ڇا ڪجي، ڇا لکجي
مون سان شهر سڄو ناراض آهي، سپنا ڏسڻ ڏوهه آهي. آئون سڀئي سڱ سياڪا ڇني، اوهان لاءِ لفظن جي جادوگري ڪندي رهندس- الف لکڻ مهل ئي مون سڀئي سڱ سياڪا ڇني ڇڏيا هئا- مون سنگسار جا سمورا پٿر پاند ۾ ميڙي ورتا هئا- ماڻهن جو خيال هو آئون چري ٿي پئي آهيان- ڪنهن بيحد اداس رات جي پڇاڙڪي پهر ۾ اجهامي ويندس- ٿڪجي پوندس- ساڻي ٿي ڪري پوندس- مون کي ائين پنهنجي حيثيت وساري نه لکڻ گهرجي- آپگهات به نه ڪرڻ گهرجي- منهنجا سڀئي گس اڙانگا آهن، پر ويهي رهڻ جو گناهه مون کان ڪونه ٿيندو- دوزخ کان جنت تائين جو اهو سفر- ڪيڏو ڊگهو آهي ڄاڻان ٿي، پر اهو ڪير ڪيئن سمجهي سگهندو ته آئون سڀئي ٻيڙيون ساڙي آئي آهيان ۽ واپسيءَ جا گس بند آهن.
اها به ته عاشقيءَ جي رسم آهي نه- جو جڳن تائين ديوار سان سر پيو ٽڪرائجي- يا ديوار ڊهندي يا آئون فنا ٿيندس- لفظن سان عشق ڪرڻ کان پوءِ لفظ به گهڻو پويان رهجي ويا آهن- لفظ منهنجن پيرن جا نشان کڻي منهنجي پويان پيا ايندا آهن، پر منهنجا گس اڙانگا آهن.
ماڻهو، منهنجا پيرا کڻي مون وٽ ايندا آهن- انيڪ سوال- مون وٽ جواب ڪونه آهن. آئون پاڻ نٿي ڄاڻان ته ايتريون ڪهاڻيون ڪيئن ٿيون من ۾ واسو ڪن- آئون ايڏي وڏي ليکڪه به ڪانه آهيان،-ڪير انهن کي سمجهائي ته آئون اها ڪانه آهيان جنهن لاءِ هو اچن ٿا.
تماشو ڏسندڙن اڳيان منهنجو ساهه نپوڙبو آهي- آئون پنهنجي باري ۾ اوهان کي ٻڌايان ها- مون انهيءَ تي مهاڳ ۾ پاڻ تي لکڻ شروع ڪيو، پر پوءِ ڦاڙري ڇڏيئم- اوهان کي بس ايترو ٻڌايان ته آئون اها ناهيان- اوهان جو قسم- اها ناهيان.
ڪيتريون ڪهاڻيون لکڻيون اٿم،-ڪڏهن لکندس- نٿي ڄاڻان.
آئون لکندي رهندس پر شرط انهيءَ تي ته مون سان نفرت ڪانه ڪبي- نفرت ڪرڻ جو اوهان کي حق آهي پر محبتون منهنجو به حق آهي- منهنجون ڪهاڻيون پڙهي، من ۾ جيڪو زهر ٿي ڀرجيو اچي ته اهو زهر اوهان منهنجي وجود تي نه هاريو- انهيءَ سنڌي سماج تي هاريو.
مون جڏهين ٻارهن سالن جي عمر ۾ ادا شبير جي ڪتابن مان عصمت چغتائي ۽ منٽو جا ڪتاب ڪڍي پڙيا هئا، جيتوڻيڪ سمجهيا ڪونه هئم پر من ۾ زهر ضروري ڀرجي آيو هئم. انهيءَ زهر مان وري پاڻ آجو نه ڪرائي سگهيس، لفظن جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ وارا پل ياد ڪين اٿم- پر، اهو ئي هڪ اهڙو ٻنڌڻ آهي، جنهن کي ٽوڙڻ جو مون ۾ ساهس ئي ڪين هو.
اوهان جو اهو خيال ته دنيا ۾ ٻيا به موضوع ڦهليا پيا آهن، انهن تي ڇو نٿي لکان- دنيا جا سڀئي دک ته منهنجي هٿ تريءَ ۾ نٿا بند ٿي سگهن- ڪجهه دک اوهان پاڻ ڇو نٿا من- پاتان ۾ سانڍيو- ڪو هڪڙو پل، جنهن ۾ آئون به مرڪي سگهان.
ماڻهن جو اهو سوال ته شاديءَ کان پوءِ ڇو نٿي لکان- ڪا پابندي- ڪو اختلاف- ڪا ذهني ناآسودگي؟
نه- ائين ڪونهي- خادم سان وهانءَ ڪرڻ کانپوءِ منهنجون وِکون مضبوط ٿيون آهن- مون ۾ پنڌ ڪرڻ جي سگهه وڌي وئي آهي. خادم کي به مون سان گڏ (اڻ سڌيءَ طرح ئي سهي) منهنجين ڪهاڻين جو عذاب ڀوڳڻو ٿو پوي- مون پنهنجا عذاب ونڊي ڇڏيا آهن. اڳي آئون اڪيلي هيس، مون وٽ سواءِ لفظن جي ڪاريگريءَ جو ڪو ٻيو هنر ڪونه هو. هاڻ آئون ڪنهن ساٿيءَ جو هٿ پڪڙي، ڊگهو پنڌ ڪرڻ جو هنر به سکڻ چاهيان ٿي. ائين ناهي ته ڪو هر سنڌي عورت وانگر نڪاح جي ٽن ٻولن کان پوءِ فنا ٿي وئي آهيان- مون پنهنجي ساٿيءَ جي اڳيان ويهي لکيو آهي- لکندي رهندس- مڃان ٿي ته آئون گهٽ لکڻ لڳي آهيان- ڪارڻ انيڪ آهن- هاڻ آئون ائين به سوچيندي آهيان ته زندگيءَ کي ڪهڙا ڪهڙا رنگ ڏجن- هڪ ننڍڙو سکيو ستابو گهروندو- اٽو- لٽو- اجهو.
هي مئو جيٽ ايج، جنهن ۾ پاڻ رهون ٿا، سڀ ڪجهه اوکو آهي. آئون چپ ٿي وڃان ته مون کي مئل نه سمجهيو وڃي- گهٽ لکان ته اجهامي وڃڻ جا ڏوراپا نه ڏيئوم- منهنجيءَ چپ جو ڪارڻ خادم ساڻ سنجوڳ ڪونهي- انهيءَ کان مليل ذهني آسودگي آهي- جيڪا ورهين پڄاڻان ملي اٿم. مون چيو نه ته آئون ذهني آسودگيءَ واري دور ۾ ڪجهه به نه لکي سگهندي آهيان- ڪجهه ڏينهن لفظن جي عذب کان پاسي رهي زندگيءَ جا ست رنگ پاند ۾ ميڙي وٺان- زندگيءَ کي صرف ڪارو رنگ ته نه گهرجي.
آئون، هن ميدان ۾ اڪيلي ڪانه آهيان- مون سان گڏ زندگيءَ جي سنگهر به آهي، جيڪا نڀاڳي مرڻ- پل تائين پيرن ۾ پيل آهي- ڪنهن اڻپوري پل ۾ ڪو اڻپورو نظم ئي سهي- لفظن سان وفا ته ڪرڻي آهي- پتنگن کان کامڻ جون خبرون پڇبيون ته پوءِ انيڪ آهن، پر ڇپجڻ ايڏو ضروري ته ڪونهي. ها دوستن جي اها به صلاح آهي ته آئون نئون انداز- نئون روپ ڏيان لفظن کي- ايڏي نفرت جيڪا لوڪ لاءِ من ۾ پالي رکي اٿم مون کي فنا ڪري ڇڏيندي- جلاوطن مون محبتن جي ڪهاڻي لکڻ چاهي هئي، پر انهيءَ نفرت تي وڃي پڄاڻي ڪئي- تازو لکيل ڪهاڻي ”من – درپن“ نفرتن جي ڪهاڻي آهي، جنهن محبتن تي وڃي پڄاڻي ڪئي “Come Back Africa” محبتن ۽ نفرتن جي وچ واري وڇوٽيءَ تي هلندڙ ڪهاڻي آهي- جيڪا منهنجي هنن لمحن جي ڪهاڻي آهي- ڪو دوست- ڪو دشمن- انهن ڪهاڻين کي ڪو نانءُ ڏيڻ کان اڳ، منهنجين اڳوڻڪين ڪهاڻين جي سچائيءَ کان انڪار ڪري سگهندو!! هي ٻه ڪهاڻيون لکڻ مهل، منهنجي من ۾ محبتن جو واسو هو، نفرت جو نه.
هاڻ آئون محبتن جون به ڪهاڻيون لکندس- محبتون، جيڪي انسان، انسان سان ڪندو آهي، ۽ هي ڪتاب جڏهن اوهان جي هٿن ۾ ايندو، هڪ نانءُ نه وسارجو، فهميده حسين جو نانءُ. اهائي سگهڙين سٿ (هلال پاڪستان) واري فهميده حسين، سنڌي لفظن سان منهنجي عشق جي پهرين واٽ يا سنگ ميل- ڪهاڻي کيتر ۾ آئون جيڪر ڪجهه آهيان ته فهميده حسين جي دين آهيان. مون جڏهين سنڌيءَ ۾ پهريون ليک لکيو هو، تڏهين مون کي سنڌي پڙهڻ به سولي ڪانه ايندي هئي- اهو ليک، انهيءَ سگهڙين سٿ ۾ ڇپيو هو. پوءِ چترڪار کان انيڪ ڪهاڻين تائين مون کي ڇپيندي رهي. سگهڙين سٿ منهنجي عاشقيءَ جو پهريون ميدان- منهنجو ادبي اسڪول- اهو پرچو پڙهندڙ سنڌ جون اداس شهزاديون اڄ به مون لاءِ منزل جو پهريون نشان آهن. منهنجا سڀئي لفظ سنڌ جي انهن اداس شهزادين لاءِ آهن.
ڪيترا اهل پل پويان رهجي ويا آهن، جن تي ڪهاڻيون لکڻ چاهيندي آهيان- انهن سڀني ڪهاڻين کان مختلف ڪهاڻيون- جڏهين ڪراچي پنهنجي اباڻي گهر ويندي آهيان. صندل تي ڀرت ڀريندڙ امان ۽ جاءِ نماز تي ويٺل بابا ڪيڏا اڪيلا اڪيلا ڀاسندا اٿم- ڄڻ ٻه ننڍڙا، وڇڙي ويل ٻارڙا- آئون اڳتي نڪري آيس ۽ هو گذري ويل لمحن وانگر پويان رهي ويا. منهنجو ڪمرو، چپ چاپ پيو منهنجو اوسيئڙو ڪندو آهي. گهر جون ديوارون سرگوشيون ڪنديون آهن. ڪهاڻيڪار! ايڏا ڏينهن لاتا اٿئي. اسان به ته تنهنجي ڪا بيحد اداس ڪندڙ ڪهاڻي آهيون.
تنهن پل دل چوندي اٿم ته امان جي اندر ۾ سمائجي وڃان. ٻيو جنم وٺڻ لاءِ بابا جي ڪلهن تي چڙهي، سياري جي بيحد سرد رات ۾ به شيءِ وٺي ڏيڻ لاءِ ڌمچر ڪريان.
اهڙي پل انسان سان انسان جي محبتن جي اها ڪهاڻي سرجي ويندي آهي، جيڪا لکي سگهڻ جو مون ۾ ساهس ئي ڪونهي. محبتن جا اهي انڪشاف شايد منهنجين ڪهاڻين مان نفرت جو زهر ڌوئي سگهن.
پر ڳالهه انهيءَ قيامت جي به آهي، جيڪا اسان جي مٿان کان سمنڊ جي کاري پاڻيءَ وانگر وهندي ٿي وڃي. نياءُ ۽ انياءُ جي وچ واري وڇوٽيءَ تان ڪيڏو الميو آهي ته اسان جن پيرن هيٺان ڌرتي نڪرندي ٿي وڃي ۽ اسان ٻنيءَ ۽ ونيءَ لاءِ سر ڏيڻ وارا اندر ئي اندر مئا پيا آهيون- جتي اعتبار جون حدون اچيو پڄاڻي ڪن، اتان کان ڪوڙ جو اونداهو گس ٿو شروع ٿئي، ۽، منهنجو اعتبار سڙي رک ٿيو آهي. آئون سچ چوندس ته اوهان جو ڪنڌ نمي پوندو. اوهان ڏوراپا ڏيندا، ٻڪن ۾ پٿر ڀري منهنجي اڳيان سنگسار جي رسم نڀائڻ جو اعلان ڪندا.
ڪوڙا، اسان جن نسن ۾ ڦهليو پيوآهي- پر، ڪوڙ اسان جو ورثو ته ڪونهي. ٽکڙ جي جبلن تي ڦهليل ٿوهر جي ٻوٽن کان سچ ۽ زهر مون کي ورثي ۾ مليو آهي. سچ جو ميٺاج وسري ويو آهي به ته- اهو ئي زهر امرت ڌارا بڻجي سگهي ٿو.
سو- اچو ته محبتون ڪريون، وصل جي ڪنهن خوبصورت رات ۾ سچائيءَ سان لائون لهون، محبتون، جيڪي جسم جي ڄار ۾ ڦاٿل نه هجن، پر روح ۾ پاتال تائين ڦهلجي وڃن. محبتون، جيڪي جنگ جي ميدان ۾ به انسان- انسان سان ڪري سگهي. محبتون جيڪي سنڌي سماج جي ڪلر کاڌل ديوار کي ڊاهي سگهن.
آئون محبتن جي اها رسم نڀائيندي، اوهان کي هي اڻپورو ڪتاب ٿي ڏيان.
اوهان به ڪجهه نه ڪجهه ڏيو- چپن تي جڳن کان اٽڪيل اناالحق جو نعرو ئي سهي.
۽ پڇاڙيءَ ۾-
هي ڪتاب اوهان جن هٿن تائين آڻڻ لاءِ ڪجهه ماڻهن جي محبتن جو اعتراف.
خادم، پنهنجي جيون ساٿيءَ جي محبت جو اعتراف، جنهن لکڻ وارن لمحن ۾ مون سان گڏ ويهي، منهنجين ڪهاڻين جو زهر پيتو آهي. عالم حسينيءَ جي محبت جو اعتراف، جنهن ڪتاب سهڙڻ لاءِ ڊگها ڊگها پنڌ ڪيا آهن. نثار حسينيءَ جي محبت جو اعتراف، جنهن جو شوق ڪتاب ڇپجڻ جو ڪارڻ آهي ۽ فتاح (شرجيل) جي محبت جو اعتراف، جنهن منهنجن لفظن کي چترن جو روپ ڏنو آهي.
۽ -
ٻه ليڪا ڪڍي
صليب ٺاهي
پنهنجو پاڻ ٽنگي ڇڏيان
جي
دک سڀئي لکي نه سگهان.
نورالهديٰ شاهه
5 فيبروري 1979ع
حيدرآباد