جلاوطن, ليکڪ : نورالھديٰ شاھہ

جلاوطن

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : جلاوطن
ليکڪ : نورالھديٰ شاھہ
ڪيٽيگري : ڪهاڻيون
ڇپيندڙ : روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
شايع ٿيڻ جو سال : 2007
شامل ڪيو ويو : 2016-08-24
ڏِٺو ويو : 3777 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 1780 ڀيرا
” جلاوطن “ نور الهدا شاهه جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هي ڪتاب 2007ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو. نور الهدا شاهه مهاڳ ۾ لکي ٿي:

”مون سنڌي سماج جي اڏوهيءَ کاڌل ديوار جي پاڇولي ۾ ويهي انيڪ ڪهاڻيون لکيون آهن، جنهن جي پاڙ ۾ ڪيترا زنده لاش جڳن جا دفن آهن، اهي ئي منهنجين پورين، اڻپورين ڪهاڻين جا ڪردار آهن، ديوار، جيڪا ڊهي نه سگهي آهي پر جنهن سان ٽڪرائي، ٽڪرائي رتوڇاڻ ٿيندي جڳ وهامي ويا آهن، ڪير ڄاڻي انهيءَ ديوار جي هن پار ڇا آهي. هڪ نئون نڪورو صبح(!!؟)
منهنجي هر ڪهاڻي منهنجو اڻپورو سپنو آهي.
مون ڪڏهين به اناالحق جو نعرو ناهي هنيو ۽ اهو نعرو منهنجي نڙيءَ ۾ اٽڪيو پيو آهي، ڄاڻان ٿي ته انهيءَ سنڌي سماج ۾ سموريون ڪهاڻيون لکڻ جي موٽ ۾ مون تي انيڪ الزام مڙهيا ويندا آهن ۽ اهي الزام مڙهڻ وارا ڪير آهن، آئون انهن کي به سڃاڻان ٿي، پر ڇا انهن الزامن کان هارائجي آئون به انهيءَ ديوار جي پاڙ ۾ دفن ٿي وڃان-؟“

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري ڪهاڻيون مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ