عبدالحق عالماڻي
نامور ڪھاڻيڪار عبدالحق عالماڻي، پھرين جنوري 1941ع تي ڳوٺ حسين خان عالماڻي، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان ورتائين، اڳتي والدين پڙهائڻ نہ پئي چاهيو، پر کيس پڙهڻ جو جنون جي حد تائين شوق هو. پنھنجي محنتن سان سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ ۾ ايم. اي ڪيائين ۽ مسلم ڪاليج ۾ استاد جي حيثيت سان مقرر ٿيو. هن 1965ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي، ان وقت سنڌ ۾ ون يونٽ خلاف زوردار تحريڪ هلي رهي هئي ۽ سنڌ جي هر اديب، شاعر توڙي ڪھاڻيڪار جي قلم ۾ بغاوت ڀريل هئي. انهيءَ تحريڪ دوران ڪيترن ئي رسالن ۾ ڪھاڻيون لکيائين. انھن مان روح رهاڻ پنھنجو فرض نڀائيندي نوجوان ليکڪن کي اُڀاريو ۽ انھن جي لکڻين کي جيئن جو تيئن ڇپيو، عالماڻي بہ رُوح رهاڻ ۾ گهڻو ۽ سٺو لکيو. سندس لکڻين ۾ قومي درد ڀريل هوندو هو، جنھن سبب ماڻهن ۾ عالماڻيءَ جي لکڻين اثر ويھاريو، هن جي ڪھاڻين ۾ رومانس بہ هو تہ نوجوانن کي ڌرتيءَ جي ويڙهہ لاءِ اُڀارڻ جو اتساهہ بہ هو. عبدالحق عالماڻي قومپرست ليکڪ هو، جنھن ڪري قومي ورڪرن ۾ وڌيڪ مقبول هو، سندس لکڻين جو محور سنڌ هئي، عبدالحق عالماڻي ننڍپڻ ۾ ئي پيءُ جي سھاري کان محروم رهيو، ماءُ ئي سندس سھارو هئي، اهڙين حالتن سان وڙهندي هن پڙهائي بہ ڪئي، ڌڪا ٿاٻا کائيندي وڏو ٿيو هو، جنھن ڪري سندس لکڻين ۾ درد جي جهلڪ وڌيڪ پَسبي هئي. عالماڻيءَ جي ڪھاڻين جو هڪ مجموعو ‘ڪارو ڪارونڀار’ ڇپيل آهي ۽ لاتعداد ڪھاڻيون روح رهاڻ ۽ ٻين رسالن ۾ ٽڙيل پکڙيل آهن، جيڪي ڇپجن تہ سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ سٺو واڌارو ٿي سگهي ٿو. ان کانسواءِ عالماڻي هڪ ناول ”هي جيون هي سپنا“ بہ لکيو، جيڪو پڻ اڻ ڇپيل آهي. عبدالحق عالماڻيءَ، جوانيءَ ۾ ئي ڪينسر جي مرض سبب، 24 اپريل 1975ع تي وفات ڪئي.
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل