”وهي کاتي جا پنا“ سنڌي ادب جي هڪ منفرد آتم ڪٿا آهي. ” وهي کاتي جا پنا“ جي جيڪا بنيادي خوبي آهي,، سا ان جو افسانوي انداز بيان آهي. جيتوڻيڪ لڇمڻ بنيادي طور تي ھڪ شاعر آهي، پر هن پنھنجي آتم ڪٿا جي واقعن کي افسانوي رنگ ۾ پيش ڪري ان ۾ فنڪاراڻو حُسن پيدا ڪيو آهي ۽ ڪن مرحلن تي پنھنجي ذات کي ڌار ڪري افسانوي ڪردارن ذريعي پنھنجي زندگيءَ جو احوال پيش ڪيو آھي. ”وهي کاتي جا پنا “ هڪ مڪمل ۽ مستند تاريخ آهي، جنھن مان اسان ماضيءَ جي جهروڪن ۾ جهاتي پائي گهڻو ڪجهہ ڏسي سگهون ٿا: ورهاڱي وقت ٿيل ڏاڍ ڏمر، ڌرتي ڌڪاڻو ٿيڻ ! ۽ گهڻو ڪجهہ اسان کي ان تاريخ ۽ افساني ۾ ملي ٿو.
آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي
وھي کاتي جا پنا
- 5.0/5.0
- 96
- 23
- هڪ مهينو اڳ
- 0

سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ نثرنگار لڇمڻ ڪومل جي آتم ڪٿا تي مشتمل ڪتاب ”وھي کاتي جا پنا“ اوھان اڳيان حاضر آهي.
”وهي کاتي جا پنا“ سنڌي ادب جي هڪ منفرد آتم ڪٿا آهي. ” وهي کاتي جا پنا“ جي جيڪا بنيادي خوبي آهي,، سا ان جو افسانوي انداز بيان آهي. جيتوڻيڪ لڇمڻ بنيادي طور تي ھڪ شاعر آهي، پر هن پنھنجي آتم ڪٿا جي واقعن کي افسانوي رنگ ۾ پيش ڪري ان ۾ فنڪاراڻو حُسن پيدا ڪيو آهي ۽ ڪن مرحلن تي پنھنجي ذات کي ڌار ڪري افسانوي ڪردارن ذريعي پنھنجي زندگيءَ جو احوال پيش ڪيو آھي. ”وهي کاتي جا پنا “ هڪ مڪمل ۽ مستند تاريخ آهي، جنھن مان اسان ماضيءَ جي جهروڪن ۾ جهاتي پائي گهڻو ڪجهہ ڏسي سگهون ٿا: ورهاڱي وقت ٿيل ڏاڍ ڏمر، ڌرتي ڌڪاڻو ٿيڻ ! ۽ گهڻو ڪجهہ اسان کي ان تاريخ ۽ افساني ۾ ملي ٿو.
وھي کاتي جا پنا مختلف دون ۾ مختلف رسالن ۾ ڇپبو رھيو آھي. بعد ۾ وري ٽن مختلف جُلدن ۾ ڇپيو ۽ 2015ع ۾ روشني پبليڪيشن پاران سڀئي جُلد ۽ رھيل پنن کي سھيڙي ھڪ ئي ڇاپي ۾ ڇپايو ويو. ٻيو ڇاپو 2020ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي ٿورن سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مصنف لڇمڻ ڪومل
- ڇپيو ويو 2020
- ڇپائيندڙ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر 978-969-9726-74-3
- آن لائين ٿيو 28/Mar/2024
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
- لاٿو ويو 23 ڀيرا