواز گونجيو، جنهن مان مونکي اندازو ٿي ويو ته مسافرن جي اڪثريت ڪهڙي فرقي سان تعلق ٿي رکي.
جهاز ۾ گوشت، ساڳ جو ٻوڙ ۽ چانور ڏنا ويا، مونکي ٻنهي جو ذائقو نه وڻيو، چکي مون ڊٻو واپس پئڪ ڪري ڇڏيو. اسان ساڍين ٽي وڳي تهران ايئرپورٽ تي پهتاسون. جتي سرڪاري پروٽوڪول وارا گارڊ بغير فل سوٽ پائي لائونج ۾ اسان جو انتظار ڪري رهيا هئا. هنن مسافرن کي ڏسي اڌوگابري فارسي مڪس زبانن ۾ چيو ته امام خميني جا مهمان هن پاسي بيهن. اسان اميگريشن ڪليئر ڪرائي پروٽوڪول وارن جي ٻڌايل جاءِ وٽ گڏ ٿي وياسون ۽ ٿوري دير ۾ اسان کي ٻاهر ڪڍي ڪوچ ۾ ويهاريو ويو. ڪوچ جي اڳيان ٻه موٽر سائيڪل ۽ پوليس ڪار هلڻ لڳي، پويان به ڪار، اسان کي ڪنهن غير ملڪي وزير وارو مان ڏنو ويو.
مان اڪثر دوستن کان ٻڌو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به ملڪ وڃون ۽ ان ملڪ جي ماڻهن جي مزاج کي سمجھڻو هجي ته توهان کي روڊ تي هلندڙ گاڏين مان ئي خبر پئجي ويندي، مان هوائي اڏي کان هوٽل پرشين انقلاب تائين ڏٺو ته ڪٿي به ڪائي ڪار اوورٽيڪ يا ون وي کي ٽوڙي وڃڻ جي ڪوشش ڪندي نظر نه آئي، جنهن مان خبر پئي ته حڪومت جي رٽ آهي ته ان رٽ کي چئلينج ڪرڻ جي ڪنهن به ايراني شهري کي جرات نه پئي ٿئي.
اسان ڏيڍ ڪلاڪ جي ڊرائيو کانپوءِ هوٽل پريشن انقلاب پهتاسون جتي پرڏيهي مهمانن کي رهائڻ جو بندوبست ٿيل هو، پرشين انقلاب هوٽل فردوسي مارڪيٽ جي ٻه ڪلو ميٽر جي فاصلي تي واقعي آهي، فردوسي روڊ ۽ مارڪيٽ جي خبر پئي ته اهو 45 ڪلوميٽر ڊگهو آهي ۽ ميٽرو ٽرين به ان ئي روڊ جي هيٺيان ٺهيل (انڊر گرائونڊ) آهي، اسان ڪوچ مان پنهنجو سامان پاڻ لاهي ڪمرن جون ڪنجيون حاصل ڪرڻ لاءِ دخل تي اچي بيٺاسون، اسان جي ملڪ جي ماڻهن پنهنجي ملڪ جي مزاج جو مظاهرو ڪري سڀ ڳوڙهجي ڪنجيون وٺڻ لڳا ته دخل واري ٽٽل ڦٽل انگريزي ۾ چيو هن طرح ته ڪنهن کي به ڪنجي نه ملندي، ڀل سڄو ڏينهن بيٺا هجو، اسان به سمجھي وياسون هڪٻئي کان واقف نه هجڻ سبب ڪير ڪنهن کي چئي به نه پئي سگهيو، نيٺ منهنجي نظر ٽي وي ۽ فلم جي ايڪٽر سيد يارمحمد شاهه تي پئي جيڪو ٿورو پرڀرو بيٺو هو، هو سڄو لڪاءُ ڏسي رهيو هو. مان يار محمد شاھ کي چيو ته توهان هنن کي سمجھايو يارمحمد شاھ چيو ته توهان اچيو ته لابي روم ۾ ويهون اسان وارا ماڻهو ڳالهه نه سمجھندا ۽ هو به قطار ٺاهڻ کانسواءِ هنن کي ڪنجيون نه ڏيندا. ائين ٿيو اڌ ڪلاڪ تائين ڪنجيون جاري ڪرڻ وارو سلسلو بند ٿي ويو، اسان سان مٽياري جو اڳوڻو ايم.اين.اي پير شهاب الدين ۽ حيدرآباد جو ڊاڪٽر مختيار جعفري جن به اسان سان گڏ لابيءَ ۾ اچي ويٺا. اڌ ڪلاڪ بعد ايراني خفيه پوليس يا ايجنسي جا ماڻهو ٻن اردو گائيڊ سميت اچي ويا، اهي اردو گائيڊ هندستاني شهري هئا، جن مان هڪ ٻڌايو ته هو هتي سرجن آهي ۽ محمد يونس نالو هيس ۽ هندستاني شهري آهي. ٻئي پنهنجو نالو عزيز ٻڌايو ۽ اهو به هندستاني شهري هيو، انهن ٻنهي ۾ ڊاڪٽر يونس وڌيڪ سوڀر لڳو ۽ عزيز جي ٽرڙي طبيعت ڪري پرڏيهي مهمانن سان جهڙپون به ٿينديون رهيون. هڪ ايراني خاتون آفيسر جيڪا انگريزي ڳالهائي سگهي پئي فل نقاب ۾ هوندي به هن جي دلڪش خوبصورتي بکي رهي هئي، قداور ۽ هر طرح سان پرڪشش لڳي رهي هئي، اکين سان اکيون ملڻ وقت منهن ٻئي طرف ڪري پئي ڇڏي، ڇو ته هر ماڻهو هن کي غور سان ڏسڻ تي مجبور ٿي پيو وڃي نيٺ هن ڪارو چشمو پائي ڇڏيو پوءِ دٻدٻي سان مهمان عورتن کي ڪنٽرول ڪندي رهي.
ڪلاڪ سوا بعد اسان کي به سڏي ڪنجيون ڏنيون ويون. هر ماڻهو سان پنهنجو سنگتي هيو، ۽ ٻن بسترن وارو ڪمرو ٻن ڄڻن جي حوالي ڪيو پئي ويو، اڪيلي مهمان کي الڳ ڪمرو ڏيڻ جو پروويزن (Provision) نه هجڻ سبب مون سان مسئلو ٿيو جو سکر مان مان اڪيلو هيس حيدرآباد مان آيل هڪ مُلو بيٺو هو، هن مونکي چيو پاڻ گڏ رهون، مان چيو مولوي سان منهنجي نه لڳندي آهي، هڪ ٻن ڏينهن جو مسئلو هجي ته برداشت ڪجي هتي اٺ ڏينهن ترسڻو آهي. هوٽل وارن به جواب ڏئي ڇڏيو ته اڪيلي ماڻهو کي اڪيلو ڪمرو نه ملندو. يارمحمد شاهه چيو يار شر صاحب بس رات جوئي ته سمهڻو آهي، هن مُلي سان گذار. مان چيو مونکي واپس موڪلي ڇڏين ته بهتر آهي. مُلي سان مان نه رهندس، نيٺ يار محمد شاهه چيو هاڻ بلوچڪي ضد ڇڏ ٿڪل آهيون، هل ته هلي آرام ڪريون. نيٺ يارمحمد شاهه جي زور ڀرڻ تي مُلي سان رهيس، ملي پهرين گهڙي ۾ جهالت جو مظاهرو ڪيو، جو هن کي ٽوائليٽ ۾مسلم شاور استعمال ڪرڻ نه آيو ٽوائليٽ پيپر مان ڪم ڪڍي آيو ۽ فليش به نه هلايو، ڪموڊ تي پير رکي ويٺو، سڄو ڪِن ڪري ڇڏيائين. نيٺ هن کي سمجھائڻو پيو، هي ته ڪموڊ تي ويهبو آهي، ويهي مسلم شاور استعمال ڪبو آهي. جي ٽوائيليٽ پيپر استعمال ڪرڻ جو ايترو شوق هجي ته پوءِ استعمال ڪرڻ بعد هي فليش هيئن هلائبو آهي.
پهرين جون جو سڄو ڏينهن آرام ڪندي گذري ويو، شام جو فرسٽ فلور تي ماني کائڻ وياسون اتي مرغ چُلو (مرغ چانور) ڪباب چُلو (ڪباب چانور کان علاوه ٽيون ڪو به ڊش نه هو، مان، يارمحمد شاهه، شهاب الدين گڏجي هڪ ٽيبل تي ويٺاسون مون چيو هي مرغ چُلو، ڪباب چُلو روز ڏيندا يا ڪڏهن ڪڏهن، هو هتي ايندا رهيا آهن ۽ پراڻه زيارتي هجڻ ڪري هنن کي ٿوري گهڻي فارسي به اچي پئي، هنن چيو اٺ ئي ڏينهن شر صاحب چانور ڪباب، مرغ ڪباب، مرغ چانور کانسواءِ ڪجهه به نه آهي.
ٻه جون تي نيرن ڪرڻ وياسون ته ٻيو ته الائي ڇاهو، مان کي سمجهه ۾ نه آيو، مان ڪرڪيٽ جي بيٽ جيڏي ماني نظر آئي، ان مان ٿورو ٽڪر کنيم ۽ ٿورو ذرو آمليٽ آني جو، جوس ۽ لسي کڻي ويهي رهيس، جنهن کي مان لسي سمجھي ڍُڪ ڀرڻ وقت فاسي ويس عجيب و غريب هجڻ ڪري نه اندر پيو اماڻي سگهان نه ٽوڪُن جي ڊپ کان ٻاهر پيو ڪڍي سگهان، ياعلي مدد ڪري اکيون ٻوٽي پي ويس، ايتري ۾ شهاب الدين شاهه اچي ويو، ڇاٿيو شر صاحب، الائي ڇاجو آهي، چيائين اها ملائي آهي، پاڻ نه کائي سگهندا آهيون، اها واپس رکي اچو هو ننڍيون بوتلون پيون آهن، انهن ۾ لسي آهي، بهرحال جئين تئين ڪري مان ناشتو ڪري جان ڇڏائي هاڻ باقي بچل 6 ڏينهن تمام وڏا پيا لڳن اهي ڪئين گذرندا، هي ماني ته هلندي ئي ڪانه ڪٿي بُک ۾ فوت نه ٿي وڃان. شهاب الدين شاهه چيو توهان کي عادت وجھڻي پوندي نه ته گذارو مشڪل آهي.سنگتي ساٿي نه هجڻ سبب مان لابي ۾ اڪيلو اچي ويٺس، اتي ڊاڪٽر يونس چيو، شام 7:00 وڳي ايراني صدر احمدي نجاد سان توهان جي ملاقات آهي، توهان هتي لابي ۾ پهچي وڃجو.
مان لابي ۾ ويٺو هيس ته هڪ نوجوان ڇوڪرو ۽ ڇوڪري ٻئي ايراني هيا، مون وٽ آيا، مونکي چيو توهان کي انگريزي ايندي آهي، مان هائو ڪار ڪئي، هنن چيو ته اسان ٻئي صحافي آهيون توهان کان انٽرويو وٺنداسون، مان چيو ڀل وٺو، هنن جو پهريون سوال هو ته توهان جي ملڪ اسامه بن لادن کي پناهه ڇو ڏني، مون چيو اهو سوال ڪنهن حڪومتي ڪارندي يا ترجمان کان پڇيو ان ۾ مان شامل نه رهيو آهيان. هنن چيو توهان جي ملڪ امريڪا حڪومت کي فوجي اڏا ڇو ڏنا آهن، مون چيو، اهو به توهان ڪنهن حڪومتي ترجمان کان پڇيو، پوءِ هنن چيو ته امام خميني جي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي، مون چيو هو هڪ مومن هو، هن ملڪ مان سدائين لاءِ بادشاهت جو خاتمو آني ڇڏيو، ملڪ تي ايراني جنگ مڙهجڻ جي باوجود به هڻ چونڊن وارو ڪم نه روڪيو ۽ جنگ جي حالت ۾ هوندي به ايران ۾ چونڊن جو عمل جاري رهيو ۽ سامراجي قوتن سان ٽڪر کاڌو ۽ ايراني خودمختيار سامراجي رشتن ناتن کان آزاد رياست بڻي ته امام خميني جي ڪري.
ايتري ۾ گائيڊ يونس آيو ته بسون اچي ويون آهن هلو ته توهان کي شھنشاهه ايران جو محل ۽ امام خميني جو گهر ڏيکاري اچون. مان صحافي جوڙي کان موڪلائي بس ۾ وڃي ويهي رهيس، هوٽل ٻاهران قطار ۾ 6 بسون بيٺل هيون، هر بس ۾ 1،2، 3، 4، 5 ۽ 6 جا انک لکيل هئا، مان بس نمبر 2 ۾ ويهي رهيس، مُني ڪلاڪ تائين بس تهران شھر جي مختلف روڊن تان گذرندي رهي، هتي جا روڊ ويڪرا، صاف سٿرا ۽ ٻنهي پاسن کان شھتوط جا وڻ لڳل آهن، حيرانگي اها ته ايڏن وڏن وڻن هوندي روڊ ۾ فٽ پاٿن کي هڪ سُڪل يا سائو پتو به نظر نه آيو. هر روڊ ڪلفٽن ۽ ڊفينس جيان ويڪرو ۽ صاف سٿرو. هر چوڪ تي گلن سان وڏا چوڪور ٺهيل، جنهن ۾ هر رنگ جا گل پيل هئا، هي مُلن جو ملڪ ته لڳوئي نه پئي، حالانڪه هتي هر هنڌ وڏا گائون پاتل مولوي وڏي اڪثريت سان گهمندي نظر آيا ۽ روڊن تي پنڌ هلندي نظر اچي رهيا هئا. اهو سوچيندي بسون بهي رهيون ۽ چيو ويو ته ايرانا پئليس اچي وئي آهي. اسان هيٺ لٿا سون ۽ شاهه ايران جي محل ۾ داخل ٿياسون گائيڊ ٻڌايو ته هي محل 120 ايڪڙن تي مشتمل زمين تي ٺهيل آهي. هرڀاتي لاءِ الڳ محل ٺهيل آهن. پهريان ان محل ۾ وياسون جنهن ۾ رضا شاهه پهلوي پاڻ رهندو هيو. هن جي ڪانفرنس روم ۾ پهتاسون جتي سون جو پٽ چڙهيل 20 ڪرسيون پيل هيون ۽ وچ تي ڳاڙهي رنگ جو ايراني هنر جو شاهڪار قالين وڇايل هئي. اسان مان ڪجهه ماڻهن ڪرسين تي ويهي فوٽو ڪڍرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته محل جا رکوالا ڀڄندا آيا ۽ انهن کي اٿاري ڇڏيو رڙيون ڪري چوڻ لڳا ته هي پراڻيون ۽ ڀُتيون ٿي چڪيون آهن، هي ويهندي ئي ڀُري وينديون هي گهر هاڻي ميوزيم آهي. توهان ڏسو ته شهنشاهه جو زوال ڪئين آيو ۽ جتي پکي به پر نه هڻندو هو اُتي الله جي قدرت ڏسو توهان مختلف ملڪن کان آيل ڌاريا ماڻهو ڪئين پيا گهمندا وتو. اسان اُتان نڪري شاهه جي ڊرائنگ روم آياسون، جنهن ۾ ان زماني جا درآمد ڪيل شاندار صوفا پيل هئا. ڀرسان ڊريسنگ روم هيو. ان ۾ طرح طرح جا سينٽ ۽ عطر پيل هئا، جيڪي شاهه ۽ ان جو خاندان ڀڄڻ وقت ايتري مهلت به نه ملي جو هي عطر جون شيشيون به کڻي سگهن ها. ڪمال وري امام خميني جي انقلابي پاسدارن به ڪيو ته نه ان محل مان ڪو سامان کڻڻ ڏنو ۽ نه ئي ڀڇ ڊاهه ڪرڻ ڏني ۽ ان محل کي عبرتگاهه بڻائي هر شي کي جئين جو تئين ڇڏي ڏنو. شاهه جي ٻئي ڪمري ۾ وياسون جتي قسم قسم جون پراڻيون نيون تلوارون، جن مان ڪجهه تلوارون جا مياڻ به سونا هئا. امام خميني جي انقلابي پاسدارن ڪنهن به حڪومتي وزير يا امير به اها همت نه ڪئي ته اتان ڪا شي کڻي وڃي ها. شاهه جي بيڊ روم ۾ وياسون، جتان درين کي کولڻ تي باغ جو شاندار نظارو نظر آيو جنهن ۾ هر طرح جي ميووي جا وڻ، هر طرح جي رنگ ۽ خوشبو جا گُل لڳل هئا، هي حڪومت گذريل 32 سالن کان ان باغ جي هر وڻ ۽ گل کي به سنڀاليندي اچي. اسان جي ملڪ ۾ ائين ٿئي ها غلم، غاليچا، ڪرسيون، سينٽته ڇا ڀتين کي پاڙون پٽي سرسر گاڊر ٽيئر کڻي وڃن ها. 1977ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، پي.اين.اي مولوين جي تحريڪ کان خوفزدهه ٿي شراب خانن تي پابندي ڇا لڳائي، ماڻهن شراب جي اسٽورن تي حملو ڪري، بوتلون، رقم هر شئي کڻي ويا.
اسان هن محل مان ٻاهر نڪتاسون ته 1901ع واري زماني جي شاهه جي به ڏاڏي جي دور جي هڪ ڊگهي جيپ ڇپري اندر بيٺي هئي، جنهن جا ٽائر به سلامت ۽ هواڀريل ۽ ان جي ائين ڇنڊ ڦوڪ ٿيل، ڄڻ شاهه اندران نڪرندو ۽ اچي هن ۾ ويهندو. اسان پئي سمجھيو ته ايران ۾ مُلن جي حڪومت آهي، هر شئي تحس نحس ٿيل هوندي پر هي ته سولائيز (مهذب) مُلا آهن، پنهنجي انقلاب جي نشانين کي به ثقافتي ورثي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.
اتان نڪري باغ ڪراس ڪري شاهه جي شهزادي آريا مهر جي محل ۾ آياسون، جتي هن جا سونا زيور، ڪپڙا، آرائش زيبائٽس جو سامان هر شي جئين جو تئين ٺهيل ٺڪيل ۽ ڪپڙا هينگر ۾ٽنگيل، ڄڻ ڪي شهزادي اندر ڪٿي موجود هجي ۽ ڪپڙا نوڪرن سنواري رکيا هجن، ماڻهن شوق پورو ڪرڻ خاطر ڪپڙن کي ڇھڻ چاهيو ته رکوالن چيو هي 32 سال پراڻا ڪپڙا آهن، هنن کي هٿ نه لڳايو، ڌاڳ دار ٿيندا ته ڌوپڻ سان ڦاٽي پوندا.
ان جي ڀرسان شاهه جو شاهي مهمان خانو هو، مهمان خاني جي سامھون هوٽل هو جتي مهمانن جي خاطرتوازن ڪرڻ لاءِ بندوبست ٿيل هو. مهمان خاني ۾ وياسون، جتي هنن چيو ته هنن جي ڇت کلي ويندي آهي. چيو ته کولي ڏکياريون اسان چيو کوليو، هنن هڪ ليور دٻايو ۽ ڇت کلڻ شروع ٿي آهستي آهستي کلندي وئي ۽ آسمان ظاهر ٿي پيو، شاهه جو اُس ڏسڻ جو خيال ٿيندو هو ته ڇت کولائي ڇڏيندو هو. ان ئي مهمان خاني جي پهرين ماڙ تي وياسون، جتي هڪ وڏو هال هو، جنهن ۾ شاهه جون فوجي ورديون ٽنگيل هيون، هو هوائي بري بحري فوجن جو چيف ڪمانڊر به هو، تنهن ڪري سڀئي ڊريسون تيار هيون، اُتي اچي ڪابه وردي پائڻ جو موڊ ٿئي ته ورديون تيار هونديون، يا پنهنجي محل ۾ ويٺي اُتان گهرائي پائيندو هوندو.
اتان کان ٿي وري شاهه جي ڀيڻ ۽ پٽن جي محلن ۾ وياسون، جن ۾ به ڪپڙا، سينٽ، جوتا، ڪتاب، رانديڪا جئين جو تئين پيل هئا. گاڏين ۾ رڳو هڪ ئي پراڻي جيپ بيٺل هئي. شاهه وٽ اُن زماني جون مرسڊيز ڪارون هونديون هيون، انهن مان ڪا به گاڏي نه هئي، ٿي سگهي ٿو ته اهي نيلام ڪري پئسو ملڪ جي ڪاروهنوار ۾ شامل ڪيو هجي. 200 ايڪڙن تي محل جنهن ۾ نوڪرن جا گهر الڳ، پري قطار ۾ هئا، 200 ايڪڙ تي وڌ ۾ وڌ باغ هئا. جن ۾ طرح طرح جا ميووا ۽ خوشبودار رنگ به رنگي گل هئا.
اُتان کان نڪتاسون ته شاهه کانپوءِ ان درويش جي گهر پهتاسون، جنهن ايڏي وڏي طاقتور شاهه کي نه رڳو ڀڄائي ڪڍيو، جنهن کي مرڻ کانپوءِ به ڪٿي پورڻ لاءِ زمين جو ٽڪرو به ڏيڻ لاءِ تيار نه هو. ان جو گهر ڏسي اسان 33 ملڪن جا مهمان دنگ رهجي وياسون، هڪ ننڍو ڪمرو هڪ ننڍڙو ورانڊو ۽ ورانڊي جي سامهون، ڇهن کٽن رکڻ جو اڱڻ، هي هيو امام خميني جو محل، چون ٿا ته انقلاب کانپوءِ جڏهن جلاوطني ختم ڪري آيو ته مرڻ گهڙي تائين ان ئي گهر ۾ رهيل هو. اسان اڄ انتهائون ڏٺيون ۽ واقعي قدرت جڏهن به ڪنهن شاهه جو زوال ڪرايو ته اهو فقير هٿان ئي ٿيو آهي. ننڍڙي گهر ۾ ويهي امام خميني ايران جي سلطان خلاف بغاوت جو علم بلند ڪيو، ان گهر ۾ امام خميني کي گرفتار ڪرڻ وارو فوٽوگراف به لڳل هئا، ان وقت امام خميني جي منهن تي خوف يا ڊپ جو ڪو به اُهڃاڻ نظر نٿو اچي، بعد ۾ هن کي فرانس جلاوطن ڪيو ويو، جتي جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهي امام خميني شاهه ايران خلاف تاريخي جدوجھد هلائي ۽ ان ۾ سوڀ حاصل ڪئي.
واپسي تي هڪ وڏي باغ ۾ وٺي آيا، ٻڌايو ته هتان کان انقلاب جي شروعات ٿي هئي، هتي شاهه جي وفادار فوج گوليون هلائي هزارين ماڻهو شهيد ڪيا هئا. اتي بهترين باغ ٺاهيو ويو آهي، جتي رنگ برنگي گل ۽ وڻ لڳل، بئنچون ٺهيل، جتي نوجوان جوڙا هٿ هٿ ۾ ڏئي هڪٻئي جي ڪنن ۾ سرڀات ڪري، پيار پرکڻ جا وچن ڪري رهيا هئا، هتي مونکي مُلن جو ملڪ نظر نه آيو، جتي پيار تي پهرا هجن ۽ پيار ڪرڻ وارن کي سنگسار ڪيو وڃي. مون گائيڊ کان پڇيو هي جوڙا شادي شده آهن، هن چيو ته هتي اُهي غير شادي شده جوڙا ايندا آهن، پيار جا وچن ڪري گڏ گهمي هڪٻئي کي پرکي سمجھي پوءِ شادي ڪندا آهن. تنهن ڪري هتي ان قسم جي ڪابه پابندي نه آهي. اسان 2:00 وڳي وري واپس هوٽل پرشين انقلاب موٽي آياسون.
شام جو 5:00 وڳي اسان سڀ هيٺ لهي لابي ۾ آياسون، جتي اسان کي ڪائو چانهه پيش ڪئي وئي،جنهن جي پيئڻ جو طريقو سمجهه ۾ نه آيو. ڦڪي چانهه ۽ کنڊ ننڍڙيون ڳوڙهيون پيل هيون. جن کي وات ۾ رکي چانهه سُرڪ ڀرڻي پئي ٿي. ان خفي سبب مان چانهه کي هٿ ئي نه لاٿو، اسان جي ملڪ ۾ چانهه مٺاڻ جي ڪري پيئندا آهيون، ٺيڪ 6 وڳي اسان کي بس ۾ ويهاريو ويو چيو ويو ته اسلامي جمھوريه ايران جو صدر احمد ينجاد صاحب اسان سان ملندو، ان جي رهائشگاھ ڏانهن 6 بسن ۾ سوار ٿي 33 ملڪن مان آيل مهمانن سان گڏ جي روانه ٿياسون، بسون مختلف روڊن تان هلنديون رهيون. روڊن تي عورتون ڪارون هلائيندي نظر آيون. هتي شاھ جي دور ۾ ئي شايد پينٽ ڪلچر ٿي وئي هئي، جنهن کي مولوي انقلاب کانپوءِ به بدلائي نه سگهيا. مولوي پاڻ به پنهنجي عورتن سميت پينٽ پائي پيا گهمن. عورتن کي بس مٿو اگهاڙو ڪرڻ جي اجازت نه آهي. هوٽل ۾ مئنيجر کان بئري تائين هتي هر ملازمت ۾ عورت موجود آهي. عورت گهر ۾ ماني پچائڻ کانسواءِ سڀ ڪم ڪري ٿي بس نٿي ڪري ته رڌڻ جو ڪم نٿي ڪري، اهو مرد کي ڪرڻو آهي، هوٽل تان آڻي يا پاڻ پچائي، عورت کي بس کائڻو آهي. بسون پوليس ڪارن جي ڪاروان ۾ مختلف روڊن تان هلنديون رهيون. هتي مونکي ڪافي هنڌن تي روڊن تي هلندي ائين محسوس ٿي رهيو هو ته ڄڻ ڪنهن يورپي شهر ۾ هجون، يورپ جا روڊ وسنديون وڻن سان ڍڪيل هوندا آهن ۽ چوراهن تي مختلف قسم ۽ رنگارنگي گلن جا چوڪور ٺهيل هوندا آهن، تهران به ائين وڻن ۽ گلن جو شهر نظر آيو. عمارتي اڏاوت لاءِ پهريان لوهي فريم ٺاهيو ٿو وڃي ۽ پوءِ ان مٿان اوساري ڪئي وڃي ٿي، عمارت جي هيٺ بنياد ۾ بئرنگ رکيا ٿا وڃن، اهو ان ڪري جو هي شهر زلزلن جو مرڪز رهيو آهي. لوهي فريم لڳائي ان ۾ بئرنگ وجھي (Flexibility) آرام سان لوڏو برداشت ڪرڻ جي سگهه پئدا ڪئي وڃي ٿي. هتي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي مظبوط نظر آئي، مونکي لوهي فريم کانسواءِ ڪنهن عمارت جي اوساري ٿيندي نظر نه آئي.
اسان ساڍين 6 وڳي صدر صاحب جي رهائش وٽ پهتاسون، پرپوءِ اتان پنڌ هلڻ کانپوءِ پتو پيو ته حفاظتي اپائن سبب اسان کي ٻه ڪلوميٽر پري لاهي، هڪ لوهي گرل مان قطار ۾ هلڻ لاءِ چيو ويو، روڊ تي هنڌ هنڌ رڪاوٽون وڌل هيون، ائين جئين اسان جي ملڪ جي صدر، وزير اعظم ۽ وڏن وزيرن جي گهرن ڏانهن ويندڙ روڊن تي آهن. مختلف هنڌن تي اسڪرين مشين مان گذاريو ويو. اسان لفٽ کي ڇڏي ڏاڪڻ تي صدر جي وقع ڪانفرنس هال تائين پيادل هلياسون ۽ اڳئين سيٽن تي وڃي ويهي رهياسون، مونسان گڏ لاهور جو رانا ثميراز ۽ چوڌهري اطهر ۽ ٻه ٻيا لاهوري هئا، باقي يار محمد شاھ، عمار ياسر شاھ ۽ پير شهاب الدين شاھ آهستي هلڻ ڪري دير سان پهتا، اُهي قطارن ۾ ويٺا هئا ڪجهه حيدرآباد جا ٻيا به همراھ هئا، اهي وري آخر ۾ ويٺل هئا. پوڻين 7 وڳي ايراني انگريزي واري گائيڊ اسان وٽ اچي ۽ اسان کي چيو ته توهان کي هي سيٽون ليڊيز لاءِ خالي ڪرڻيون پونديون، اسان چيو، هتي ڪٿي اهو لکيل آهي ته هي سيٽون ليڊيز لاءِ آهن. ائين ڪري اسان جي توهين ٿي ڪرين، ان دوران هنن جو سئنير آفيسر آيو، هن کي به مئڊم چيو ته هي سيٽون خالي نٿا ڪن، هو ڪو سلجھيل آفيسر هو، مئڊم کي چيائين هي تون غلط ٿي ڪرين، ائين توکي ڪرڻو هو ته اسان کي پهريان درخواست ڏين ها. هاڻ مهمان نه مڇراءِ ۽ پروگرام خراب نه ڪر، جيڪي جتي آهن، انهن کي اُتي ئي ويهڻ ڏيو.
ٺيڪ 7 وڳي اسلامي جمھوريه ايران جو صدر آيو ته صلوات جي بُلند آواز ۾ هن جي آجيان ڪئي وئي، صدر صاحب پورپُني قدجو ٽاءِ، بنا ڪارو فل سوٽ، اڇي قميص پاتل، ڏاڙهي مشين تي ٺهيل، هو هٿ مٿي ڪري سڀني مهمانن جي نعرن ۽ صلوات جا جواب ڏيندو وڃي عام مهمانن جي وچ ۾ خالي ڇڏيل سيٽ تي ويهي رهيو، هڪدم اسٽيج سيڪريٽري آيو ۽ پروگرام جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان شروعات ڪئي، هو فارسي ڳالهائي رهيو هو، اسان کي ترجمو ٻڌڻ وارا اوزار ڏنا هئا، جيڪو فارسي لهجي واري انگريزي ۾ ترجمي ذريعي تقريرون سمجھڻ جي ڪوشش ڪندا رهياسون. تلاوت بعد سڀ کان پهريان رومانيه جي مسلمان مئڊم نصرت پروين کي سڏيو ويو، هن انگريزي ۾ چيو ته اڄ مونکي ان وقت ڏاڍو ڏک ٿيو جڏهن انقلاڀ برپا ڪندڙ امام خميني جو مون گهر ڏٺو، ايڏو وڏو ماڻهو ايتري ننڍڙي گهر ۾ رهندو هو ۽ ان گهر مان هن کي هڪ محل ۾ ويٺل شاھ کي تخت تاج سميت اڏائي ان جي گهر کي ميوزيم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ فلسطين، اردن ۽ ترڪي سان تعلق رکندڙ مهمانن کي سڏيو ويو، مون هندستاني گائيڊ کي پنهنجو نالو لکي ڏنو ته هو اسٽيج سيڪريٽري کي ڏئي هن چٽي پڙهي جنهن ۾ منهنجي نالي سان گڏ پاڪستان ڏسي چٽي اڇلائي ڇڏي. مونکي ڪاوڙ ڏاڍي لڳي جئين ٻاهريون ملڪ ۽ ملڪ جو صدر موجود هو اُتي ڪجهه چوڻ اکڻ مناسب نه لڳو. هو نئين پاڪستان سرڪار جي آمريڪا نواز پاليسن مان ايراني سرڪار خوش نظر نه آئي. آمريڪا طرفان ايران تي جيڪي اقتصادي پابنديون لڳل آهن، ان تي عمل ڪرڻ وارن ملڪن ۾ اسان جو پيارو پاڪستان به شامل آهي، هندستان ٻئي پاسا وهي ٿو پنهنجي ساک به بچائي ويٺو آهي، ان بعد اسٽيج سيڪريٽري اسلامي جمھوريه ايران جي صدر جي خطاب جو اعلان ڪيو، جنهن تي سمورا مهمان اُٿي بيٺا زوردار نعرا هنيان. امام خميني زنده باد، اسلامي جمھوريه ايران زندھ باد.
ان کان پهريان، ايران جو قومي ترانو سلائيڊ ذريعي ڏيکاريو ويو جنهن ۾ امام خميني جي آمد کان اڳ جلوسن تي ايراني شاھ پرست فوج ۽ پوليس جون هلايل گولين کان ويندي انقلاب ايران جي مڪمل ٿيڻ ۽ ايران عراق جنگ جي خاتمي تائين جي تصويري فلم ڏيکاري وئي ۽ تراني جي پڇاڙي ٿي ۽ شھيدن کي هڪٻئي پٺيان آسمان ڏانهن اڏامندي ڏيکاريو ويو.
اسلامي جمھوريه ايران جي صدر جناب احمد ينجاد خطاب ۾ آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا، جن ايراني سرڪار جي دعوت قبول ڪندي انقلابي اڳواڻ امام خميني جي 22 هين ورسي ۾ شرڪت لاءِ پهتا آهن. هن چيو ته هڪ شيطان (آمريڪا) سڄي دنيا جي مظلوم انسانن جو خون چوسي رهيو آهي، هو سرمائيدار دنيا کي مظبوط بڻائڻ لاءِ دهشتگردي جي بهاني توسيع پسنديءَ واري پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي، اسان کي يقين آهي ته جئين مارڪس نظريئي جي شڪست ٿي ۽ خاتمو ٿيو، ائين سرمائيداري دنيا جو به خاتمو ٿيندو. هن چيو ته اسان جا برادر (مسلم) ملڪ سعودي عرب ۽ پاڪستان به آمريڪا جي ڪٽپتلي جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، جنهن تي اسان کي ڏاڍو افسوس آهي، آمريڪا کي مصر ۾ ته ماڻهن جي جدوجھد تي تڪليف ٿي، پر اهو لبيا، يمن ۽ بحرين جي عوامي جدوجھد تي نه رڳو خاموش آهي، پر انهن حڪومتن جي مدد ڪري رهيو آهي. اُهي حڪمران جيڪي ٿورائي ۾ آهن ۽ عوام جي اڪثريت جي مرضيءَ خلاف عوام مٿان پنهنجي بادشاھت کي ٿاپيو ويٺا آهن. انهن جو حشر به شهنشاھ ايران وارو ٿيندو، جنهن کي دنيا جو ڪو به ملڪ قبر لاءِ اڍائي گز زمين ڏيڻ لاءِ به تيار نه هو. اسان هاڻ مستحڪم ٿي چُڪا آهيون ۽ هاڻ دنيا ۾ جتي به ڪو اسلامي ملڪ سامراجي پرماريت ۽ بادشاهت خلاف جنگ ڪندو ته اسان هن جي کلم کلا حمايت ڪنداسون. هن چيو ته آمريڪا کي عراق، افغانستان ۽ پاڪستان مان وڃڻو پوندو، ڇو ته انهن ملڪن جو عوام آمريڪا سان سخت نفرت ٿو ڪري. اسان کي يقين آهي ته سامراجيت ۽ سرمائيداري نظام جو ضرور خاتمو ايندو. ان جي چيلهه چٻي ٿي رهي آهي ۽ هاڻ آمريڪا گهڻي دٻ جهلي نه سگهندو، هو تقرير ختم ڪرڻ بعد جنهن دروازي مان آيو هو ان مان واپس هليو ويو. اسان واپس بسن ۾ سوار ٿي هوٽل پرشين انقلاب پهتاسون.
رات جو اسلامي جمھوريه ايران جي صدر جناب احمد ينجاد جي تقرير ٻڌي واپس هوٽل پرشين انقلاب تي پهتاسون ۽ فرسٽ فلور تي مڇي ڪباب چُلو مليا، مڇي ڏاڍي زبردست ٺهيل هئي، ايراني مرچ ته مور نه وجھن، مڇي ڪباب ايترو لذيذ ڇو آهي، مان ڪافي دير تائين سوچيندو رهيس، ان دوران حيدرآباد جو دوست ڊاڪٽر مختيار جعفري اچي ويو، هن مونکان پڇيو ڇا آهي، مون چيو مڇي ڪباب چُلو، هن به اُهوئي گهرايو، مان ڊاڪٽر کان پڇيو، ڊاڪٽر صاحب هي يار ته مرچ استعمال ئي نٿا ڪن ۽ مرچ کان سواءِ ته ٻوڙ ۾ چس ٺاهي هوندي، هي مڇي جو ڪباب ايڏو چسائتو ڇو آهي، ڊاڪٽر هتي زيارتن تي گهڻو ايندڙ آهي، هن چيو ته هي ادرڪ، ٿوم ۽ ٻيا مصالا استعمال ڪندا آهن، جنهن سبب ٻوڙ ڪباب ۾ چس پيدا ٿيندي آهي.
اسان ماني کائي هيٺ لابي ۾ لهي آياسون، جتي سيد يار محمد شاهه، ان جو فرزند سيد عمار ياسر شاھ ۽ پير شھاب الدين شاھ لابي ۾ ويٺا هئا، هنن چيو ته صبح جو هلو ته بيبي شهربانو جي مزار، شاھ عبدلعظيم بن امام موسى ڪاظم ۽ ٻين زيارتن تان ٿي اچي، سيد يار محمد شاھ چيو، ترسو ته مان گائيڊ کان پڇي اچان، مان شاھ صاحب کي روڪيو ته توهان هن کان نه پڇو ته بهتر آهي، توهان پڇندا ته هو هندستاني متعصب ماڻهو آهن، اسان کي پاڪستاني سمجھي بي سبب تنگ ڪندا ٿا رهن، توهان هن کان اجازت وٺندا، هو ڪو نه ڪو سبب ڪڍي وٺندو ۽ نڪرڻ نه ڏيندو. هڪ ته اسان سرڪاري مهمان آهيون ۽ ان سبب ڪري پروٽوڪول ۾ ڦاٿا پيا آهيون، گهمي نٿا سگهون.
ايتري ۾ سيد يار محمد شاھ موٽي آيو ۽ چيو ته هو چوي ٿو ائين ڪاڏي به نه وڃون، ايراني سرڪار ناراض ٿيندي. مان شاھ صاحب کي چيو پڇونه ها ته ٿي اچون ها. پوءِ مان يار محمد شاھ، شهاب الدين شاھ ۽ ڊاڪٽر مختيار جعفري کان پڇيو، جيتوڻيڪ منهنجي ڄاڻ آهي ته بيبي شھربانو، ان وقت جي ايراني نسراني مذهب سان تعلق رکندڙ ايراني بادشاھ جي نياڻي هئي جنهن مولا علي جي ايران کي فتح ڪرڻ وقت، بيبي شھربانو امام حسين ابن علي کي هار پارائي شادي جي خواهش ڪئي هئي، شادي ٿيڻ بعد بيبي شھربانو کي هڪ ئي اولاد ٿي اهو هو علي ابن حسين (امام زين العابدين) جنهن جي پيدائش جي نائين ڏينهن تي مديني ۾ ئي وفات ڪري وئي هئي ۽ ان جي تدفين به جنت البقي ۾ ٿي هئي. هتي بيبي شھربانو جي مزار ڪئين ٿي؟ ان تي هنن به منهنجي ڳالهه جي تائيد ڪئي ۽ يار محمد شاھ چيو، شر صاحب گهڻو کوجنا ۾ نه وڃون بس ثواب خاطر زيارتون ڪيو، مون چيو اُهو ته صحيح آهي پر زيارت صحيح به هجي نه، هتي ته سنڌ وارو ڪم لڳو پيو آهي، جنهن کي جتي آيو آهي اُتي مزار ۽ پير ٺاهي ويهي رهيا آهن. يار محمد شاھ ٿوري دير تائين مونکي گهوري ڏسندو رهيو ۽ چيو ڪجهه نه شايد اِهو جائزو وٺندو هجي ته هي همراھ ڪهڙي سوچ جو آهي، ڪھڙو نظريو ٿو رکي. ايتري ۾ گائيڊ ڊاڪٽر يونس آيو، چيائين سڀاڻي 12 وڳي هتان کان تهران يونيورسٽي هلبو جتي جمعي نماز پڙهبي، توهان ٺيڪ 12 وڳي لابي ۾ موجود هججو، هي اعلان ائين پيا ڪن، جئين اسان ڪي قيدي هجون ۽ هنن کي حڪم ٻڌائڻو آهي ۽ اسان کي ڪنڌ هيٺ ڪري قبول ڪرڻو آهي، مان يار محمد شاھ کي چيو هاڻ اسان 12 وڳي تائين هوٽل ۾ ويهي ڇا ڪنداسون ڀلا فردوسي بازار ويجھي آهي هلو ته اُتي گهمڻ هلون يا هتان جي ميٽرو ٽرين ۾ چڪر لڳايون. يار محمد شاھ چيو شر صاحب سڀاڻي جمعو آهي ۽ هي هفتوار موڪل آهي، جو ڇنڇر تي به امام خميني جي ورسي جي سلسلي ۾ موڪل آهي، تنهن ڪري 5 جون تائين هتي ڪابه بازار ناهي کلڻي. بس زيارتون ئي ڪري ٿا سگهون.
مان هنن يارن کان موڪلائي فردوسي واري روڊ سان واڪ ڪرڻ لاءِ نڪري ويس ڏهين وڳي کانپوءِ هتي سموريون بازارون رات جو 8 وڳي بند ٿي وينديون آهن، جوس ۽ برگر وارا ڏهين وڳي تائين هوندا آهن. مان ڏهين وڳي نڪتس ته شهر تي ڄڻ راڪاس ڦريل هو، ڪٿي ايڪڙ ٻيڪڙ جوڙا بازار مان گذرندي نظر آيا پئي. هتي موٽر سائيڪل، ٽيڪسي به عام جام نظر آئي. عورتون به ٽيڪسي موٽر سائيڪل تي گهوڙي لانگ ٿي ويندي نظر آيون. هتي عورتون اسان جي ملڪ جيان موٽر سائيڪل تي پاسيريون ويهڻ بدران گهوڙِي لانگ ٿي ويهن ٿيون، مطلب ته مٿي تي رومال نه هجي ته هي ملڪ يورپ جهڙو ئي آهي. پوري عرصي ۾ مان کي ڪو فقير پنندي نظر نه آيو، پر اڄ رات هڪ عورت هٿ ۾ اسپتال جي پرچي جھلي هر گذرندڙ ڏي آئي ڪاغذ وڌائي، مدد، مدد چئي پئي، مان ايراني 500 ريال هن کي ڏنا ته هن ڏاڍا ٿورائتي انداز ۾ نهاريو ۽ انتهائي شرمساري محسوس ڪري رهي هئي، مان بازار سنسان هجڻ سبب ۽ پرڏيهي هجڻ جي ڪري پاسپورٽ به ساڻ نه هجڻ ۽ اهو هوٽل وارن وٽ جمع هجڻ ڪري خوف سبب واپس موٽي اچي هوٽل ۾ سمهي رهيس.
3 جون 2011 صبح جو مان 9 وڳي ننڊ مان اٿس تڙ تڪڙ ۾ هٿ منهن ڌوئي ناشتو ڪرڻ هيٺ فرسٽ فلور تي پهچي ويس، جتي هڪ افغاني ايراني سان فارسيءَ ۾ ڳالهائي رهيو هو، هو بار بار مون ڏانهن ڏسي رهيا هئا. مون سمجھيو اهو پاڙيتو قوم جو ڀاڙيتو شھري پاڪستان تي تنقيد ڪري رهيو هوندو، مان پنهنجو ناشتو ڪندو رهيس، هتي پاڪستان جو Image ڏاڍو خراب نظر آيو، جنهن ڪري پاڪستانين کي هو آمريڪي يار سمجھي لفٽ ئي نه پيا ڪرائين. مان نيرن ڪري هيٺ لابي ۾ لهي آيس ته ٻه انٽيليجنس جا آفيسر مون وٽ آيا، جيڪي پهرين ڏينهن کان اسان پرڏيهي مهمانن جي نگرانيءَ تي معمور ٿيل هئا. انهن مان هڪ چيو ته توهان کي انگريزي اچي ٿي، مون چيو ها اچي ٿي، موبائيل فون اڳيان ڪندي چيو ته انٽرويو ڏي، مون چيو تون صحافي نه آهين، انٽيليجنس جو آفيسر آهين هي تنهنجو طريقو بلڪل غلط ۽ حراسمينٽ وارو آهي، ان تي هو پريشان ٿي ويو ۽ سينئر آفيسر کي فارسي ۾ ڪجهه چيو، هن چيس ته ٺهيو ڇڏينس، هو معذرت ڪري هليا ويا. مونکي اهو به خراب لڳو ته انڊين ۽ ٻئي ڪنهن به ملڪ جي مهمان جو ايڏو پيڇو نه ٿا ڪن، جيترو اسان جو پيڇو ڪري رهيا آهن، هن حڪومت کي پاڪستاني عوام کي حڪومت جو ايجنٽ سمجھڻ، هنن اسلامي جمھوريه ايران جي حڪومت جي ڪيڏي نه ڀُل آهي، جڏهن به آمريڪي سامراجي حڪومت ايران خلاف ڪو اهڙو قدم کنيون ۽ پابنديون لڳايون ته ان عمل جي وڌ ۾ وڌ مزاحمت پاڪستاني عوام ڪئي آهي. ايراني انقلابي حڪومت کي مستحڪم ڪرڻ واري عمل ۾ اسان اڳڀيرا رهيا آهيون، سنڌ جا ماڻهو ته سدائين سامراج مخالف، انقلابي سوچ وارا رهيا آهن، وڏي ۾ وڏي آمدني به سنڌ ۽ پاڪستان جي عوام جي ذريعي ايران کي ٿيندي رهي ٿي، هر مهيني هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو زيارت لاءِ ايران ويندا ٿا رهن. ڀارت صرف چالاڪي ۽ منافقي واري پاليسي تي عمل ڪندي ڪڏهن گئس لائين جو ٺاھ ڪندو آهي ته ڪڏهن ڪو ٻيو، ظاهر آهي ته گئس جي پائيپ لائين پاڪستان مان گذرندي پاڪستان مخالفت دشمني جي بنياد تي ڪندو، هندستان جا ايران وٽ نمبر ٺهندا ٿا رهن ۽ ايران تي لڳل بين الاقوامي پابندي واري عمل کان به بچي ٿو وڃي. اسان کي حيرت ايراني حڪومت جي پاڪستان عوام دشمن پاليسي تي آهي. هو سعودي حڪومت جيان اسان جي عقيدت ۽ مجبوري جو فائدو وٺي تذليل وارو ورتاءُ ڪندا ٿا رهن، ان لاءِ اسان نه پر اسان جا سامراج نواز حڪمران ۽ پاليسي ساز ادارا ذميوار آهن. سڄي دنيا ۾ هاڻ پاڪستان جو Image ڪٿي سٺو نه رهيو آهي، يا اسامه بن لادن يا ريمنڊ ڊيوس کان قصاص جا ڪروڙين رپيا وٺي عالمي شھرت ڪمائي چڪو آهي. مان هن وقت تائين دنيا جي چئن پنجن ملڪن مان گهمي آيو آهيان، پاڪستان کي ڪاٿي به سٺي نظر سان نٿو ڏٺو وڃي دهشگردي، ماراماري ان جي سڃاڻپ بڻجي چڪي آهي.
اڄ جمعو هجڻ سبب بازارون شهر بند هجڻ ڪري ڪاڏي به نه وڃي سگهياسون، ٻيا کوڙ همراهه شاھ عبدالعظيم الدين ۽ بيبي شهربانو جي مزارن تان زيارتون ڪري آيا، اسان يارمحمد شاهه جي اجازت واري معاملي سبب ڦاٿل رهياسون. 12 وڳي بسون لڳي ويون، اسان کي بسن ۾ ويهڻ لاءِ چيو ويو، تهران يونيورسٽي ۾ جمعي نماز پڙهڻي هئي. اسان کي اڄ بس نمبر 2 ملي، جنهن جو گائيڊ ايراني آهي، هو اسان کي بار بار سمجھائيندو رهيو ته واپسي تي بس نمبر 2 نه وسارجو، جئين پرائمري جي ٻارن کان سبق پڙهائبو آهي، تئين هو اسان کي سمجھائيندو ۽ پڙهائيندو رهيو. اسان هڪ وڳي تحران يونيورسٽي پهتاسون، اسان کي پرڏيهي مهمان هجڻ سبب گيٽ نمبر 1 مان اندر هلڻ لاءِ چيو ويو، جتي اسڪريننگ مشينون لڳل هيون ۽ سخت حفاظتي انتظام ٿيل هئا، اسڪريننگ مشين مان گذرڻ جي باوجود جسم جي تلاشي به ورتي وئي اسان اڳين صفن ۾ وڃي بيٺاسون، جتي حُجَتُ الله صديقي خطبو پڙهيو، خطبو سمجھڻ لاءِ اسان کي ترجمو ٻڌڻ وارو ڪَنَ ۾لڳائڻ جا اوزار ڏنا ويا. ترجمو ڪندڙ جي انگريزي پوري پُني هجڻ سبب صحيح طرح سان ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو، ايترو سمجهه ۾ آيو ته آمريڪا جيڪو وڏو شيطان آهي، اُهو لبيا، سعودي، بحرين ۽ يمن ۾ هلندڙ عوامي تحريڪن تي حڪمرانن جي ڳجھي مدد ڪري تحريڪ کي چيڀاٽڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اسان انهن ملڪن ۾ هلندڙ عوامي جدوجھد جي حمايت ڪريون ٿا ۽ انشاالله اُتي تمام جلد اسلامي انقلاب برپا ٿيندا، جتي به اسلامي انقلاب لاءِ هلچل هلندي ايران ان جي حمايت ۽ ڀرپور مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هڪ وڏو ميدان هو، جنهن ۾ لکين ماڻهو جمعي نماز پڙهڻ لاءِ گڏ ٿيل هئا. اهو ميدان لوهي چادرن سان ڍڪيل هو هتي يا ته لوھ جا گهڻا ذخيرا آهن يا ٻيو ڪجهه فلائي اوور پلون به لوھ جون ٺهيل آهن. هن تحران يونيورسٽي مسجد ۾ جتي لکين ڏيهي پرڏيهي مرد ۽ عورتون نماز پڙهڻ لاءِ ڪٺي هئا. اتي ڳجھا ادارا به ايتري ئي تعداد ۾ چوڪس نظر آيا. جمعي نماز پڙهڻ بعد ٻيپھري جي نماز پڙهي، پيش امام هليو ويو، هونئين شيعا فڪر ۾ جمعي نماز پڙهڻ بعد ٻيپهري ۽ ٽيپهري جون نمازون گڏ پڙهيون وينديون آهن. پر هن ۾ پرڏيهي اهل سنت سان تعلق رکندڙ مهمانن جو به وڏو تعداد نماز ۾ موجود هو، شايد ان ڪري اهل سنت وارو طريقو اختيار ڪيو ويو.
اسان جمعي نماز پڙهڻ بعد واپس هوٽل پرشين انقلاب تي موٽي آياسون، مان يارمحمد شاھ، شهاب الدين شاھ، عمار ياسر شاھ ۽ ڊاڪٽر مختيار جعفري هڪ ئي ٽيبل تي منجھند جي ماني کائڻ لاءِ ويٺاسين، مان يار محمد شاھ کي چيو سڀ گهمي ڦري آيا، توهان اسان سان پٺاڻ واري ڪاروائي ڪئي، هن چيو اُهو ڪئين مان قصو ٻڌايو ته ماڻهو هڪ دعوت ۾ آيا ويا پئي، پٺاڻ چوڪيدار دروازي تي بيٺو هو مون جھڙي غريب وڃي پٺاڻ کانپڇيو ته خان صاحب مان اندر وڃان، پٺاڻ ٻانهه کان پڪڙي چيو خوچه تون اندر نه ويندي غڙيب عوام چيو، خان صاحب ٻيا جو وڃن ٿا، خان صاحب چيو خوچه اهي مونکان پڇن ته ڪونه ٿا، شاھ صاحب نه هندستاني گائيڊ کان پڇي نه ها ته ٻين جيان اسان به ٿي سگهي ٿو گهمي ڦري اچون ها.
شام جو اسان کي رات جي ماني وقت چيو ويو ته صبح جو اٺين وڳي تيار ٿي لابي ۾ موجود هجون جو امام خميني جي ورسي ۾ شرڪت لاءِ هلڻو آهي، ماني کائي فردوسي مارڪيٽ ۽ بازار طرف چهل قدمي ڪرڻ ويس، موڪل هجڻ سبب بازارون بند هيون، روڊ سنسان هئا، روڊن تي ايڪڙ ٻيڪڙ گاڏيون هلنديون آهن، ٻڌڻ ۾ آيو ته ايراني موڪل واري ڏينهن پاڻ سان کاڌا کڻي ٻاهر کليل ميدانن ۾ ڍنڍن تي وڃي چادرون وڇائي آرام ڪندا آهن، هتي نهري نظام نه آهن جو گرمي ۾ اسان جي ملڪ جيان واهن تي وڃي پڪنڪ ملهائين، يا وري شهيد ۽ قم، معصوم قم ۽ امام علي رضا ابن موسى رضا جي زيارتن تي هليا ويندا آهن. مان چهل قدمي ڪري لابي ۾ اچي چانهه پيتي اُتي ٽي چار هندستاني ويٺا هئا. مونکي سلوار قميض ۾ ڏسي چيو پاڪستاني، مان هائو ڪار ڪئي، ان تي هنن چيو ته توهان جي ملڪ ۾ ته حالتون ڏاڍيون خراب آهن. مان هنن کي جواب ڏنو ته توهان جي ملڪ جيتريون خراب نه آهن، توهان جي ملڪ مان تازو ٿي آيو آهيان، اسان جي جئپور ۾ هوندي، مسلمان پوليس آفيسر ڦول محمد کي زندھ ساڙي ماريو ويو، هنڌوپوليس آفيسر خاموش تماشائي بڻجي ڏسندا رهيا ۽ مسلمان پوليس آفيسر کي بچائڻ لاءِ هوا ۾ به گولي فائر نه ڪئي، اجمير ۾ وياسون ته زيارتين جي کيسا پٽ لڳي پئي هئي اُتي بيٺل داداگير زيارتين کان پڙ ۽ تبرڪ جا مرضيءَ موجب پئسا وٺي ڦري رهيا هئا، ڪوئي پڇڻ وارو نه هو. دهلي ۾ ڀائيوارن ٺيڪيدار کي مٿي بلڊنگ تي وٺي ڌڪو ڏئي ماري ڇڏيو، اسان وٽ ته اهڙي صورتحال نه آهي، باقي جيڪي به حالتون آهن توهان جو ملڪ آمريڪا سان ملي ڪري خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، بهرحال اسان جو ملڪ مستحڪم آهي. هندستان کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت اڄ به رکي ٿو، اهو ٻڌڻ تي همراھ ٿڙپکڙ ٿي ويا ۽ وري مونسان ڳالهائڻ جي ڪڏهن به ڪوشش نه ڪئي، ايتري ۾ يار محمد شاھ ۽ سندس فرزند عمار ياسر شاھ، شهاب الدين شاھ ۽ ڊاڪٽر مختيار جعفري وارا به اچي ويا ۽ لابي ۾ گڏ ايراني ڪهوه چانهه پيتي سين، مان چيو هنن صبح 7 جو 8 وڳي تيار ٿي لابي ۾ اچڻ لاءِ چيو آهي، شهاب الدين شاھ چيو ورسي ٻن ڪلاڪن ۾ مڪمل ٿي ويندي، پاڻ واپس شاھ عبدالعظيم ابن موسى راضا ۽ بيبي شهربانو جي زيارتن تي هلنداسون، جيتوڻيڪ شر صاحب کي بيبي شهربانو جي مزار هتي هجڻ تي اختلاف سان اسان به سهمت آهيون، پر نالي ٿيل آهي سو مزار تي هلنداسون مان چيو ان شرط سان ته يار محمد شاھ پٺاڻ کان پڇندو نه ته اسان اندر وڃون يا نه، ان تي سڀني هڪ آواز ٿي چيو نه نه هرگز نه، بنا پڇڻ جي هليو هلڻو آهي، اُتان اٿي هرڪو ڪمرن ۾ سمھڻ هليو ويو.
صبح جو 7 وڳي اُٿياسون، تيار ٿي هيٺ نيرن ڪرڻ وڃي لابي ۾ امام خميني جي ورسي ۾ شرڪت لاءِ بسن ۾ ويهڻ جو اعلان ٿيڻ جو انتظام ڪرڻ لڳاسون، ايراني وقت جا پابند آهن، ٺيڪ 8 وڳي بسن ۾ ويهڻ جو اعلان ٿيو، اسان 2 نمبر بس ۾ ويٺاسون. بس مختلف رستن کان ڏيڍ ڪلاڪ جو سفر ڪري امام خميني جي مزار تي پهتي، جتي وڏي تعداد ۾ بسن جون قطارون هيون، ايراني عوام امام خميني سان وڏي عقيدت ٿو رکي، انهن جي بسن کي مزار کان ٻه ميل پري بيهاريو ويو، لکن جي تعداد ۾ مرد ۽ عورتون پيادل مارچ ڪندا وڃي رهيا هئا. اسان پرڏيهي مهمانن جي بسن کي پهريان ته انقلابي پاسدارن روڪي ڇڏيو، انهن جي اڳيان اسان سان گڏ پوليس ۽ انٽيليجنس آفيسرن جي دال نه پئي گهري، اُهي به چُپ ڪري بيٺا ۽ پاسدارن جي ڪمانڊر سان رابطو ڪيو، جنهن کان حڪم ملڻ بعد اسان جي بسن کي اندر ڇڏيو ويو، اتان کان به مزار تائين پهچڻ جو رستو 3 ڪلو ميٽر هو، اسان ڏٺو ته ايراني مرد ۽ عورتون جھنڊا ساڻ ڪري ماتم ڪندا مزار طرف وڃي رهيا هئا. هڪ ڪفن پوشن جي وڏي قطار نظر آئي، جن پاڻ کي قطار ۾ هڪ ئي رسي ۾ ٻڌي ڇڏيو هو، اُهي ماتم ڪندا، فوجي پريڊ وانگر قدم اڳتي پوئتي کڻندا نوحي خواني ڪندا مزار طرف وڃي رهيا هئا. اسان کي مزار جي دروازي تي لاٿو ويو، 200 ايڪڙن تي مشتمل زمين تي چوطرف چوڪنڊي صورت ۾ عمارت ۽ امام خميني جو روضو ٺهيل آهي، ان عمارت کي اسلامي تعليمات جي پي.ايڇ.ڊي ڏيڻ واري يونيورسٽي قائم ٿيل آهي، مزار زير تعمير آهي ۽ اندر هڪ وڏو ميدان جيڪو 50 ايڪڙن تي هوندو، سڄو لوهي چادر سان ڍڪيل آهي ان جي هيٺيان پرڏيهي ماڻهن جي ويهڻ لاءِ ڪرسيون ۽ ايرانين لاءِ فرشي نشست هئي، لکين ماڻهن جي اجتماع کي رضاڪار پاڻي به پياري رهيا هئا، جي پاڻي پيارڻ جو ايڏو سٺو بندوبست نه هجي ها ته هيڏي وڏي اجتماع ۾ سنوين ماڻهن جي گهٽجي ۽ اُڃ وگهي مرڻ جا امڪان موجود هئا. اسان کي هتي به مختلف اسڪريننگ مشين مان گذري جلسي گاھ ۾ پهتاسون ته امام خميني جو پوٽو تقرير ڪري رهيو هو، ان جي تقرير ختم ٿيڻ بعد امام خميني جي جاءِ تي مقرر امام خامنائي آيا، ماڻهن اُٿي بيهي نعرن جي گونج ۾ هن جو شاندار استقبال ڪيو. هن هٿ لوڏي ماڻهن جي نعرن جا جواب ڏنا ۽ پوءِ تقرير شروع ڪئي هتي به اسان کي ترجمي وارا انسٽرومينٽ ڏنا ويا. امام خامنائي جيڪو هن وقت ايران سميت سڄي شيعا مسلمانن جو روحاني پيشوا اڳواڻ آهي، هن آمريڪا کي چتاءَ ڏيندي چيو ته هن اسلامي ملڪن ۾ پنهنجي جارحانه توسيع پسند پاليسين کي بند نه ڪيو ته هاڻ اسلامي ملڪن جي عوام سجاگ ٿيڻ شروع ڪيو آهي. ليبيا، بحرين، يمن ۽ سعودي عرب ۾ رياستي تشدد جي باوجود عوام بادشاهت جي خاتمي ۽ اسلامي جمهوريه نظام قائم ڪرڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيو آهي، آمريڪا جئين ايران مان پُڇ پائي ڀڳو هو، ان کان به بري حالت ۾ هن کي اسلامي دنيا جي ملڪن مان ڀڄڻو پوندو. امام خامنائي چيو ته اسان جو اسلامي انقلاب مستحڪم ٿي چڪو آهي، هاڻ اسان جتي جتي اسلامي انقلاب برپا ڪرڻ واري جدوجھد شروع ٿيندي اسان ان جي ڀرپور مدد ڪنداسون، فلسطين جي رياست قائم ڪرڻ ۽ يهودي رياست اسرائيل جي خاتمي لاءِ اسان فلسطيني مسلمانن جي جاني مالي مدد ڪري رهيا آهيون، انشاالله تمام جلد سيهوتي رياست جو خاتمو ايندو ۽ فلسطين هڪ اسلامي ملڪ طور دنيا جي نقشي تي نروار ٿيندو. هن چيو ته يهودي ۽ اسلام دشمن قوتون مسلمان ملڪن کان وڌيڪ سگهاريون نه آهن، پر اُهي اسلامي ملڪن جي ڪرپٽ حڪمرانن کي خريد ڪري اسلامي ملڪن ۾ پنهنجي مرضيءَ واريون ڪٽپتلي حڪومتون ٺاهيون ويٺيون آهن. پر هاڻ اُهي ڏينهن پري نه آهن، جڏهن، انهن آمريڪي پٺو حڪمرانن کي شاھ ايران جيان ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪندو پوءِ آمريڪا سرڪار پنهنجي دلال شاھ ايران جو جيڪو حشر ڪيو هو، هنن جو به اهڙو ئي ڪندو جو کين پورڻ لاءِ ڪوئي ملڪ اڍائي گز زمين ڏيڻ لاءِ به تيار نه ٿيندو، هي حڪمران سوچين ۽ آمريڪا جي دلالي ڇڏي پنهنجي ملڪ ۽ عوام مٿان جاري ظلم ۽ بربريت وارو نظام ختم ڪري حڪومت عوام جي حوالي ڪري هليا وڃن. هن ان موقعي تي سڄي دنيا مان آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ سڄي اسلامي دنيا جي عوام کي اپيل ڪئي ته وڏي (Great Shaitann) آمريڪا خلاف اُٿي کڙا ٿين۽ پنهنجي ملڪن جي آمريڪي پٺو حڪومتن جو خاتمو آڻي اسلامي جمھوريه نظام قائم ڪيو وڃي، هن جي تقرير جي پڄاڻي تي عوام زوردار نعرا هنيان ۽ پروگرام پورو ٿيو. اسان پئي سمجھيو ته شايد سڄو ڏينهن پروگرام هلندو ۽ سڀئي وزير ۽ مولوي تقريرون ڪندا. پر هتي معاملو بلڪل ابتڙ نڪتو. واپسي تي اسان پنهنجي بسن ۾ اچي ويٺاسون. هندستاني جن بسن ۾ آيا هئا. انهن مان ڀلجي اچي اسان جي بس ۾ ويٺا جنهن تي اسان جي بس جو انچارج آفيسر پريشان ٿي ويو هن چيوته هي توهان ڏاڍو غلط ڪيو آهي، توهان کي هن بس ۾ سيٽ نه ملندي، هو بيٺا رهيا، وائرليس تي انچارج آفيسر بس کي مين گيٽ تي بيهڻ لاءِ چيو. واپسي تي ٽرئفڪ جام ٿي وئي، جو مهمان رڳو اسان نه هئاسون، پر سفير ۽ سفارتخانن جو عملو به هو ۽ سڄي ايران مان قافله آيل هئا. واپسي ٿي ته اسان کي هڪ پاڪيٽ ڏنو ويو، جنهن ۾ جوس، سينڊويچ ۽ صوف پيل هو ته جئين مهمان هوٽل تائين پهچندي بک محسوس ڪن ته اهو کائي وٺن. مني ڪلاڪ جي جدوجھد کانپوءِ اسان جي بس مين گيٽ تي پهتي ۽ اتي هندستانين کي لاهي انچارج آفيسر سُک جو ساھ کنيون. اسان هڪ وڳي هوٽل پرشين انقلاب پهتاسون، جتي منجھند جي ماني کائي يار محمد شاھ ۽ ڊاڪٽر مختيار جعفري کي چيو ته هاڻ شهر گهمايو، ماني کائي روڊ تي نڪري آياسون، جتي يار محمد شاھ ۽ ڊاڪٽر مختيار جعفري ۽ پير شهاب الدين فارسي ڳالهائي ٻه ٽيڪسيون ڪري ورتيون. جن اسان کان في ٽيڪسي 30 هزار تمن گهريا، معنى پاڪستاني هزار رپيه، اسان ٽيڪسي ۾ سوار ٿي، بيبي شهربانو جي مزار تي حاضري ڀري، ان ڀرسان هڪ غار هو جتي چيو ويو ته ڪربلا جي جنگ کانپوءِ هتي بيبي چلو ڪٽيو هو. مان بحث نه ڪيو پر مونکي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، بيبي ڪربلا جي واقعي کان گهڻو اڳ مديني ۾ امام علي ابن حسين (زين العابدين) کي جنم ڏئي نائين ڏينهن جنت البقي هلي وئي هئي، بحرهال هي عقيدن جو مسئلو آهي، مان الجھڻ نه چاهيو. اندر مزار ۾ وياسون ته سنڌ سان تعلق رکندڙ زيارتين جو وڏو تعداد موجود هو، هڪ سنڌي زيارتي بيبي کي چئي رهيو هو، پنهنجي ٻچڙي علي اصغر جي صدقي مان کي ٻچڙو ڏيار، سنڌي مرد ۽ عورتون ڏسي مونکي ائين لڳو ڄڻ قلندر يا لطيف سرڪار جي مزار تي هجان. اتان دعا گهري واپس ٽيڪسي ۾ سوار ٿي امام علي رضا ابن امام موسى رضا جي ڀاءُ شاھ عبدالعظيم ابن موسى رضا جي مزار تي آياسون. ايراني حڪومت مزارن تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪري شاندار مقبرا جوڙايا آهن. هتي به سنڌ ۽ پاڪستان جي ٻين علائقن مان آيل زائرين جو وڏو تعداد نظر آيو. اسان هتي به دعا گهرڻ ۽ تبرڪ وٺڻ کانپوءِ بازار وياسون، جتان شھاب الدين شاھ آلوبخارن مان ٺهيل مانيون خريد ڪيون، مان پڇيو ته هي ڇا ڪندا، هن چيو هي کٽيون مٺيون آهن ۽ ٻار مزي سان کائيندا آهن.
اسان وري شهزاده حمزا ابن امام موسى رضا جي مزار تي آياسون، اُتي به اوترائي ماڻھو زيارت ۾ مصروف پنڃرن کي چنبڙيا پيا هئا، اسان هي به زيارت پڙهي، مان کي ته زيارت پڙهڻ ايندي ئي نه آهي، مان شهاب الدين شاھ جو پاسو جھليو هليس، هو زيارت ۽ دعا زبردست انداز ۾ پيو پڙهائي، مان ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته اها زيارت ۽ دعا ياد ڪيان پر شاھ صاحب الائي ڪٿان ڪٿان پيو لفظ ۽ جمعلو آڻي جيڪي منهنجي دماغ ۾ نه ويهي نه ويٺا. اسان زيارتون پڙهي شام جو 6 وڳي هوٽل پرشين انقلاب پهتاسون، ٿَڪُ هئڻ سبب مان ته پنهنجي ڪمري ۾ وڃي سمهي رهيس.
رات جو ماني کائڻ بعد اسان سڀئي سنگتي لابي ۾ ويٺا هئاسون ته هندستاني گائيڊ آيا ۽ هنن اعلان ڪيو ته صبح جو 7 وڳي سڀ مهمان لابي ۾ پهچي وڃن، جو سڀني مهمانن کي هوائي جهاز ذريعي مشهد امام علي رضا ابن امام موسى ڪاظم جي روضي جي زيارت تي نيو ويندو. اسان اِهو اعلان ٻڌڻ بعد سوير پهچي ڪمرن ۾ وڃي سمهي رهياسون. اڄ پنجون ڏينهن آهي، جو اسان جو حشر اسڪولي ٻارن کان به بدتر ٿيل آهي پوري ننڊ به نٿا ڪري سگهون هر وقت ڊسيپلين لاڳو آهي، اڳتي ڪڏهن به سرڪاري دعوت تي نه اچبو، جنگي قيدين کان به سرڪاري مهمانن سان بدتر ورتاءُ ڪيو ٿو وڃي.

05.06.2011
صبح جو 6 وڳي الارم تي جاڳ ٿي وئي، وهنجي سهنجي مان ته لابي ۾ وڃي ويهي رهيس، اڄ نيرن جو بندوبست ٿيل نه هو هنن اسان کي نيرن جهاز ۾ ڪرائڻ جو پروگرام ٺاهيو هوندو. ٺيڪ 7 وڳي بسن ۾ ويهڻ لاءِ چيو ويو، اڌ ڪلاڪ اندر شهر لڳ ايئرپورٽ تي پهتاسون. امام خميني انٽرنيشنل ايئرپورٽ ته شهر کان تمام گهڻو پري آهي، ايئرپورٽ لائونج ۾ پهچڻ بعد ٽڪيٽ بدران اسان کي بورڊنگ ڪارڊ ڏنا ويا، ائين ڌڪيندا پيا وڃن، ڄڻ ته بسن ۾ سوار ٿيڻو آهي، هتي ايئرپورٽ جو عملو انتهائي درجي جو چڙچڙو ۽ بخيل نظر آيو، هو ذري ذري تي مهمانن سان بدتميزي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي پيا وڃن، ائين محسوس پيا ڪرائين ڄڻ ته اسان فقير هجون ۽ هي اسان تي احسان عظيم ڪندا هجن، مهمانوازي ته اسان جهڙا ملڪ ئي ڪري سگهن ٿا. هنن کي تيل ۽ زيارتون نه هجن ها ته هنن کي پنڻ به نه اچي ها، بس قدرت عربن تي ۽ هنن تي راضي آهي. ڪلاڪ ڏيڍ ڪليئرنس ۾ لڳي ويو ۽ جهاز ۾ ويهاريو، جهاز جو عملو به بخيل پاڻي گهرڻ تي به هوسٽيس ۽ اسٽيورڊ مهمانن سان وڙهي پياپون. اُتي گائيڊ پڻ مايوس نظر آيا. جهاز رن وي تان ٿيندو فضا ۾ بلند ٿيو، مني ڪلاڪ بعد ننڍڙا پاڪيٽ حوالي ڪيا ويا، جن ۾ هڪ ننڍڙو ڪيڪ جو ٽڪر ۽ هڪ جوس جو ڊٻو رکيل هي هو ناشتو. اڍائي ڪلاڪن جي اڏام بعد اسان مشهد هوائي اڏي تي پهتاسون. بسن اچڻ ۾ ڪجهه دير هئي، ڪجهه ماڻهن ويهي عمارت ڏانهن واش روم وڃڻ جو ارادو ڪيو ته سيڪورٽي وارا گهيرو ڪري بيهي رهيا ته اندر نه ويندا، گائيڊ چيو واش روم وڃڻو آهي، مجبوري آهي، گائيڊ ٻڌو اڻٻڌو ڪري ڇڏيو، شهاب الدين شاھ سڌو عمارت ۾ هليو ويو، اشارا ڪندو ويو، ڪپڙا خراب ڪرڻا آهن ڇا، توهان کي جيڪو ڪرڻو آهي سو ڪريو، وٿي ملي وئي، سيد شهاب الدين شاھ پويان مان ۽ سيد يارمحمد شاھ به هليا وياسون.
واش روم کان واپس آياسون ته بسون پهچي چڪيو هيون، اسان کانسواءِ سمورا مهمان سوار ٿي چُڪا هئا، اسان به الڳ الڳ بسن ۾ سوار ٿياسون. مشهد ايئرپورٽ به شهر کان گهڻو پري هو، 11 وڳي جا ايئرپورٽ تان نڪتل ساڍين ٻارهين وڳي، امام مظلوم علي رضا ابن امام موسى ڪاظم جي مزار تي پهتاسون، اسان کي پهريان امام مظلوم علي رضا جي مهمان خاني هيٺان واقع مسجد ۾ نيو ويو، جتي اسان ٿڪل هجڻ سبب ليٽي پياسون، منهنجي نظر تيونس جي ڳاڙهي ٽوپيءَ واري مهمان تي پئي جيڪو پيش امام جي ويهي خطبو ڏيڻ واري ممبر کي چُمي ۽ گهڙي گهڙي هٿ مٿي ڪري الائي ڇا بڙبڙائي رهيو هو. مان يارمحمدشاھ کي چيو هو ڏسو ڇا پيو ڪري، يار محمد شاھ چيو، اِهو وڏو ڊرامي باز آهي ماڻهن جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ لاءِ اهڙيون حرڪتون ڪري رهيو آهي. مان پڇيو ڀلا هتي ڇو ويهاريو ويو آهي، هلو ته زيارت ڪريون يارمحمد شاھ ۽ شهاب الدين شاھ ۽ ڊاڪٽر مختيار جعفري به چيو ته بهتر اهو آهي ته پاڻ زيارت ڪري اچون. اسان جوتا اتي ڇڏي پيادل زيارت لاءِ نڪتاسون، مونکي اندازو نه هو ته گرمي سبب فرش تپي چڪو هوندو، وڏو ميدان اورانگي روزي تائين پهچڻ هيڏي تتل فرش هوندي، پيرين اگهاڙي پار ڪرڻ مشڪري نه هئي، چئني طرفن کان مڪي جي حرم جيان وڏا ميدان هئا، جن تي قالين وڇائي ٻپهري جي نماز جي تياري ڪئي پئي وئي، ان نٽهڻ اُس ۾ لکين ماڻهون نماز پڙهڻ جي تياري ڪري رهيا هئا. اسان وري پوئتي موٽياسين، نماز جي تياري پئي ٿئي اڳيان روزي ڏانهن ويندڙ سڀ رستا بند ٿي چُڪا هئا، سيد يار محمد شاھ ۽ سندس فرزند عمار ياسر شاھ اِهو چوندا هليا ويا ته اسان روضي اندر نماز پڙهنداسون.
امام علي رضا تڏهن 14 سالن جو هو، جڏهن عباسي حڪمران هارون رشيد امام علي رضا جي والد امام موسى ڪاظم کي 14 سال قيد ۾ رکڻ بعد زهر ڏئي شهيد ڪيو هو، امام جو قصور اِهو هو ته هن هارون رشيد جي بعيت ڪرڻ ۽ هن جي ظلمن کي صحيح قرار ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. چون ٿا ته آل رسول تي ظلم ڪربلا ۾ ختم نه ٿيا، پر اتان شروعات ٿي ۽ ڪربلا پٺيان وڏي ڪربلا ٿيندي وئي، امام موسى ڪاظم عه کي لڳاتار 14 سال قيد ۾ رکي به هارون رشيد بعيت نه وٺي سگهيو، آل رسول جي سچي عاشق بهلول کي قاضي القضاد (چيف جسٽس) جو عهدو آ ڇو ته بهلول سوچڻ لڳو هي هن وقت کيس ايڏو وڏو عهدو ڇو ڏئي رهيو آهي، هو جلدئي سمجھي ويو ته آل رسول امام مظلوم موسى ڪاظم 14 سالن کان قيد ۾ رهڻ باوجود هارون رشيد جهڙي بادشاھ جي بعيت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، هارون رشيد کان فتوى وٺي امام مظلوم کي شهيد ڪرڻ ٿو چاهي، بهلول اِهو ڏوھ کڻڻ کان بهتر سمجھيو ته پاگل ٿي وڃي هو باقي زندگي چريو ٿي رهيو، مٽيءَ جا ڍيرٺاهي جنت وڪڻندو رهيو.
امام مظلوم موسى ڪاظم کي زهر ڏيڻ بعد هارون رشيد پاڻ به گهڻو زندھ نه رهيو ۽ حرڪت قلب بند ٿيڻ سبب مري ويو، ان بعد ان جو پٽ مامون رشيد تخت تي ويٺو جنهن سڀ کان پهريان بغداد فوج موڪلي پنهنجي سڳي ڀاءُ کي قتل ڪرايو ۽ ان جو سر کيس خراسان (مشهد) ۾ پيش ڪيو ويو، ان بعد پنهنجي يهودي وزير اعظم جي مشوري تي امام مظلوم علي رضا ابن موسى رضا کي فوج موڪلي مديني کان خراسان (مشهد) گهرايو، امام مظلوم مديني ۾ صرف ديني تبليغ ڪري ۽ قراني تعليم وڌائي رهيو هو، هن جو حڪومتي معاملن طرف ڪو به ڌيان نه هو، پر هزارين عقيدت مندن جو وٽس جھرمٽ ڏسي، مامون هارون رشيد ۽ ان جي يهودي وزيراعظم کي ڊپ محسوس ٿيو ۽ ان کي خراسان ۾ گهرائي قيد ڪري رکيو ۽ آخر ۾ ان کي به زهر ڏئي شهيد ڪري ڇڏيو، هي امام علي ابن ابي طالب جي اولاد امام حسين شهيد ڪربلا جي نسل مان آهي، شيعه فقه ۾ هن امام جو نمبر 8 آهي.
ان دوران ٻپھري جي نماز جو وقت ٿي ويو اسان جي قافلي جي نگراني ڪندڙ هڪ انٽيليجينس آفيسر آذان ڏني، ان بعد نماز ٿي، نماز بعد اسان کي امام علي رضا عه جي باري ۾ تعرف ڪرايو ويو. مان شهاب الدين شاھ جو پاسو ورتو ته هلو هاڻ زيارت ڪريون، اسان اتان وري به پيرين اگهاڙا ٻاهر نڪتاسون ان وقت نماز لاءِ قالين وڇايل هئا، پير سڙڻ کان بچي ويا پر واپسي تي قالين هٽي چڪا هئا ۽ پيرن ڦلن جيان ٽچڪي ويا. بهرحال اسان امام مظلوم جي روضي تائين پهچي وياسون، هتي سنڌ ۽ پاڪستان جي ٻين علائقن جي زيارتين جو وڏو تعداد نظر آيو، ائين پيو لڳي ڄڻ قلندر جي مزار تي هجون، روضي تائين پهچڻ مونکي ناممڪن لڳو، تر جيتري وٿي به نه هئي، ان حالت ۾ روضي تائين پهچڻ ممڪن ئي نه هو، سيد شهاب الدين شاھ چيو توهان منهنجي ڪڍ هليا اچو هو 60 سالن کان چڙهيل ڪراڙو مڙس جوانن کان به تيز پيو هلي، ڌڪن ڌوڻن جي پرواھ نه پيو ڪري، هن مونکي هڪڙي ڪنڊ تي پهچايو جتان کان زيارت پڙهائي ۽ آرام سان روضي تي هٿ لاٿو ۽ زيارت پڙهي واپس ٿي اچي دروازي تي ساھ پٽڻ لاءِ ويهي رهياسون، ٿوري دير ويهڻ بعد شاھ چيو هلو ته الودائي زيارت ڪريون، دعا گهرون ته هن سفر جي پڄاڻي ٿي ايندڙ تي يا امام مظلوم وري به اسان کي گهراءِ يا وري به وياسون ۽ دعا گهري زيارت پڙهي واپس ٿياسون. جڏهن مسجد ۾ موٽي آياسون ته اسان کي پرچيون ڏنيون ويون. هي پرچيون امام مظلوم طرفان روزانه پرديسي 5 هزار زيارتين کي مفت ۾ لنگر کارايو ويندو آهي. اسان لنگر کائڻ وياسون ته اها گهڻ ماڙ عمارت ڪنهن 5 اسٽار هوٽل کان گهٽ نه هئي، صفائي هر ٽيبل تي هر ماڻهو لاءِ کيرو ۽ ٻيو صلاد رکيل، هتي حيرت ٿي اسان کي ڳاڙهن مرچن ۾ پاڪستاني قورمون ڏنو ويو، ڪافي عرصي کانپوءِ ڳاڙهو ٻوڙ ڏسي بُک مري ئي نه پئي، اسان شوربو گهريو ته ان جا ڏونگها ڀري کڻي آيا، کائڻ واري جيترو به گهريو پئي ان کي انڪار نه پئي ڪيو ويو اسان امام مظلوم طرفان ڏنل لنگر کائي ٻاهر آياسون ته ايراني مرد ۽ عورتون اسان کان اشارا ڪري لنگر جي اوبر آندل گهري رهيا هئا، جن کي خبر هئي تنهن ڪري ٿيلهين ۾ کڻي آيا اسان کي ان جي اهميت جي خبر نه هئي اسان نه آندو پوءِ ڏاڍو پڇتاءُ ٿيو، هي ڪو پنڻ وارا ماڻهو نه هئا، وڏا خاندان به اوبر گهري رهيا هئا ڇو ته امام مظلوم جو لنگر صرف پرڏيهي مهمانن کي کارايو ويندو آهي، ايراني عقيدي مطابق اها اوبر برڪت واري آهي ۽ هو پاڻ ۽ پنهنجي ٻچن کي تبرڪ ۽ برڪت طور کارائيندا آهن.
ماني کائڻ بعد اسان کي بسن ۾ ويهڻ لاءِ چيو ويو، جو اسان کي ايئرپورٽ لڳ هڪ هوٽل تي آندو ويو، جتي چيو ويو ته رات جو 9 وڳي تائين هتي آرام ڪرڻو آهي، اسان کي ڪمرن جون چاٻيون ڏئي چيو ويو ته هڪ ڪمري ۾ چار چار ڄڻا گڏ آرام ڪن، يارمحمد شاھ چئن بسترن واري ڪمري جي چاٻي وٺي آيو، مونکي چيو توهان اسان سان اچو، مان انهن سان آرام ڪرڻ سندن ڪمري ۾ ويس، ڪمري جي حالت اها هئي جو نه پيئڻ جو پاڻي نه جڳ نه گلاس، سڀ ويٽرس ليڊيز هيون، جن کي سواءِ فارسي جي ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو، اشارن ذريعي پاڻي گهريو سين ته اهي پاڻي جون ننڍيون بوتلون کڻي آيون، هي هوٽل برپٽ بيابان ۾ ڪا آبادي به نه هئي سمجهه ۾ نه آيو ته هي هوٽل هتي ڇو ٺاهيو ويو آهي، يورپين نسل جا مهمان به هتي ترسيل نظر آيا، مهمانداري لاءِ اسان کي هتي هڪ هڪ پاڪيٽ ڏنو ويو جنهن ۾ هڪ صوف، هڪ ترنج هڪ ڪيڪ جو ٽڪرو ۽ هڪ ننڍڙو جوس جو ڊٻو.
شام 6 وڳي تائين اسان آرام ڪيوسون ۽ بعد وهنجي هيٺ لهي آياسون، جتي هڪ ٽي اسٽال لڳو هو، ان تي به ليڊيز سروس ڪري رهيون هيون، هتي چانهه ۽ ڪافي جا پئسا پاڻ کي ڏيڻا پيا. ڪافي دير تائين هوٽل جي لان ۾ گهمندا رهياسون، جيڪو تمام خوبصورت نقلي آبشارن سان ڏاڍو وڻندڙ لڳي رهيو هو، هتي موڪلن تي ايراني پنهنجي ٻارن سان گڏجي تفريح ڪرڻ ايندا آهن. ان ڪري مان کي فضول لڳي رهيو هو. اسان کي رات جو 8 وڳي بسن ۾ سوار ٿيڻ لاءِ چيو ويو، منهنجي انڊين گائيڊ عزيز سان جھڙپ ٿي هئي، هو ان وقت پنهنجي انڊين سان گڏ بيٺو هو، مان واپس پنهنجي سيل لاءِ بيلنس وٺڻ لاءِ مڙيس. بدتميزي واري انداز ۾ چيو اي مسٽر واپس چلو اس طرف. مان کي باھ وٺي وئي، مان چيو هو مسٽر بيگرمين، ڀڪاري جي اولاد، مان رياستي مهمان آهيان، تون ملڪ ڇڏي در در جون ٺوڪرون کائي هتي ڪمائڻ لاءِ آيو آهين ته تون پاڻ کي ايراني نسل سمجھي ويٺو آهي، ان تي ايراني آفيسر ڀڄندو آيو، هن چيو ڇا ٿيو، مون چيو هي پنهنجي ملڪ جون نفرتون ذهن ۾ رکيون ويٺو آهي، اُتي ته کين ڀولڙا هٿن ۾ ڏئي هنن کي پننڻ جو ڌنڌو ڏنو اٿن. هتي هي توهان جي نسل جو بڻجي ويو آهي، پوءِ ايراني آفيسر به ٺيڪ ٺاڪ بيعزتي ڪيس، ان بعد هو جيڪو عرصو مان هوٽل ۾ هيس، مان ڏي اک کڻي نه ڏٺائين.
اسان رات جو 9 وڳي مشهد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهتاسون، تهران ايئرپورٽ جيان هتي هڪ ته ايران ايئرلائين جا جهاز نظر آيا ته ٻيا مهمان ايئرلائين، ڪنهن به ٻئي ملڪ جو هڪ به جهاز لهندي يا اڏامندي نظر نه آيو، ان تي خبر پئي ته هنن وٽ پنهنجا جهاز جام آهن. ان ڪري ٻين ملڪن ۽ ايئرلائين کي اجازت نٿا ڏين. اسان ساڍين 9 وڳي بورڊنگ ڪارڊ وٺي جهاز ۾ سوار ٿي وياسون ۽ 11 وڳي تهران ايئرپورٽ تي پهتا سون. هتي بسون پهريان کان ئي بيٺل هيون، جيڪي اسان کي کڻي هوٽل پرشين انقلاب آيون، اتي اسان ِ لابي ۾ ويٺاسون ته چيو ويو سڀاڻي شام تائين سرڪاري خرچ تي رهڻ ۽ کاڌ خوراڪ آهي ۽ پوءِ مهماني ختم هرڪو پنهنجو کاڌو کائيندو ۽ هوٽل جو خرچ برداشت ڪندو. اسان چيو اسان جي سيٽ 8 جون لاءِ ڪنفرم آهي، ان کان پهريان پاڪستان لاءِ ڪوئي جهاز نه آهي، انڊين چيو هنن جو جهاز 10 جون تي آهي، اسان چيو اسان کي جهاز ڏيو ته وڃون ٿا، ان تي ايراني پروٽوڪول آفيسر چيو ته لکت ۾ درخواست ڏيو ته توهان کي پنهنجو خرچ برداشت نٿا ڪري سگهون اها درخواست امام خميني انسٽيٽيوٽ کي ڏياري ٿا موڪليون. اُهي توهان جا ميزبان آهن، پوءِ هنن جيڪو فيصلو ڪيو، اسان چيو اسان اهڙي بيعزتي واري درخواست لکڻ لاءِ تيار نه آهيون، اسان پنهنجو خرچ به برداشت ڪري ٿا سگهون، پوءِ مسئلو پيدا ٿي ويو، ٻين مهذب ۽ پاڪستان کان وڌيڪ خوشحال ملڪن جي مهمانن هندستانين ۽ افغانين لاءِ هنن پروٽوڪول آفيسر جي چوڻ مطابق درخواست لکي ڏني، ان درخواست تي فيصلو آيو ته جن مهمانن جون اُڏام خاص ڏينهن تي آهن، انهن مهمانن کي ماني هوٽل جو خرچ امام خميني انسٽيٽيوٽ طرفان برداشت ڪيو ويندو، ان ۾ اسان به شامل ڪيا ويا سون، نقصان اهو ٿيو ته کاڌي جا ائٽم گهٽايا ويا، جوس ۽ بوتلون ختم ڪيون ويون، لسي جون ننڍيون بوتلون به نظر نه آيون، ڪباب چلو ۽ مرغ چلو جي ڄنگهه، ساڳ چُلو ۽ پالڪ چُلو ورتي، جيڪو کاڌو شايد اسان جي جيلن ۾ به نه ڏنو ويندو آهي، رات جي ماني کائي مان ۽ عمار ياسرشاھ واڪ ڪرڻ لاءِ فردوسي طرف نڪري وياسون هڪ ڪيبن واري کان عمار ياسر شاھ آئيس ڪريم گهري، هن آئيس ڪريم ڏيڻ وقت چيو، آئي لَو انڊيا، عمارياسرشاھ چيو آءِ لو پاڪستان، هتي هندستاني فلمون فارسي ۾ ڊپ ڪري هلايون وڃن ٿيون جنهنڪري ايراني ماڻهن تي هندستان جو وڏو ايران چڙهيل آهي، مون جيان انڊيا مان هڪڙو چڪر هڻي آيا ته لو انڊيا هيٽ انڊيا ۾ تبديل ٿي ويندو.
اسان واڪ ڪري لابي ۾ موٽي آياسون، يار محمد شاھ، ڊاڪٽر مختيار جعفري، شهاب الدين شاھ ۽ شبير علي خوجا ويٺا هئا، هنن چيو ته صبح جو قم هلڻو آهي، بيبي معصومه جي زيارت آهي، پنهنجي خرچ تي هلڻو پوندو، پير شهاب الدين چيو ته توهان اعلان ٻڌو اڄ کان اسان سرڪار جا مهمان نه آهيون، هو اليڪٽرڪ ڊور به کڻي ويا آهن، چند آفيسر رڳو سڪيورٽي جي لحاظ کان موجود آهن، اسان طئه ڪيو ته صبح جو 8 وڳي نڪري هلجي، يار محمد شاھ چيو ته شر صاحب کي شل ڪوئي اٿاري. مان چيو فڪر نه ڪريو مان پنهنجي سيل ۾ الارم فٽ ڪري ٿو ڇڏيان، ان دوران مان سوال ڪيو ته پاڻ اڌ شهر گهمي ڏٺو آهي، ڪنهن به اپارٽمينٽ يا گهرن ۾ اي.سي نظر نٿا اچن، هر هنڌ ايئرڪولر لڳل آهن، اهي به وڏن هوٽلن ۾ آهن ننڍن هوٽلن ۾ ايئرڪولر لڳل آهن. يار محمد شاھ چيو ته هتي گرمي گهٽ آهي، مون چيو سائين گرمي اسلام آباد جيتري ته آهي، ان کانپوءِ ٻاهر روڊ تي گهمي نٿو سگهجي، هتي 12 کان 3 وڳي تائين بازارون گرمي سبب ئي بند ٿي وڃن ٿيون. ان تي يار محمد شاھ چيو اهو ڪمال نه آهي ته هڪ منٽ جي به بجلي جي لوڊشيڊنگ نه آهي، مان چيو سائين معاف ڪجو جي عقيدي جي لحاظ کان ٿا چئو ته پوءِ سڀ صحيح آهي، حقيقت تي اچو ته ڪراچي جي سوا ڪروڙ آبادي واري شهر ۾ 80 لک اي.سي ۽ ننڍا وڏا پلانٽ لڳل آهن. جي هتي ان جي اڌ جيترا اي.سي لڳي وڃن هي بجلي جو توازن برقرار رکي ڏيکارين، سڀ صحيح، مارڪيٽ تي ڪهڙو ڪنٽرول آهي شين جا اگهه پنهنجي مرضيءَ سان ٿا وٺن، ٽيڪسي وارو هيڪوڻ کان چئوڻ تي ڀاڙو وٺي هنن کان ڪير پڇڻ وارو آهي، سعودي، مڪه ۽ مدينه شريف ۾ چئين طرفن هيوي جنريٽر رکيل آهن، حاجي صاحب ڇا چوندا آهن. سعودي ۾ هڪ سيڪنڊ لاءِ بجلي ناهي ويندي، واقعي حرم ۾ بندوبست ٿيل آهي، بجلي نٿي وڃي، اسان جدي کان مديني وڃي رهيا هئاسون، رستي ۾ رات ٿي وئي هوٽل تي ماني کائڻ لاءِ لٿاسون، هڪدم بجلي هلي وئي، جيڪا تيستائين ڪانه آئي جيستائين (ڪلاڪ کن) اسان ويٺا هئاسون. ٻنهي هنڌن تي ماڻهون عقيدن سان ٿا اچن اهي تنقيدي جائزو نه وٺندا. هي هاڻ گهڻيون خرابيون به پيدا ٿي ويون آهن. هتان جي ماڻھن جو رويو ڪيڏو بد فضيلتو ۽ بخيلي وارو آهي، ٻاهرين ماڻهو خاص طور پاڪستانين سان هنن جو رويو توهان به نوٽ ڪيو آهي. بازارن ۾ بليڪ مارڪيٽنگ عام آهي، ڪٿي به اگهن جي پرچي لکيل نه آهي، دڪاندار زبان جو فائدو وٺي زائرين کي ٻنهي هٿن سان ڦريندا ٿا رهن، ساڳئي صورتحال مان سعودي ۾ ڏٺي، اُتي جيڪڏهن سعودي شهري فٽ پاٿ تي ريڙهو لڳائي بيهي پيو ته پوليس وارا ان کان پڇن ئي نه پيا، عجمي جو سامان کنيون هليا پيا وڃن، يار محمد شاھ چيو هلو ته سمهون صبح جو سوير اٿڻو آهي شر صاحب تمام گهڻو جذباتي ٿي ويو آهي، ائين چئي هو منهنجي راءِ تي مٽي پاڻي ڪري پنهنجي پنهنجي ڪمرن ڏانهن سمهڻ هليا ويا، مان پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويس.

06.06.2011
صبح جو 7 وڳي الارم ته وڳو پر گهري ننڊ سبب منهنجي اک نه کلي ۽ ڀرسان ستل مولوي ته فون جي گهنٽي وڄندي به سوڙ وجھي سوڙهو ٿيندو ويو، نه پاڻ اٿندو نه مونکي اٿاريندو. 8 وڳي منهنجي اک کلي ۽ مان پنهنجو سيل کوليو ته کوليندي ئي يار محمد شاھ جي فون اچي وئي شاھ صاحب چئي رهيو هيو شر صاحب توهان جي ڪري اسان روڊ تي بيهي 100 ٽيڪسين سان بارگيننگ ڪري چڪا آهيون. خدا کي مڃيون هيٺ لهو. مان تڙٿڪڙ ۾ وهنجي روڊ تي پهچي ويس. نيرن ڪرڻ جو ته سوال ئي پيدا نه پئي ٿيو، روڊ تي هڪ ٽيڪسي واري سان يار محمد شاھ، ٻئي سان پير شهاب الدين شاھ ٽين سان ڊاڪٽر مختيار جعفري چوٿين سان عمار ياسر شاھ ۽ پنجين سان شبير علي خوجا لڳا پيا هئا. نيٺ اسان ٻن ٽيڪسين سان 20000 هزار تمن يعني 500-500 رپيا طئه ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسون. اُهي ٽيڪسي اسٽينڊ تائين حجان کان قمر لاءِ الڳ ٽيڪسيون ڪرڻيو هيون. اڌ ڪلاڪ ۾ تهران جي جنرل ٽيڪسي ٽرمينل تي پهتاسون، جيڪو تمام وڏو سوين ايڪڙن ۾ پکڙيل هو، ٻنهي سيدن يارمحمد شاھ ۽ شهاب الدين شاھ ٽيڪسي وارن سان ڳالهائڻ شروع ڪيو، اسان فارسي نه اچڻ سبب پاسيرا ٿي بيٺاسون، هڪ پوليس آفيسر بيٺو هو، مان ان ڏانهن وڌي ويس هن انگريزي ٻڌي پري بيٺل نوجوان سپاهي کي سڏ ڪيو، سپاهي کي ڪجهه چيو، سپاهي مونکان انگريزي ۾ پڇيو ڇا مسئلو آهي، مان چيو واھ هتي ته ابتو مسئلو لڳو پيو آهي، اسان جي ڳوٺ ۾ ننڍڙائي ۾ چوندا آهن فارسي گهوڙي چاڙهسي، فارسي ڳالهائڻ وارو آفيسر ۽ انگريزي وارو پنڌ پيادل، مان هن کي چيو توهان وٽ ٽيڪسي وارن کي ڪنٽرول ڪرڻ جو قانون ناهي ڇا، هن آفيسر کي چيو، آفيسر ڪنڌ ڌوڻيو نه، اسان رڳو امن امان جي صورتحال لاءِ بيٺا آهيو، هي پنهنجي گراهڪن سان ڇا طئه ڪن، ان سان اسان جو ڪو به تعلق نه آهي، مان ٿورو جذباتي ٿي چوڻ لڳس، هي ڪهڙو اسلامي ملڪ آهي، هتي نه بازار ۾ دڪاندار کي لغام آهي نه ٽيڪسي واري کي. سپاهي آفيسر کان پڇي ٻڌايو ۽ پوءِ ٿورو کليو، مونکي آفيسر چيو گهڻي انگريزي نه ڳالهاءِ نه ته هن سان گڏ سپاهي ڀرتي ڪري ڇڏيندو سانءِ، خاموش ٿي سپاهي ٺهڻ جي ڀَوَ کان پري ٿي بيٺس واھ قدرت، اسان وٽ سنڌي ڳالهائڻ وارو پيادل انگريزي وارو اُٺ تي هتي حساب ئي ابتو لڳو پيو آهي، نيٺ اسان جا ساٿي ٻه ٽيڪسيون ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، مان پنهنجي حصي جا 5000 تمن ڀريا، چون پيا ته 35 هزار تمن ۾ معاملو طئه ٿيو، هتي هزار پاڪستاني جا 10 هزار ملن ٿا، جنهن تي اسان خوش ٿا ٿيون. مون 100 ڊالر مٽايا 10 لک تمن مليا خوش ٿي ويس، جڏهن سامان سينٽ وغيره خريد ڪرڻ لڳس ته انهن جو اگهه ڏيڍ لک به لڳ ريال کان گهٽ نه هو. مونکي وڃڻ وقت پنهنجي وڏي ڀاڄائي سمجھايو هو، اتي جا ڇورا توکي جام پئسا ملندا، جڏهن خريداري ڪندين ته اُٺ ٿيلهن جو ڀري کڻي وڃڻو پوندي.
قم تهران کان حيدرآباد ۽ ڪراچي جيترو پنڌ آهي، اسان 10 وڳي تهران مان روانه ٿياسون، رستي ۾ رڻ پٽ بيابان وڌيڪ نظر آيو، نهرون نه هجڻ سبب پوک گهٽ ٿئي، وڻٽڻ رڳو شهرن ۾ آهن باقي رستو خشڪ جابلو سلسلو ۽ ريگستان آهي. بد امني ته ڦورو آرام سان ڦرون ڪري سگهن ٿا، اسان وٽ موري ۾ سي.اين.جي ۽ ٽول پلازه وچ تي آرام سان بس مسافرن کي ڦريندا آهن ته پوليس وارا ٽول پلازه وٽ ڊگها ڊگها ٿيا کٽن تي ستا پيا هوندا آهن. بهرحال اسان 12 وڳي قم شريف پهتاسون. بيبي معصومه جي روضي جي زيارت ڪئي سون، هتي به يارمحمد شاھ ۽ سندس فرزند اسان کان الڳ ٿي ويا، هتي سيد شهاب الدين اسان کي زيارت پڙهائي ۽ معلومات ڏني، شبير علي مان سانگهڙ جا ٻه ڇوڪرا گڏ رهياسون. اسان زيارت ڪري ٻاهر آياسون، اُتي هڪٻئي پٺيان جنازا آيا ۽ ويا پئي، مان پڇيو هي ڇا آهي، شهاب الدين چيو هي جنازي نمازي بيبي معصومه جي روضي ۾ پڙهڻ بعد دفن ٿيندا آهن، جڏهن ٻاهرين گيٽ وٽ پهتاسون ته هڪ جنازو رکيو ويو ان تي ڪافي ماڻهون ڪارا ڪپڙا پايو بيٺا هئا ۽ هڪ نوجوان روئي رهيو هو شايد اُهو فوتي جو پٽ هوندو، هنن جنازو کنيون ته نوجوان سان ڏک ۾ شامل ٿيڻ لاءِ مان جنازي کي ڪلهو ڏنو، روضو الاهي پري هيو، مونکان جنازي جو ڪلهو ڪير به نه پيو وٺي، مان سمجھيو رنگ ۽ قد جي ڪري مونکي ايراني سمجھي ويٺا آهن، گهڻو پنڌ ڪرڻ کانپوءِ مان ڪرڻ جهڙو ٿي ويس، هڪ ايراني کي اشارو ڪيم پوءِ هن منهنجي جان ڇڏائي، مان ٻه منٽ ته ويهي رهيس، پاڻي پي پوءِ واپس اوڏانهن ويس جتي منهنجا ساٿي بيٺا هئا، يار محمد شاھ مونکي ڏسي چيو شر صاحب توهان ته هتي بيٺا هئا، ايڏانهن ڪٿان پيا اچو، مون چيو شاھ صاحب نه پڇيو، پنهنجي چوتياپي ۾ ڦاسي پيس، هن کي سڄو قصو ٻڌايو ته شاھ صاحب چيو هو حق تي هئا، توهان جو رنگ ۽ قد ته آهي پر توهان کي ڪارا ڪپڙا به ايرانين جهڙا پاتل آهن.
رات جي ماني کائڻ بعد مان يار محمد شاھ، سيد شهاب الدين شاھ، ڊاڪٽر مختيار جعفري، عمار ياسر شاھ ۽ شبير علي خواجا لابي ۾ ويهي ڪهوه چانهه پيتي سين، ۽ صبح شهر گهمڻ جو پروگرام به ٺاهيو، ڊاڪٽر مختيار جعفري چيو ته فردوسي بازار ۽ مارڪيٽ وارو علائقو 45 ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي، اهو هلبو شهاب الدين شاھ چيو ته جي شر صاحب سوير اٿيو ته، سڄي بازار گهمي سگهندا سون، نه ته اڌ ته ضرور گهمنداسون، وچن واعده ڪري سوير ڀرو سمهي پياسون.

07.06.2011
صبح جو مان ننڊ مان 8 وڳي اٿي ويس تياري ۾ سستي ٿي، اهو سوچي ته اسان وٽ بازارون 11 وڳي کان اڳي نه کلنديون آهن، مان تيار ٿي 9 وڳي هيٺ ڪيفي ۾ نيرن ڪرڻ ويس ته سڄي سنگت تيار ويٺي هئي، پر هو سڀئي مون تي ڪاوڙيل نظر آيا، مون چيو مان ته سوير آيو آهيان، يار محمد شاھ چيو، صاحب ٻه ڪلاڪ دير سان آيا آهيون، اسان سڀئي 8 وڳي نيرن ڪري توهان جو انتظار ڪري رهيا آهيون، مون چيو پر بازارون ته 11 وڳي کلنديون آهن، شهاب الدين شاھ چيو هي پاڪستان ناهي، هي ايران آهي، هتي صبح جو 8 وڳي بازارون، مارڪيٽ کلي وينديون آهن ۽ 2 وڳي بند ٿي وري شام جو 5 وڳي کلنديون آهن. مان چيو معاف ڪجو غلطي ٿي وئي، اڳتي نه ٿيندي، ڊاڪٽر مختيار جعفري چيو اڳتي جيڪي جيئرا ۽ هيڙي سفر ۾ گڏ يا نه، ورنه پنهنجو هتي اچڻ جي سفر جو هي آخري ڏينهن آهي. اسان پيادل هلندا فردوسيءَ ۾ داخل ٿياسون، روڊ پارڪيوسين ته ٻئي پاسي پئسا مٽائڻ وارا ڦري آيا، مان هنن کي 100 ڊالر مٽائڻ لاءِ چيو، ڊاڪٽر مختيار جعفري ڀڳل ٽٽل فارسي ۾ اسان جو سودو ٺاهيو، هڪ لک 18 هزار تمن، مون چيو هوٽل پرشين انقلاب جي ڀيٽ ۾ هي 12 هزار تمن مٿي ڏئي رهيا آهن، مان هنن کان پئسا مٽايا، پوءِ واري واري سان سڀني يارن مٽايا، شبير علي خوجا کي جواب ڏنائين، پاڪستاني ڪرنسي جو ڪو وئليو نه آهي، جڏهن ته هزار رپيا برابر آهن 10 هزار ايراني تمن جي پر ايڏو دماغ خراب پاڪستاني ڪرنسي وٺڻ لاءِ تيار نه ٿيا ته ڊالر ڏيو، ٿورو اڳتي هلياسون ته پاڪستاني ڪرنسي مٽاسٽا ڪرڻ وارو به ملي ويو، مان کي اک پچي پوڻ ڪري اک ۾ سور هو، مان ڊاڪٽر مختيارجعفري کي چيو، اک پچي پئي آهي، سور جي ڪري هتي اکين جو ڊراپ ملندو، هن چيو ها اڳتي هلون ڏسون ٿا. اڳتي هڪ جنرل اسٽور مليو، جنهن ۾ پرفيوم ڪاسميٽڪ جيولري ۽ دوائن جا سڀ اسٽال موجود هئا، مان ڊاڪٽر مختيار کي چيو، اجهو هي اسٽور به ملي ويو، هن کين جني سن ڏيڻ لاءِ چيو، اُتي مائي بيٺي هئي، ان چيو ته ڊاڪٽر جو چٺو ڏيکاريو، چٺي کانسوءِ اسان دوا نه ڏيندا آهيون، ڊاڪٽر پنهنجو ڪارڊ ڪڍي ڏيکاريو ته مان ڊاڪٽر آهيان، ان بعد هنن ڊراپ ڏنو. هتي سينٽ جو ملهه پڇيو ته 50 ۽ 100 ڊالرن گهٽ ڪابه نه هئي اسان سينٽ خريد ڪرڻ جو ارادو ختم ڪري ٻاهر نڪتاسون، يار محمد شآھ کي چيو، خريداري کي ڇڏيو، پير شهاب الدين شاھ سنڌ سيد ايسوسيئيشن جو صدر آهي، سو چيائين ته پراڻي سکر جي ڪنهن سيد هن کي ڪموڊ آڻڻ لاءِ چيو آهي، جو هو زمينن تي ويندو آهي ته ڪموڊ نه هجڻ ڪري هن کي حاجت پوري ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي، عمار ياسر چيو هي سيد مڙندو ڪونه، پراڻي سکر جي سيدن وٽ ضرور نمبر ٺاهيندو، پر اها تڪليف مونکي ڀوڳڻي پوندي، مان پڇيو اهو ڪئين، هن چيو سڀني مان ننڍو مان آهيان، سيد ڪراڙو آهي، ڪموڊ مان کي ئي کڻڻو پوندو، ائين ٿيو پير شهاب الدين شاھ ڪموڊ ورتو ۽ اهو کنيون عمار ياسر مان تجويز ڏئي سامان گهڻو ٿي ويو آهي، هلو ته هوٽل تي ڇڏي پوءِ موٽي اچون، مون ٻڌو آهي ته هتي جي ميٽرو (زير زمين ريل) يورپ جيان سندر آهي، ان ۾ چڙهي شهر گهمون، سڀني يارن کي منهنجي تجويز وڻي وئي، سامان هوٽل تي ڇڏي واپس فردوسي موٽي آياسون ۽ پڇا ڪري ميٽرو تائين پهچي وياسين، ٽڪيٽ وٺي ميٽرو ۾ چڙهڻ بدران اسان مان ڪنهن کي به ميٽرو تائين پهچڻ واري رستي جي خبر نه هجڻ ڪري اسان ٻاهر نڪري آياسون، وري واپس آيا سين ته ٽڪيٽ ڪليڪٽر چيو ٽڪيٽ وٺو پوءِ شيشي وارا دروازا کلندا، مان ڏٺو مان ٽي وي جيان اسڪرين تي ٽڪيٽ رکن پيا ته دروازو کلي پيو وڃي، مان سوچيو منهنجي ٽڪيٽ استعمال ته نه ٿي آهي، مان سڌو هليو ويس ٽڪيٽ رکيم ته دروازو کلي ويو، عمار ياسر کي چيم توهان به ائين ڪيو، هن به ائين ڪيو ۽ واپس اندر داخل ٿي ويو، باقي يارن جو ٽڪيٽ ڪليڪٽر رستو جهلي بيٺو ته نئين ٽڪيٽ وٺو، اسان جي يارن وٽ جيڪي فارسيءَ جو ذخيرو هيو سو ٽڪيٽ ڪليڪٽر جي ضد ۾ پورو ٿي ويو، پوءِ هن کيس چون پيا اسان جا ٻه ساٿي انهن ٽڪيٽن تي هليا ويا، هو بخيل ٿيندو ويو، ايستائين جو بدتميزي تي لهي آيو، پوءِ اسان جي ساٿين نئين سر ٽڪيٽون وٺي اندر آيا، مان ته ايراني مهذب قوم سمجھي هئي پر هي ته عربن کان به وڌيڪ بدتميز ۽ ڪاوڙيل آهن، پاڪستانين تي ته هنن کي ڏسندي ئي ڪاوڙ چڙهي پئي وڃي، اسان شيعا هجڻ جي ناتي تهران کي ماسڪو سمجھندا رهيا آهيون، هتي ته ڳالهه بنهه ابتڙ نظر آئي. بل آخر اسان ميٽرو ٽرين ۾ چڙهڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسون، ٽرين ۾ سوار ٿيڻ کانپوءِ ائين لڳو ڄڻ ڪي يورپ جي ڪنهن شهر ۾ آهيون، اڪثر ايراني جوڙا نظر آيا، جيڪي به هن ميٽرو ۾ تفريح لاءِ پيا چڙهن، خبر پئي ته اهي ميٽرو جيڪي سڄي شهر ۾ پکڙيل آهي، مولوين جي حڪومت جي دور ۾ ٺهي آهي، اسان ڪافي اسٽيشنون لتاڙي ٿڪجي هڪ اسٽيشن تي لٿاسون ٻاهر نڪري پڇا ڪئي ته هي ڪهڙو روڊ آهي، جواب مليو فردوسي، يار محمد شاھ چيو ادا مان عرض ڪيو نه ته فردوسي روڊ ۽ مارڪيٽ 45 ڪلو ميٽرن تي پکڙيل آهي، جڏهن ٿورو اڳتي وڌياسون ته اسان کي هوٽل پرشين انقلاب نظر آيو، مان چيو شاھ صاحب دنيا گول آهي، پاڻ واپس ساڳئي هنڌ موٽي آيا آهيون، هتي مان ۽ عمار ياسر سنگت کان الڳ ٿي ريڊيمينٽ گارمينٽ مارڪيٽ ۾ آياسون، مان سوچيو ته هڪ پينٽ شرٽ وٺان، شرٽ چڪائي خبر پئي ته 5 هزار رپيا پاڪستاني، مان عمار ياسر کي چيو هن ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي، ياسر شاھ چيو ته اٽلي جي آهي، مان چيو لنڊن جون شرٽ به اسان وٽ ٻه اڍائي هزار کان مٿي نه آهن. ايتري ۾ ٻه خوبصورت عورتون اچي ويون، مان ٽيڏي اک ڪري انهن کي ڏسڻ لڳس، دڪاندار مونکي تاڙي ورتو، ٽٽل ڦٽل انگريزي ۾ چيو، هي توکي وڻن ٿيون، مان چيو ها، ايراني عورتون ڏاڍيون سهڻيون آهن، هن وري ڀرسان بيٺل مولوي کي ٻڌايو، مان سوچيو، هي ته مان ڦاسي ويس الائي ڇا ٿيندو، پر مان ٿڌو ٿي ويس، مولوي وڏو ٽهڪ ڏئي مونکي چيو، توکي فارسي اچي ٿي ته پوءِ هتي مسئلو نه آهي، منهنجي لاءِ مسئلو آهي ته زبان، ٻئي ڀيري سکي اچجان پوءِ ته معشوق ئي معشوق ٿئي، مان کي جان ۾ جان آئي، مولوي سعودي يا افغانين جيان نه آهن، هي آزاد خيال جا مولوي آهن، مان ان خوشيءَ ۾ 5 هزار رپين ۾ شرٽ خريد ڪري ڇڏي.
ٻه وڳي مارڪيٽ بند ٿيڻ شروع ٿي ويو، اسان به واپس هوٽل تي موٽي آياسون، منجھند جي ماني کائي آرام ڪري وري شام جو 5 وڳي نڪري آيا سون، شام جو بازار رنگ برنگي ٿي وئي مرد عورتن جا جوڙا هٿ هٿ ۾ ڏئي رنگ به رنگي پوشاڪون پائي نڪري آيا، فردوسي جو اصل رنگ ته هاڻ نظر آيو. اڳتي وڌياسون پارڪ هوال ۾ نوجوان جوڙا هٿ هٿ ۾ ڏئي گهمي رهيا هئا، مان کان اهو وسري ويو ته هي ڪو مولوين جو ايران آهي، چون ٿا ته اهو ايتري آزادي احمد ينجاد ڏني آهي، اهوئي سبب آهي جو هو ايراني عوام جو مشهور ۽ هردلعزيز صدر هجڻ سبب اڪثريت سان ٻيو بيرو کٽيو آهي، ان کان اڳ صورتحال مختلف هئي، پر مان کي اها ڳالهه مڃڻ ۾ نه آئي، ڇو هتي هڪ ماڻهو يا خاندان جي حڪومت نه آهي، پر پارلياماني نظام حڪومت آهي، اها مولوين انقلاب مستحڪم ٿيڻ کانپوءِ ايتري آزادي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هوندو، ڇو ته لڳاتار مذهبي پابنديون جاري رکڻ سان ماڻهو بيزار ٿيندا آهن، هر ماڻهو هرونڀرون به جنوني مذهبي ناهي هوندو، جونين جي ٿورائي هوندي آهي، آزادي پسندن جي اڪثريت هوندي آهي، اهوئي سبب آهي جو مولوين جي اسلامي حڪومت جي سبب عوام تي پابنديون مڙهي انهن کي بيزار ڪري پنهنجي خلاف ڀڙڪي اٿڻ جو موقعو نٿي ڏئي.
شام جو ٿڪجي ٽٽي موٽي آياسون ۽ سامان ٻڌڻ شروع ڪيو، جو رات جو چئين وڳي روانگي هئي، سامان ٻڌي سمهي رهيس ته مس ننڊ آئي، منهنجو روم ۾ هڪ مُلو آيو، جنهن پنهنجو سامان سهيڙڻ شروع ڪيو ائين منهنجي ننڊ ڦٽي وئي ۽ صبح جو چئين وڳي تائين پريس ٽي.وي ڏسندي گذري وئي.