نورالدين سرڪي

Author Name

نامور قانوندان ۽ ترقي پسند اديب نورالدين ولد ڪمال الدين سرڪي، 5 مارچ 1927ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم اتي ئي حاصل ڪيائين، مئٽرڪ 1945ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان، انٽر سائنس 1947ع ۾ سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور، ايم .اي 1955ع ۾ ،ايس .اي آرٽس ڪاليج ڪراچي ۽ ايل .ايل .بي ،ايس .ايم لا ڪاليج ڪراچي مان 1955ع ۾ ڪيائين .نورالدين 1948ع ۾ انجنيئرنگ پڙهندو هو ،پر ملڪ اندر سياسي ۽ سماجي تبديلين سبب ۽ ڪجهه ترقي پسند سياسي ۽ ادبي جماعتن ۾ سرگرم ٿيڻ سبب انجنيئرنگ جو ڪورس اڌ ۾ ڇڏي ڏنائين .انجنيئرنگ ڇڏي واپس شڪارپور موٽي وڃڻ بعد بي .اي ڪرڻ سان گڏ نيو ايرا هاءِ اسڪول ۾ 1951ع کان 1953ع تائين ماستري به ڪيائين .ان کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ 1954ع کان 1967ع تائين اسلاميه آرٽس ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار ۽ اسسٽنٽ پروفيسر پڻ ٿي رهيو .سندس والد ڪلرڪ هو ،جنهن انگريزن خلاف جدوجهد سبب نوڪري ڇڏي ڏني هئي .هن به پيءُ جي نقش قدم تي هلندي اصولن واري سياست ڪئي . ابتدا ۾ شڪارپور جي جماڻي هال ۽ ڪرشنا لئبرريءَ وڃي مطالعو ڪندو هو ،جتي هندستان جا رسالا ۽ اخبارون به اينديون هيون .انهن مان بولچند راجپال جو ماهوار سنڌو رسالو ۽ ٻيو ڄيٺمل پرسرام جو ’روح رهاڻ ‘رسالو وڏي شوق سان پڙهندو هو .انهيءَ وقت نورالدين سرڪي ،مسلم ليگي خيالن جو هو ۽ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو سرگرم ڪارڪن رهيو .1945ع کان 1947ع تائين ان جو پهرين جوائنٽ سيڪريٽري ،پوءِ سيڪريٽري ٿيو .دوستن سان لهه وچڙهه ۽ مطالعي جي ڪري اڳتي هلي سندس خيالن ۾ تبديلي آئي ۽ هيءُ 1948ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ميمبر ٿيو .انهيءَ دور ۾ سندس واسطو ’انجمن ترقي پسند مصنفين ‘سان ٿيو .جڏهن 1950ع ڌاري سنڌي ادبي سنگت کي ٻيهر سرگرم ڪرڻ جو فيصلو ٿيو ته سرڪيءَ انهيءَ ۾ حصو ورتو ۽ سنگت سان لاڳاپيل رهيو .1950ع ۾ ترقي پسند ساٿين جي صلاح ۽ سهڪار سان سرڪيءَ هفتيوار ’صداقت ‘اخبار جاري ڪئي ،جنهن جو پاڻ نگران رهيو ،قادر بخش نظاماڻي ايڊيٽر ۽ رسول بخش پليجو سندس ٻانهن ٻيلي طور ڪم ڪندا هئا .’صداقت ‘اخبار سنڌ ۾ سياسي شعور ۽ ترقي پسند ادب کي هٿي وٺرائي ،جنهن کي اڳتي هلي سنڌي ادبي سنگت وڌيڪ جلا بخشي . نورالدين سرڪي 73-1972ع ڌاري نعپ( نيشنل عوامي پارٽيءَ )جو ميمبر ٿيو ،ان کانسواءِ هن جا معراج محمد خان به سٺا تعلقات رهيا ۽ ڪجهه وقت ان سان به گڏجي ڪم ڪيائين . سياسي سرگرمين سان گڏ سرڪي صاحب ادبي سرگرمين ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتو .هن شاعري ڪئي ،ادبي مضمون لکيا ۽ ترجما پڻ ڪيا .1957ع ۾ سندس شادي ٿي .سندس گهر واري بيگم شمس به سٺي ليکڪا ۽ مترجم رهي آهي. 1957ع ڌاري سرڪيءَٽالسٽاءِ جي ڪتاب ’What then We Must Do ‘جو سنڌي ترجمو ’نيٺ ڇا ڪجي؟ ‘نالي سان ڪيو ،جيڪو سنڌي ادبي بورڊ ڇپرايو .ان کانسواءِ سندس ڪتابن ۾ شاهه لطيف جي شعرن جو انتخاب ’جي تو بيت ڀانيان ‘(1999ع )،هند جي سنڌي اديبن ۽ دوستن جي چونڊ خطن جو ڪتاب ’ڪي وسرن نه مور ‘(2001ع )۽ شاهه جي بيتن تي مشتمل ڪتاب ’پهاڪا- روشنيءَ جا ڏيئا ‘ڇپيل آهن. نورالدين سرڪي آخري عمر ۾ بيمار رهيو ۽ 26 سيپٽمبر 2007ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪري ويو.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي نورالدين سرڪي جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


نورالدين سرڪي جا ڪتاب

پھاڪا: ڪلام جا ڏيئا، ليکڪ : نورالدين سرڪي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
پھاڪا: ڪلام جا ڏيئا
ليکڪ : نورالدين سرڪي
جي تو بيت ڀانئيا، سھيڙيندڙ : نورالدين سرڪي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
جي تو بيت ڀانئيا
سھيڙيندڙ : نورالدين سرڪي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ