تاريخ، فلسفو ۽ سياست

نيٺ ڇا ڪجي؟

ٽالسٽاءِ هن ڪتاب ۾ ٻڌايو آهي تہ زندگي رڳو ”پيسي جي پوڄا“ جو نالو نہ آهي، ۽ نڪو پيسي مان سچي خوشي ۽ دائمي راحت ملي سگهي ٿي. ٽالسٽاءِ جو انداز بيان نھايت نماڻو، ۽ زود اثر، سنجيدہ ۽ مخلصانہ آهي. سندس چوڻ آهي تہ جيڪڏهن اسان جو ضمير آزاد آهي تہ پوءِ اسين پنھنجي ذهن ۽ ضمير مطابق زندگي گذارڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪري سگهون ٿا! ٽالسٽاءِ هن ڪتاب ۾ امير ۽ غريب جي صحيح ترجماني ڪري، ٻڌايو آهي تہ سرمائيداري ۽ مفت خوري دراصل آدمخوري آهي.

  • 5.0/5.0
  • 114
  • 32
  • هڪ ڏينهن اڳ
  • 1
Title Cover of book Neth Chha Kajy
سنڌ سلامت پاران

سنڌسلامت ڪتاب گهر پاران روس جي عظيم مفڪر، ناول نگار ۽ فلاسفر ليو ٽالسٽاءِ جي لکيل ڪتاب What Then Must We Do جو سنڌي ترجمو ”نيٺ ڇا ڪجي؟” اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون، جنھن جو سنڌيڪار نورالدين سرڪي آھي. 
هي ڪتاب عالمي ادب ۾ بلند درجي واري ڪتابن مان هڪ آهي، جيڪو دنيا جي هر ملڪ ۾، هر دور ۾ ۽ هر زبان ۾ ترجمو ٿيو آهي. ائين چئي سگهجي ٿو تہ ڪروڙها ماڻھن جي ذهن ۽ فڪر جي بالبدگيءَ لاءِ هن ڪتاب جيڪو ڪجهہ تاريخي ۽ عمراني، ۽ ثقافتي ۽ فڪري سرمايو ڇڏيو آهي، اهو غير فاني ۽ سدا حيات آهي.
هيءٌ ڪتاب هر نقطء نظر سان جامع ۽ ڪامل آهي. انساني زندگيءَ جي سڀني شعبن ۽ ضرورتن جو قريبي مطالعو ۽ تجزيو ڪري، جو ڪجهہ ٽالسٽاءِ محسوس ڪيو آهي، ان کي ’عالمي شعور‘ جو درجو حاصل آهي. سرمائيداريءَ ۽ ان جي گندي ۽ متعفن معاشري جي عڪاسي ۽ ترجماني جنھن بصيرت ۽ چابڪدستيءَ سان ڪيل آهي، اها پنھنجيءَ جاءِ تي بيمثال بہ آهي، ۽ زندگي بخش بہ.
ٽالسٽاءِ هن ڪتاب ۾ ٻڌايو آهي تہ زندگي رڳو ”پيسي جي پوڄا“ جو نالو نہ آهي، ۽ نڪو پيسي مان سچي خوشي ۽ دائمي راحت ملي سگهي ٿي. ٽالسٽاءِ جو انداز بيان نھايت نماڻو، ۽ زود اثر، سنجيدہ ۽ مخلصانہ آهي. سندس چوڻ آهي تہ جيڪڏهن اسان جو ضمير آزاد آهي تہ پوءِ اسين پنھنجي ذهن ۽ ضمير مطابق زندگي گذارڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪري سگهون ٿا! ٽالسٽاءِ هن ڪتاب ۾ امير ۽ غريب جي صحيح ترجماني ڪري، ٻڌايو آهي تہ سرمائيداري ۽ مفت خوري دراصل آدمخوري آهي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1958ع ۾ جڏھن تہ ٻيو ڇاپو 1994ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.

 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.

سنڌسلامت پاران

ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا

5.0

(ڪُل 0 رائين آڌار)



ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.

  • مصنف ليئو ٽالسٽاءِ
  • سنڌيڪار نورالدين سرڪي
  • ڇپيو ويو 1994
  • ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ
  • ڇاپو ٻيون
  • عالمي ڪتاب نمبر
  • آن لائين ٿيو 26/Sep/2025
  • ترجمو آھي؟ جي ھا
  • ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
  • لاٿو ويو 32 ڀيرا

ڪتاب ۾ ٽِڪليون