نورالھديٰ شاھہ 2 جولاءِ 1951ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ جنم ورتو. پاڻ ھڪ ڊراما نگار، ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ ڪالم نگار آهي. ھوءَ سنڌ جي نگران حڪومت دوران اطلاعات واري کاتي جِي صوبائي وزير بہ رهي. نور الهديٰ شاھہ سنڌي ۽ اردو ٻنھي ٻولين ۾ لکي ٿي. ھوءَ مشھور ٽي وي سيريل جھڙوڪ جنگل، ماروي، فاصلي ۽ تپيش جِي ليکڪہ طور پڻ سُڃاتي وڃي ٿِي.
نورالهديٰ شاھہ ڪيتريون ئي ڪھاڻيون لکيون آهن. سندس ڪھاڻين جا چار مجموعا ”جلاوطن”، ”ڪربلا“، ”رڻ ۽ رڃ جو اتھاس“ ۽ ”ڪيڏارو“ ڇپيل آهن.
سنڌسلامت ڪتاب گهر تي نورالھديٰ شاھہ جا ڪُل 4 ڪِتاب موجود آھن