شبير شر هندستان گهمائي ٿو: امير بخش شر
سو ڳالهه ڪرڻي هئي شبير جي جيڪو ڪجهه وقت بعد ڪراچيءَ مان گرفتار ٿيو، ظاهري طور تي هو ڪميونسٽ پارٽيءَ جي معاملن کان گهڻو پري ڏسڻ ۾ ايندو هيو. پر گرفتاريءَ جي خبر جي هيڏي وڏي سرڪاري هينڊ آئوٽ بعد پتو پيو ته هو سرخ پرچم ۽ هلچل جهڙا خطرناڪ بم ڇپي سموري ملڪ ۾ موڪليندو هيو.( اهو به الڳ بحث آهي ته ڪامريڊن هن 20 سالن جي الهڙ جوان تي ايڏي وڏي ذميواري ڪيئن وِڌي هئي). پر هي جڏهن هن ملڪ جي خلاف بغاوت جي وڏي ڪيس مان سزائون کائي ٻاهر نڪتو ته ايئن لڳو ڄڻ هو جيل ڪونه ويو هيو پر پڙهڻ لاءِ پرڏيهه ويل هيو، ڇو جو جيل مان واپسيءَ تي شبير هلال پاڪستان اخبار ذريعي لکڻ لڳو ته وڪالت به ڪرڻ لڳو هيو . آئون انهن ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين کيس شوق سان پڙهندو اچان، ڇو جو اسان جي قبيلي مان تڏهن ٿورڙائي دوست پڙهيا لِکيا هوندا هيا. ان ڪري خلق به ڀلي سمجهي ته اسان ڪميونسٽ شرن ۾ به ٿوري گهڻي نسل پرستي ڪالهه به هئي ۽ اڄ به آهي.
مون شبير جو هندستان جو سفرنامو جڏهن پڙهيو پئي ته شبير ۾ مون کي اهي ئي فلڪون نظر آيون جيڪي جوانيءَ ۾ هونديون هيس، ۽ جيڪي هو ڪورٽ ۾ اداڪاري ڪندي اڄ به ڏيکاريندو رهندو آهي (هاءِ ڪورٽ ۾ هڪڙو ٻه ڪيس ڳائيندي کيس اکين سان ڏٺو اٿم). معني جيڪو منهن ۾ آيو سو گهڙجي ويو. رک رکان ڪنهن خان خانان جي به ڪرڻي ڪانهي. اهو شبير هن سفر نامي ۾ واگهه بارڊر اُڪرندي ئي عاصمه جهانگير جي رٿابنديءَ تي بگڙي ٿو پوي ۽ ساڻس گڏ بيٺل سپريم ڪورٽ بار جي صدر ياسين آزاد سميت اعتزاز احسن کي به گهَڙي ٿو لاهي، هو ڪاوڙ ۾ ايترو ته اڳتي وڌي ٿو وڃي جو ساٿي وڪيلن کي چوي ٿو ته ڪاش پنهنجي نالن جي اڳيان پويان چوڌري لکيل هجي ها ته اڄ سفر ۾ سولا هلون ها ۽ جڏهن سندس اهڙي چڙ تي عاصمه جهانگير به چڙي چوي ٿي مان واپس ٿي وڃان ته هي به ٺهه پهه وراڻيس ٿو ته ڀلي وڃ. اتي هن کي ٻيا سنڌي وڪيل وهاب شر ۽ عبدالحڪيم بجاراڻي به مليا ته انهن جي واتان به ٻڌي ٿو ته هن مائي اسان سان پنجابين واري ڏاڍائي ڪئي آهي، پنهنجن ماڻهن کي گروپ ٺاهي الڳ گاڏيون ڏنيون اٿئين، خواجا نويد پنهنجي زال سميت آيو آهي، ان کي الڳ گاڏي چوڌري اسحاق جي گروپ کي، چوڌري طاهر جي گروپ کي الڳ گاڏيون، باقي اسان کي مائي ڇڙوڇڙ ۽ دربدر ڪيو آهي.انهي ءَ مان مراد اها ٿي ته ڪلهه جو شبير شر جيڪو ڪميونسٽ هيو، جنهن جي مينيفسٽو ۾ قومن کان مٿي ترجيح طبقن کي هئي ۽ جيڪو شبير شر، امام علي نازش ۽ پروفيسر جمال نقويءَ جي پويان بيهي دنيا ڪي مزدورو ايڪ هو جائو جو نعرو هڻندو هيو سو به هاڻي وڏي صوبي جي وڏن ڀائرن جي ارهه زورائين تي قوم پرستيءَ وارا احوال ڪري ٿو؟ اها به وقت وقت جي ڳالهه چئبي!!!!
سفر ۾ هندستان جي جوڊيشل اڪيڊميءَ ۾ هڪڙي پراسيڪيوٽر کي ٽريننگ ڪندي ڏسي، هن جي دُکتي رگ ٿڙي ٿي پوي ۽ هو اُتي جي ججن جي چونڊ واري طريقي کي اسان واري طريقي کان صحيح ۽ سٺو سمجهندي لکي ٿو ته هنن وٽ اسان واري ڪارڪانهي جو ڏهه ڏهه سال هاءِ ڪورٽن ۾ لوڙي پوءِ به مهاجر ججن جي سامهون پيش ٿيون ۽ اهي فٽنيس ڏِين ته مڙس ۾ جج ٿيڻ جي ٿوم آهي يا نه ، اهي جج پاڻ ڀلي پير جيءَ جي در جون سلاميون ڀريندا هجن، ويندي جج جو قسم به گورنر اچي ڪورٽ ۾ ۽ اردوءَ ۾ کڻائين ته به جائز آهي ۽ جي شبير شر ،بشير قريشيءَ جي جنازي نماز ۾ وڃي ته قوم پرستيءَ جي الزام هيٺ هاءِ ڪورٽ جو جج ٿيڻ جو اهل ناهي. انهيءَ مان مراد ته شبير شر هاڻي وڏي صوبي پنجاب جي ڀائرن جيڪڏهن استحصالي گروپ ٿو سمجهي ته سنڌ ۾ آيل مهاجر ڀائين کي انهيءَ استحصالي ٽولي جو هراول دستو سمجهي ٿو.
هن انهيءَ سفرنامي ۾ ٿورڙو ڀوڳن ڀوڳن ۾ حقيقتون ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جيئن هتي سنڌ ۾ اسان جي شر قبيلي تي چور هجڻ جو ٺپو لڳل آهي ان ڪري ڪراچيءَ جي نامياري وڪيل وهاب شر لاءِ لکي ٿو ته وهاب چيو“ ادا مان شر ٿي ڪري پهريون ڀيرو گناهه جو ڪم ڪيو آهي، مان ڇرڪ ڀري چيو، ڇو ڇاٿيو، هن چيو ڀل ۾ ڪنهن ٻئي جو سامان جو بيگ ڏئي ويا، مان اُهو واپس ڪري ڇڏيو، مان چيو خير آهي، هاڻ پاڻ اهي شر نه رهيا آهيون”.
اڳتي هلي وري وهاب جي حافظي ۽ هوشياريءَ تي کيس ياد اچي ٿو ته اسان رڍون چارڻ وارا شر عقلند ٿي ويا آهيون لکي ٿو وهاب سڌو هوٽل جي نائيٽ ڪلب روم تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، مان چيو واهه رڍن جا رڻ وارا شر 5 اسٽار هوٽل کي رڍن جي واڙ سمجھي بغير ڊپ جي گهڙي وئين، هن چيو ته هو ڪيترائي ملڪ ۽ انهن جي 5 اسٽار هوٽل گهمي چڪو آهي، پر انڊيا پهريون ڀيرو آيو آهي ۽ سڀ 5 اسٽار هوٽل هڪجھڙا ٿيندا آهن.
اڳتي هلي وهاب شر جي ذهانت تي لکڻ لاءِ زردارين سان جيڪا مشهابت ٿو ڪري سا به لاجواب آهي هو لکي ٿو“ سک ڊرائيور چيو ته مان کي رستي جي خبر ناهي، وهاب شر چيس ته تون دهلي هاءِ ڪورٽ پهچ اڳتي توکي مان وٺي هلندس، جيئمل سنگهه پڇا ڪندي دهلي هاءِ ڪورٽ واري روڊ تي پهچي ويو، اُتان وهاب چيو ته هاڻ باقي رستو مان کي سمجهه ۾ اچي ويو آهي، هو رستو ٻڌائيندو ڊرائيور کي سڌو انڊيا گيٽ وٺي آيو، مان چيس ڏهرڪي جا شر ايترا هوشيار ته نه آهن، تون ڪئين آهين، جرمن شوفر جيان رستو سنگهندو پهچي ٿو وڃي، مان چيس تون لڳي ٿو رڍن جو کير پيئندو رهيو آهين، هن چيو ان سان ذهانت جو ڪهڙو تعلق، مون چيو ان ڪري رڍ جو کير گهاٽو ۽ طاقتور ٿيندو آهي، زرداري اُٺ جو کير پيئندي ايوان صدر پهچي ويا ۽ شر رڍ جو کير پئندي دهلي جي انڊيا گيٽ تائين پهچي ويا”
هو دهليءَ جون بازارون رات جو نوين وڳين قانون موجب بند ٿيندي ڏسي چوي ٿو ته اسان وٽ بدامني هجڻ جي باوجود، سکر والس روڊ تائين کليل هوندو آهي، هي ڏيڍ ارب آباديءَ واري شهر ۾ 11:00 وڳي سناٽو لڳو پيو آهي.
پوڙهي وڪيل جو بازار ۾ گهمندي مائين جي پُٺن تي هٿ ڦيرڻ واري حرڪت تي لکي ٿو ته “هلندي بازار ۾ ڪنهن مائي جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو، هئي ڀڳوان اسان پوئتي مُڙي پڇندا هئاسين تو ته ڪا حرڪت نه ڪئي، چوندو هو نه مان پٺي تي هٿ ڦيريو مانس. اسان چوندا هئاسين ان تي ايڏي دانهن هو چوندو هو ڀڳوان کي پئي چوي ته هن مسلمان پليت ڪري ڇڏيو، اُن تي مرحوم فيض الله ڪورائي چوندو هيس، ائين نه، هو ڀڳوان کي پيون چون هي بابي جي عمر جو ٿي ڪري به نٿو مُڙي.
اتي جي سپريم ڪورٽ بار جي وڪيلن پاران هٿ ٻڌي سواگت ڪرڻ وارن لفظن تي مهاجرن پاران اسان سنڌين کي هٿ ٻڌڻ تي ملندڙ طعنو ياد ٿو اچي ۽ لکي ٿو “اسان بار ۾ داخل ٿياسون وڪيل ۽ وڪيلياڻين هي لفظ چئي اسان جي آجيان ڪندا رهيا، سواگت هي، نمسڪار، اسان جي ڪراچي جا مهاجر ۽ لاهور جا پنجابي وڪيل به هنن جيان هٿ ٻڌي ائين جواب ڏيندا هليا، جيڪي اسان کي چوندا رهندا آهن، يه هاٿ باند ڪر ڪيو ملتي هو”
اسان گهڻن وڪيلن جا انگريزي ۾ ٽپڙ پورا ڏٺا آهن ، پر ڪاري ڪوٽ جي ڊپ ۾ ڪڇندا ڪونه آهيون پر شبير پنهنجي پٽي ڀائين کي به ڪونه ٿو بخشي ۽ هندستان جي سپريم ڪورٽ بار جي اڳواڻن جي تقريرن بابت لکي ٿو ته “ هتي جي صدر ۽ سيڪريٽري جڏهن هاءِ ليول جي انگريزي ۾ تقريرون ڪيون ته اسان جي قيادت کي پنهنجو پاڻي ڪڇجي ملي ويو” يا وڪيل برادريءَ جي ذهنيت تي لکي ٿو ته پريانڪا شرما وڪيل جڏهن پنهنجي تقرير پوري ڪئي ته اسان جي هڪ وڪيل صاحب صلاح گنڊاپور اهڙو گندو سوال ڪيو جو اسان سڀني لاءِ شرمساري جو سبب بڻجي ويو، هن چيو پريانڪا چوپڙا کان سوال آهي ته پاڪستان ۾ زنا بل جبر جا ڪيس آهن ۽ هتي زنا جا انهن ۾ شاهدي رڪارڊ ڪرڻ جو جيڪو طريقو آهي اُهو هڪجھڙو آهي يا فرق آهي، ڀارتي سنڌي وڪيل آنند گپتا چيو ان جو بهتر جواب پريانڪا چوپڙا (ڀارتي اداڪارا) ڏئي سگهي ٿي، هي پريانڪا شرما آهي
۽ وري سپريم ڪورٽ بار جي اڳواڻن جي ذهانت تي لکي ٿو “ جڏهن سيمينار ۾ پهتاسين ان وقت سپريم ڪورٽ بار پاڪستان جو سهيل رانا پنهنجو پيپر پڙهي رهيو هو، جڏهن هن پيپر پڙهي پورو ڪيو ته هن کان ڀارتي وڪيلن سوال ڪيا هو ڪنهن به سوال جو جواب نه ڏئي سگهيو، مان سوال ڪرڻ وارن کي چيو، معاف ڪيوس هو غريب پيپر ڪنهن کان اوڌر تي لکرائي آيو هوندو، ته ڀارتي وڪيلن چيو جائو معاف ڪيا”.
هن کي ڪنهن هنڌ “ٻنهي ملڪن جي انصاف واري تارازي هڪ طرف جھڪيل نظر ٿي اچي، امير انصاف وٺڻ ۾ ٻنهي ملڪن ۾ ڪامياب آهي ۽ غريب غربت سبب ناانصافي جو شڪار آهي، اسان مان جنگي جنون ئي ختم نٿو ٿئي ته انصاف جي تقاضا طرف ڪير ڏسندو، مائي وڪيل ٻنهي ملڪن جي انصاف جي ٺيڪيدارن کي ڌوئي ڇڏيو، ته وري ڪٿي کيس نظر ٿو اچي ته “اسان جي ملڪ جا جج عدالتي ڪرسين تي ويهي عوامي ڀلائي وارن مسئلن جون آئيني درخواستون گٽرن حوالي ڪندا ٿا رهن”،
هو جڏهن هندستاني پنجاب گهمندي هڪڙو عجيب منظر ڏسي ٿو ته انهيءَ جي پنهنجي ملڪ سان ڀيٽا ڪندي لکي ٿو “ هڪ هنڌ ڦاسي گهاٽ جو منظر ٺهيل نظر آيو، سک ديو ڀڳت سنگهه، اشفاق ۽ ٻيا آزادي جا هيرو ڏيکاريل آهن، جيڪي ڦاهي جو رسو پنهنجي ڳيچيءَ ۾ وجھي بيٺا آهن، اسان وٽ جيڪي آزادي جا هيرو ۽ شهيد آهن، انهن کي ياد ڪرڻ ۽ انهن جي ورسي ڪرڻ تي اسان کي سزائون ملنديون رهيون آهن، پير صبغت الله شاهه راشدي شهيد ۽ هيمون ڪالاڻي جي نالي تي ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ملتان، بهاولپور، لاهور، راولپنڊي، اسلام آباد، پشاور، ايبٽ آباد، ڪوئيٽا، سبي، ڊيرا مراد جمالي تربت گوادر سميت ڪنهن به شهر جي ڪنهن روڊ کي به نالي سان منصوب نه ڪيو ويو آهي، واقعي هي ملڪ پنهنجي آزادي جي هيروز جي عزت ڪري ڄاتي آهي.
هن جي سامهون صوبيدار اچي ٿو ته لکي ٿو “منهنجي سامهون اي.ايس.اءِ رينڪ جو پوليس مين آمهون سامهون اچي ويو، هاڻ هو مان کي پيو ڏسي ۽ مان هن کي پيو ڏسان ته هو رستو ڇڏي ته هو به سڌو اچي بيٺو، هن جي ارادي مان به مان سمجھي ويس ته هو رستو ڇڏڻ نه پر ڇڏرائڻ پيو چاهي، منهنجي ڪورٽ ڊريس ۾ هجڻ جي به هن پرواهه نه ڪئي، مان هن کي چيو جي تون پاڪستاني پوليس وارو هجين ها ته مان توکي اهو سبق سيکاريان ها جو تون زندگي ڀر ياد رکين ها، هن به چيو اڇا تو ته تون پاڪستاني ڀاڙو (وڪيل) آهين، جي تون ڀارتي ڀاڙو (وڪيل) هجين ها ته مان به توکي اهو سبق سيکاريان ها جو ڪڏهن به هت پوليس واري جو رستو روڪڻ جي همٿ نه ڪرين ها، کلي چيائين چڱو مان ٿو هيٺ لهان تون مهمان آهين، ڀل لئي ڪر، ائين چئي هٿ ملائي فٽ پاٿ ڇڏي هيٺ لهي ويو.
سفر دوران هن کي “عبدالحڪيم خان بجاراڻي چيو ابوالڪلام آزاد 1947 ۽ 1948 ۾ هڪ تقرير ڪئي هئي جنهن ۾ هن چيو هو ته ڀارت مان جيڪي ماڻهو پاڪستان لڏ پلاڻ ڪري ويا آهن نه اهي صحيح طرح سان مسلمان آهن ۽ نه ئي انهن ۾ ڪو اسلامي جذبو آهي ۽ نه ئي اهي اتي رهي ڪري اتي جي اسلامي طريقن، ثقافت ۽ ڌرتي کي قبول ڪندا، اتي اهي سڀئي وڳوڙي بدمعاش ويا آهن، جيڪي شرانگيزي، فتنو ۽ فساد پکيڙڻ کان سواءِ ڪجهه به نه ڪندا ۽ ڪڏهن به اتي جي ڌرتي ۽ ثقافت جو حصو نه بڻجي سگهندا
سفر ۾ کين يوپيءَ جا ڀيا پائخانو ڪندي نظر اچن ٿا جن لاءِ مون کي هڪڙي ڀيري سرهاڙيءَ جي ڪيريا قوم جي سردار حاجي نور محمد ڪيرئي ٻڌايو هيو ته هتي لڏي آيل مهاجر مايون توڙي مرد به ايئن ئي بنان پردي جي گول دائري ۾ ويهي پائخانو ڪندا هيا “ شبير به لکي ٿو اسان ماڻهو گول دائري ۾ اڌ اگهاڙا ويٺل ڏٺا ته ڊرائيور کي چيو ته “هي ماڻهو ڇا پيا ڪن، سک ڊرائيور کلي چيو اهي ڀيا (يوپي ۽ سي. پي وارن کي هتي ڀيا سڏيندا آهن) پائخانو ڪري رهيا آهن، اسان چيو ڀيا ايڏا بي شرم ٿيندا آهن ڇا؟ هن چيو ان کان به چڙهيل آهن، هنن جون عورتون به سري عام سٿڻ لاهي پشاب ڪنديون آهن، هي ڪچهري به ڪندا آهن ته پائخاني ڪرڻ وقت گڏجي ويهندا آهن، هي ڀيا انتهائي ڪريل ۽ بدتميز ٿيندا آهن. اتي بجاراڻي وڪيل چويس ٿو ته سائين اسان تڏهن هنن کي ڏٺو، اتي جڏهن مهاجر ٿي آيا ته هي عورتن سميت صبح جو کليل ميدانن ۾ سٿڻون لاهي حاجت پوري ڪندا هئا، هنن کي ماڻهن جي اچڻ وڃڻ جي پرواهه نه هوندي هئي”، هاڻ ٿا چون ته هنن اسان کي تهذيب سيکاري آهي.
مجموعي طور تي هن جو سفرنامو پڙهندي ايئن ٿو لڳي ته ماڻهو هن سان گڏ هندستان گهمندو وتي. هو لياقت علي خان جي جنم ڀومي ڪرنال گهمائي ٿو ته وري ڀڳت سنگهه جي جنم واري ڳوٺ وٽ گاڏيءَ مان لهي انهيءَ کي پري کان سلام ٿو ڪري، هو پاڻي پٽ جا ميدان گهمي اسان کي پاڻي پٽ جي جنگين جا ڪتابن ۾ پڙهيل ڪوڙا داستان به ياد ڏياريندو ٿو هلي. مطلب ته هندستان جي حالتن جي مجموعي ڇنڊ ڇاڻ، سياسي صورتحال، ترقيءَ بابت احوال هن ڪتاب ۾ سهيڙيا اٿس، هر شيءِ کي هڪڙي سياسي ڪارڪن واري اک سان پرکيندي، انهيءَ جو سِڌو ۽ کَرو تجزيو به ڪندو هلي ٿو. تنهنڪري پڙهندڙ جي دل چوندي ته جيستائين ڪتاب پڙهي پورو ڪجي ايستائين هٿ نه ڪڍجي