والٽيئر

Author Name

والٽيئر جو اصلي نالو فرانسوماري اوريا آهي . جيڪو 1684ع ۾ پيرس ۾ پيدا ٿيو، هن جو پيءُ رجسٽرار هيو ۽ ماءُ انتهائي شريف عورت هئي. عام طور اهو ٻڌايو ويندو آهي ته والٽيئر وٽ ڪاوڙيلي طبيعت سندس والد کان ورثي جي طور آئي هئي ۽ ڏاهپ سندس ماءُ وٽان... والٽيئر کي جنم ڏيڻ وقت سندس امڙ کي ايتريون تہ تڪليفون پيش آيون، جو هوءَ انهن کان ڇوٽڪارو حاصل نہ ڪري سگهي. هو پاڻ به ايترو ته ڪمزور هيو جو دائيءَ کيس پنهنجي هنج ۾ جهلندي چئي ڇڏيو تہ: ٻارڙو هڪ ڏينهن کان وڌيڪ جيئرو نہ رهي سگهندو.“ هن جو اندازو غلط هئو ۽ هو 84 سالن تائين جيئرو رهيو. البت بيمارين ۽ سخت ترين جسماني تڪليفن ڪڏهن به کيس آجو نہ ڪيو.
والٽيئر جون سڀ کان وڌيڪ اثرانداز ٿيندڙ دلچسپ ۽ عجيب لکڻيون اهي آهن، جيڪي هن مسيحي گرجائن جي مخالفت ۾ لکيون آهن، هن سندس انهن لکڻين ۾ فصاهت ۽ بلاغت جو سمونڊ ڇوليون ماري رهيو آهي. سٽون ۽ لفظ فوجن جيان آهن، جيڪي حملو ڪندي ڏسڻ ۾ اينديون.حقيقت ۾ مسيحي گرجائن جي هزارين سالن کان اڏيل هڪ هٽيءَ کي والٽيئر جي قلم ئي ختم ڪيو ۽ اها هڪ هٽي اهڙي نموني نيست ۽ نابود ٿي وئي جو ان بعد وري ڪڏهن به ڪر کڻي نه سگهي.
والٽيئر جي شهرت جو سبب رڳو سندس ڪتاب نه آهن پر هو تمام وڏو مقرر ۽ زبان جو ڄاڻو پڻ هئو ۽ اهڙين قابليتن ئي کيس پنهنجي دور جو سڀ کان وڏو ماڻهو بڻائي ڇڏيو هو.
والٽيئر وڏو ئي محنتي هئو، ڪم کان ڪڏهن به نه ٿڪڻ وارو... اهو ئي سبب آهي جو هيڏو سارو علمي ذخيرو ڏئي ويو. هن جي غيرمعمولي چستيءَ جي ثبوت ۾ سندس ئي چوڻيون پيش ڪري سگهجن ٿيون: ”سستي ۽ غيرموجودگي هڪ شيءِ آهن.“


سنڌسلامت ڪتاب گهر تي والٽيئر جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


والٽيئر جا ڪتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ