لڇمڻ ڪومل

Author Name

سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب، نقاد، مترجم، ناٽڪ نويس، شاعر، صحافي ۽ ايڊيٽر لڇمڻ ”ڪومل“ ڀاٽيا، 26  مارچ 1936ع تي ڪنڊياري، اڳوڻي ضلعي نوابشاھہ (هاڻي نوشھري فيروز) ۾، چيلارام ڀاٽيا جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس جنم جو نالو لوڪومل هو ۽ کيس لاڏ مان ”لوڪو“ سڏيندا هئا. لڇمڻ پرائمري سنڌي ڪنڊياري ۾ پڙهيو. سندس پيءُ کيس شام جو مسجد جي آخوند وٽ ساڳئي وقت اردو ۽ فارسي بہ پڙهائي. ورهاڱي کان ڪجهہ سال اڳ چيلارام ڀاٽيا، نوابشاھہ ۾ سٽي مئجسٽريٽ طور بدلي ٿي آيو ۽ هن نامور شاعر نارائڻ شيام جي والد ديوان گوڪلداس ناگواڻيءَ کان چارج اچي ورتي. چيلارام ڀاٽيا جي شھر ۾ هڪ ايماندار منصف طور سڃاڻپ، عزت ۽ رتبو هو. لڇمڻ، نَون سالن جي عمر ۾ ولس اسڪول نواب شاھہ ۾ پھرئين انگريزي درجي ۾ داخل ٿيو. سندس ان وقت جي استادن ۾ روچي رام ٿانواڻي، ديو ناٿاڻي، ڀڳوان ابيچنداڻي ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي شامل هئا ۽ شووراماڻي سندن ميوزڪ ٽيچر هوندو هو.
لڇمڻ، نوابشاھہ پڙهڻ دوران، پيءُ جي صحبت ۾ نارائڻ شيام، پرسرام ضيا ۽ سليم ڳاڙهويءَ سان مليو ۽ کين مشاعرن ۾ شعر پڙهندي ڏٺو. انھن ئي ڏينھن ۾ مسعود نالي هڪ عملدار نوابشاھہ جو ڪليڪٽر ٿي آيو، جنھن جي زال ڪانگريسي سوچ جي هئي. مسعود ڪليڪٽر، جيڪو اڳتي هلي ”مسعود کدرپوش، سڏيو ويو، لڇمڻ ڀاٽيا جي والد کي هڪ ڪوڙي الزام ۾ معطل ڪيو. چيو وڃي ٿو تہ ورهاڱي وقت جڏهن غريب آباد، نوابشاھہ جي لٻاڻن سکن جا 50، 60 گهر، نوابشاھہ ريلوي اسٽيشن تان ’راجا جي گاڏيءَ‘ ۾ چڙهي جوڌپور لاءِ روانا ٿيا تہ مسعود ڪليڪٽر شھر کان ميل کن پري، گاڏي بيھارائي، کين ٻارن ٻچن سميت قتل ڪرايو. ان واقعي شھر ۾ وڏو هراس پکيڙي ڇڏيو ۽ ان کان پوءِ نوابشاھہ جي هندن، سنڌ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو.
لڇمڻ جڏهن ٽيون درجو پاس ڪري چوٿين انگريزيءَ جو سرٽيفڪيٽ وٺي چڪو هو تہ 30 جنوري 1948ع تي مھاتما گانڌيءَ جي قتل جي خبر آئي، لڇمڻ جو والد چيلارام نوڪريءَ تان معطل ۽ نظر بند هو. جيئن تہ مٿس ڪيس ڪوڙو هو، ان ڪري انڪوائريءَ بورڊ لڇمڻ جي والد جو ڪيس خارج ڪري کيس بي ڏوهي قرار ڏئي، باعزت نموني ڊسٽرڪٽ ٽريزري آفيسر نوابشاھہ جو عھدو ڏنو ۽ مٿس شرط وڌو ويو تہ هو نوابشاھہ کي نہ ڇڏيندو ۽ نہ ئي لڏيندو. پر چيلارام، مسعود ڪليڪٽر جي نيت پروڙي چڪو هو، اوچتو هڪ رات چيلارام ڀاٽيا پنھنجي دوست قادر بخش جي گاڏيءَ ۾ ٻار ٻچا وٺي ڪراچيءَ پھتو ۽ 8 مارچ 1948ع جي شِوراتڙيءَ جي ڏينھن ٻارن سميت پنھنجي وطن سنڌ کي خيرباد چيو.
لڇمڻ ڪومل، 13 سالن جي ننڍيءَ عمر ۾ مائٽن سان سنڌ ڇڏي ورهاڱي جي وير ۾ لڙهي هند پھتو ۽ اڳتي ڌڪجي دهليءَ پھتو. هن ثانوي تعليم ڪانپور مان پرائي ۽ دهلي يونيورسٽيءَ مان بي. ڪام آنرس (1956ع) ۾ ڪئي. دهلي يونيورسٽي ڪاليج جي لٽرري سوسائٽيءَ ۾ هن جي هڪ ڀيرو وري نارائـڻ شـيام سان ملاقات ٿـي. نـامور اديـب ۽ عـالم هـرومل سدارنگاڻي ’خادم‘ اتي پڙهائيندو هو، ان سان گڏ، تيرٿ وسنت ۽ ٻين اديبن سان بہ سندس ملاقاتون ٿيون. دهلي ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران لڇمڻ ڀاٽيا ”ڪومل“ تخلص سان شاعري ڪئي.1962ع ۾ ”گوپي“ سان هن شادي ڪئي. دهلي يونيورسٽيءَ جي اسڪول آف جرنلزم مان ئي لڇمڻ ڪومل 1962ع ۾ صحافت ۾ ڊپلوما ڪئي. هو راڻا جنگ بهادر جهڙي آزموديگار صحافيءَ جو شاگرد رهيو. ڀارت جي سڀ کان وڏي انگريزي اخبار ‘Times of India’ ۾ لڳاتار 35 سالن تائين مختلف حيثيتن/عھدن تي رهي ڪم ڪيائين، جتان 1994ع ۾ سب ايڊيٽر جي عھدي تان رٽائر ٿيو. لڇمڻ ڪومل نہ رڳو سنڌ ۽ هند پر دنيا جي افسانوي توڙي شعري ادب جو وسيع مطالعو ڪيو آهي ۽ ان تي عالمانہ تنقيدي نگاھہ پڻ رکي ٿو. هو ورهاڱي کانپوءِ وارن شاعرن ۾ سٺو مقام رکي ٿو ۽ غزل ۽ نظم جو سٺو شاعر آهي. ڀارت ۽ ان کان ٻاهر ”آل انڊيا پوئٽري سمپوزيم“ ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏ سنڌ ۾ پڻ ڪيترا ڀيرا ادبي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي اٿس. سندس شاعري اردو، انگريزي ۽ روسي زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي، ريڊيو، ٽي.وي، اخبارن، ادبي رسالن ۽ مخزنن ۾ گذريل 45 سالن کان لڳاتار لکندو رهيو آهي. سندس سوين تحقيقي، تنقيدي ۽ ادبي مقالا ڇپجي چڪا آهن. هن جا ريڊيو ٽاڪ، ايڊيٽوريل، تبصرا ۽ تجزيا، سنڌي ادب جي دنيا ۾ وڏو مقام رکن ٿا.
لڇمڻ ’ڪومل‘ سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا سان 22 سالن جي عمر کان لاڳاپيل رهيو ۽ ان جي هڪ اهم ڪارڪن ۽ اڳواڻ طور هن جون خدمتون وساري نہ ٿيون سگهجن. سنڌي ٻوليءَ کي ڀارت جي آئين ۾ قومي ٻولي قرار ڏيارڻ ۾ ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ ٻين ساٿين سان گڏ لڇمڻ ڪومل جو بہ ڪردار رهيو آهي. جن ۾ (1) ”سهڻي ساهڙ سنگ“، (2) ”سر مومل راڻو“ (راڻا گهڻا راڄ ۾) ۽ (3) ”سر سورٺ“ شامل آهن، جيڪي دهلي، ڪلڪتي ۽ بمبئيءَ ۾ ڪيترا ڀيرا اسٽيج ٿي چڪا آهن. سندس ناٽڪ ”سهڻي ساهڙ سنگ“ جو هندي ترجمو بہ ڪيترا ڀيرا اسٽيج تي مقبوليت ماڻي چڪو آهي. لڇمڻ ڪومل، سنڌي اڪيڊمي دهليءَ جي ڇه ماهي رسالي ”جوت“ جو ست سال ايڊيٽر رهيو آهي، جنھن رسالي جا هن ڪيترا خاص نمبر ڪڍيا، جن مان ڪي مشھور نمبر هيٺيان آهن:

1. شاھہ لطيف نمبر (ڊسمبر 1999ع)
2. گوبند مالھي نمبر (جون 2001ع)
3. آڳاٽو سنڌي ادب نمبر (مارچ 2004ع)
4. هري دلگير نمبر

لڇمڻ ڪومل جي ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان شامل آهن: (1) ”هڪڙو هو راجا“ (ٻاراڻو ادب: 1965ع)، جنھن تي کيس هند سرڪار جي تعليمي وزارت ”ٻاراڻي ادب جو اوارڊ“ ڏنو، (2) “Folk Literature of Pakistan” (1971ع)، جنھن جا هن وقت تائين ڇھہ ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن، (3) ”نئون صبح“ مشهور روسي شاعر ولاديمبر ماياڪو وسڪيءَ جي شاعريءَ جو ترجمو (1974ع)، جنھن تي کيس ماسڪو ۾ گهرائي، 1975ع ۾ سوويت لئنڊ نھرو اوارڊ، روس جي نوبل انعام يافتہ اديب ’مائيڪل شولو خوف‘ هٿان ڏياريو ويو، (4) ”جيءَ جهروڪا“ (شاعري: 1975ع). سندس هن شعري مجموعي تي کيس 1976ع ۾ ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ پاران اوارڊ ڏنو ويو، (5) ”ميري چادر“ (1978ع) راجندرسنگهہ بيديءَ جي ناول ”ميلي چادر“ جو ترجمو (1983ع ۽ سنڌ ۾ ٻيو ڇاپو جنوري 1986ع)، (6) ”ميران ٻائي“ (مونوگراف: 1980ع)، جيڪو ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ پاران ڇپيو، (7) ”بلي شاهه“ (مونوگراف)، جيڪو ساهتيہ اڪيڊمي دهليءَ پاران ڇپيو، (8) ”ڪاڪ ڇڏي ويا ڪنڊ تي“ (1986ع)، مشهور ڊرامانگار، هدايتڪار، شاعر، اديب ۽ نارائڻ شيام جي ڀاءُ هيم ناگواڻيءَ جي شخصيت ۽ فن تي ترتيب ڏنل ڪتاب، (9) ”پن ڇڻ جو پڙلاءُ“ (1996ع)، نامور ناول نگار قرةالعين حيدر جي ناول ”پت جهڙ ڪِي آواز“ جو سنڌي ترجمو، جنھن کي ساهتيہ اڪيڊميءَ 1997ع ۾ بهترين ترجمي جو اوارڊ ڏنو، (10) ”وهي کاتي جا پنا“ (آتم ڪٿا: ڀاڱو پھريون: 2006ع). سوجهرو پبلشرز ڪراچيءَ پاران ڇپيل، (11) ”وهي کاتي جا پنا“ (آتم ڪٿا، ڀاڱو ٻيون: 2008ع). سوجهرو پبلشرز ڪراچي پاران ڇپيو.
لڇمڻ ڪومل 23 ڊسمبر 2014ع تي ديھانت ڪري ويو.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي لڇمڻ ڪومل جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن


لڇمڻ ڪومل جا ڪتاب

ميري چادر، سنڌيڪار : لڇمڻ ڪومل

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ميري چادر
سنڌيڪار : لڇمڻ ڪومل
ميران ٻائي، مصنف : لڇمڻ ڪومل

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ميران ٻائي
مصنف : لڇمڻ ڪومل
وھي کاتي جا پنا، مصنف : لڇمڻ ڪومل

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
وھي کاتي جا پنا
مصنف : لڇمڻ ڪومل
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ