ڪھاڻيون

جلاوطن

” جلاوطن “ نور الهدا شاهه جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هي ڪتاب 2007ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو. نور الهدا شاهه مهاڳ ۾ لکي ٿي:

”مون سنڌي سماج جي اڏوهيءَ کاڌل ديوار جي پاڇولي ۾ ويهي انيڪ ڪهاڻيون لکيون آهن، جنهن جي پاڙ ۾ ڪيترا زنده لاش جڳن جا دفن آهن، اهي ئي منهنجين پورين، اڻپورين ڪهاڻين جا ڪردار آهن، ديوار، جيڪا ڊهي نه سگهي آهي پر جنهن سان ٽڪرائي، ٽڪرائي رتوڇاڻ ٿيندي جڳ وهامي ويا آهن، ڪير ڄاڻي انهيءَ ديوار جي هن پار ڇا آهي. هڪ نئون نڪورو صبح(!!؟)
منهنجي هر ڪهاڻي منهنجو اڻپورو سپنو آهي.
مون ڪڏهين به اناالحق جو نعرو ناهي هنيو ۽ اهو نعرو منهنجي نڙيءَ ۾ اٽڪيو پيو آهي، ڄاڻان ٿي ته انهيءَ سنڌي سماج ۾ سموريون ڪهاڻيون لکڻ جي موٽ ۾ مون تي انيڪ الزام مڙهيا ويندا آهن ۽ اهي الزام مڙهڻ وارا ڪير آهن، آئون انهن کي به سڃاڻان ٿي، پر ڇا انهن الزامن کان هارائجي آئون به انهيءَ ديوار جي پاڙ ۾ دفن ٿي وڃان-؟“
Title Cover of book جلاوطن

دوزخي

ڪڻس پهريون وارو کدوءَ سان ڏٺو هئم. کدوءَ سندس نالو ربو دادا ٻڌايو هو. اها پوءِ خبر پئي ته سندس نالو رب نواز آهي، پر لوڪ هن کي ربو دادا ئي سڏيندو هو. سدائين شراب جي بوتل هٿ ۾ هوندي هئس. سندس وار گل جيان پيا سندس نرڙ تي جهوليندا هئا. جنهن سان ملندو هو، هئيڊا هئيڊا ڏند ڪڍي کلي ڏيندو هو، ڄڻ ٻئي جو انت ملي ويو هجيس، ٻيو شڪجي پوندو هو.
الائي ڇو ڪڻس پهريون وار ڏسي ڪِرڀَ اچي وئي هئم. هو مون کي شهر جو ڪو نامي گرامي بدمعاش لڳو هو، جيڪي پنهنجي اوچائيءَ لاءِ ”دادا“ سڏرائيندا آهن. انهن مان هڪ بدمعاش جڏهن کدوءَ کان پڇيم، ”ربو دادا ڇا ڪندو آهي؟“ ته کدو معنيٰ ڀري مُرڪ کلي پيو هو.
”ڇا ڪندو آهي؟“ پڇيم. مون کي پڪ هئي ته هو چوندو ته، ”شراب جو ڪاروبار ۽ جُوا جو اڏو هلائيندو آهي.“ کدوءَ کلي چيو، ”واپار ڪندو آهي، ڇورين جو واپار.“ کدوءَ هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو، ”لعنت آهي اهڙي غليظ ماڻهو تي، جيڪو عورتن جو سوداگر آهي.“ منهنجي اندر ۾ لڪل قوم جو درد جاڳي پيو. کدو منهنجي ڳالهه تي ائين کليو، ڄڻ مان ڪو چريو يا توائي هجان.
”ڀيڻسان پاڻ کان ته عقل وارو آهي، مهيني جون پڇاڙڪيون تاريخون بک ته نٿو مري.“ کدو سدائين مهيني جي پڇاڙڪين تاريخن جو روئڻ روئيندو هو.
”يار مان به وڃي دلالي ڪيان ٿو.“ کدوءَ سنجيدگيءَ سان چيو. ڪا وراڻي ڪانه ڏنم. منهنجي ذهن ۾ ربو دادا جو قوي ۽ صحتمند جسم ڦيريون کائيندو رهيو.
ربو دادا پاڻ کي شهر جو داداگير سمجهندو هو. هڪ وار چيائين ته، ”جيڪر اليڪشن ۾ بيهان ته شهر جا سمورا وڏا ماڻهو مون کي ووٽ ڏيندا، ڇاڪاڻ ته هنن جي اونداهين راتين جا راز مون وٽ دفن آهن. هنن جا راز، هڪ قيمتي خزانو آهن، جن کي مان نهايت حفاظت سان سيني ۾ لڪايو ويٺو آهيان.“ ربو دادا انهن وڏيرن، رئيسن ۽ وڏن ماڻهن کي بليڪ ميل به ڪندو هو. اهي ’ويچارا‘ ڏينهن جي سوجهري ۾ پنهنجي هٿ گهڙي عزت جو ڀرم رکڻ لاءِ ربو دادا جو کيسو ڀريندا هئا، ته جيئن ربو دادا جو هٿ کليل هجي ۽ وات بند.
شهر جي هر رنڊيءَ سان گڏوگڏ هر ’پرائيويٽ‘، جيڪي معاشري ۾ پاڻ کي نهايت شريف زاديون ظاهر ڪنديون هيون، انهن سان ربو دادا جو تعلق هو. هو هڪ ڪامياب دلال هو. هن جا شهر جي هر وڏي ماڻهوءَ سان نهايت سٺا تعلقات هئا. هڪ دفعي پوليس اڻ ڄاڻائيءَ مان کيس هٿ وڌو. بس پوءِ ته محشر مچي ويو. اسيمبلي ميمبرن کان وٺي شهر جي هر معزز ماڻهوءَ جا فون ٿاڻي تي پهچي ويا. ٿاڻيدار نه فقط ربو دادا کي ڇڏي ڏنو، بلڪ چانهه به پياريائينس ۽ گڏوگڏ معذرت به ڪيائينس.
ربو دادا ڀڙوت جي فن ۾ استاد هو. هن کي عورت جي جسم جي ڏاڍي گهري پرک هئي. هو ڏاڍو غليظ انسان هو. چوندو هو، ”مون ڪيترين شريف زادين جا پاڻ ويمَ ڪيا آهن ۽ انهن جا ناجائز ٻار گند جي ڊرم ۾ اڇلايا آهن، جن کي صبح جو ميونسپالٽيءَ وارا گند ۾ ميڙي کڻي ويندا آهن.“
ربو پاڻ کي سيد سڏرائيندو هو. چوندو هو، ”منهنجي ماءُ بي بي هئي، پر رنڊي هئي. منهنجو پيءُ شيخ هو ۽ مان حرامي ڦر آهيان.“
هو پيءُ جي نالي تي سڏرائڻ کي دوکو ۽ فريب چوندو هو. هو چوندو هو، ”توکي يقين آهي ته تون پنهنجي پيءُ جو پٽ آهين؟“ سندس چوڻ هو، ”ڪوبه ماڻهو يقين سان نٿو چئي سگهي ته مان پنهنجي پيءُ جو پُٽ آهيان.“
سندس اهي ڳالهيون هڪ شريف ۽ عزت واري انسان کي پل ڀر ۾ ننگو ڪري ڇڏينديون هيون. بلندين تي بيٺل باعزت انسان کي پل ڀر ۾ چڪلي جي غليظ ۽ بدبودار نالين ۾ ڪيرائي ڇڏينديون هيون. هن سان ملڻ کان پوءِ مان پاڻ کي پستين ۾ پيل ناليءَ جو غليظ ڪيڙو محسوس ڪندو هئس. مون کي پڪ ٿي ويندي هئي ته مان به ڪنهن رنڊيءَ جو جنم ڏنل حرامي ڦر آهيان. مان هن پيءُ جو پٽ نه آهيان، جنهن جو نالو منهنجي نالي پٺيان چنبڙيل آهي. مان پنهنجي ماءُ جو پٽ آهيان.
هو رنڊين کان سواءِ شهر جي اوچن شيش محلن ۾ رهندڙ شريف زادين جو به رازدار هو، جيڪي پنهنجي جسماني بيمارين کان وٺي، پنهنجي خريدارن تائين جون رازداريون هن کي ٻڌائينديون هيون. پر ربو دادا هنن کي بليڪ ميل نه ڪندو هو. هڪ وار چيومانس، ”توکي اهو ڌنڌو ڪندي شرم ڪونه ٿو اچي. تون معاشري جو ناسور آهين. تون شرافت جي نرڙ تي داغ آهين. تون پستيءَ جو غليظ ڪيڙو آهين. توکي موجوده نسل توڙي ايندڙ نسل ڪڏهن به معاف نه ڪندو.“ منهنجي اندر جو قومي درد جاڳي پيو.
ربو دادا ڏاڍي حقارت سان ٽهڪ ڏنو. هن جي کل ۾ نفرت جو درياه هو. هن کلندي منهنجي اکين ۾ اکيون وجهندي چيو، ”تون اديب آهين، تون ڪوڙو آهين. تون ڪتاب ۾ ڪوڙيون ڳالهيون ڪرين ٿو ۽ توهان اديب مون کان وڏا ڀڙوا آهيو. منهنجو جيڪو ڪجهه باطن ۾ آهي، سو ئي ظاهر ۾، ليڪن توهان ظاهر ۾ ڪجهه ۽ باطن ۾ ڪجهه آهيو. توهان اديب ناسور آهيو. ايندڙ نسل توهان کي معاف نه ڪندا. توهان غريب جي غربت جي ڳالهه ڏيڍ سؤ روپين جي شراب جي بوتل پي پوءِ ڪريو ٿا. توهان شراب جي نشي ۾ ڳورا ڪتاب لکي ماڻهن کي ٺڳيو ٿا. توهان ’غريبن جي ڳالهه‘ ڪري غريبن کي ٺڳيو ٿا، ته جيئن هو توهان کي پنهنجو همدرد سمجهي توهان کي پنهنجي رهنما جو درجو ڏين ۽ توهان جي لکئي کي قرآن سمجهن. توهان شهرت چاهيو ٿا، توهان شهرت جا بکيا آهيو. مان چوان ٿو خدا جو قسم اوهين ته مون کان به وڏا ڀڙوا آهيو.“ ربو دادا اُٿي بيٺو، ”هل توکي چڪلن ۾ نچندڙ اهي جوان ۽ سهڻا سهڻا جسم ڏيکاريان جيڪي تو جهڙن عزت دارن جي دياآهن. جن جا پيءُ وزير، اسيمبلي ميمبر، سينيٽر، قانون جا محافظ ۽ قوم جا رهنما آهن. خدا جو قسم هل، توکي هن ڪوڙيءَ دنيا جو وڏي ۾ وڏو سچ ڏيکاريان. هت دلال، ڀڙوا، ڪسبياڻيون، خوني، چور ۽ حرامي ٻار توهان شريف زادن طرفان اسان لاءِ وڏو تحفو آهن.“ ربو دادا ٻهڪڻ لڳو. هن ڪاوڙ ۾ منهنجي منهن تي ٿُڪي ڏنو ۽ مان اها ٿُڪ اُگهي به نه سگهيس.
هڪ وار مون کي چيائين، ”ڪسبياڻيءَ سان هڪ رات جو ڪسب ڪرڻ لاءِ دل ٿي چوئي، پر ماڻهو توکي عظيم اديب چون ٿا، ان ڪري تون نٿو وڃين..... هل توکي ڏيکاريان هتي توکان به وڌيڪ عظيم اچن ٿا. هو جنهن وقت رنڊيءَ کي ويجهي کان ڏسندا آهن ته ڇتا ڪتا ٿي پوندا آهن. ڪپڙا لاهي هنن جي پراڻي بدن کي چنبڙي ويندا آهن، جيئن ڪتا چٻاڙيل هڏن تي ڪِرندا آهن. تنهن مهل هنن جي سموري اڳواڻي سندن ڪپڙن سان لهي ويندي آهي. پوءِ صبح جو منهنجي دل چوندي آهي ته انهيءَ اگهاڙي جسم کي حيدر بخش جتوئي چوڪ وٽ، جيئي سنڌ پارڪ جي ڦواري وٽ بيهاريان ۽ هن بدن تي لڳل چڪن جا نيرا نيرا نشان، ماڻهن کي ڏيکاريان ۽ چوان ته ڏسو، اوهان جي اڳواڻن جا اصلي چهرا، جي ڳولي سگهو ٿا ته ڳوليو، هن ننگي جسم ۾ توهان جا بااخلاق اديب به آهن ۽ رهنما به.“
اڪثر مون کي محسوس ٿيندو هو ته هو منهنجي عزت، شهرت ۽ بلنديءَ کي چڪلي جي ڪنهن غليظ ناليءَ ۾ دفن ڪرڻ چاهي ٿو، پر هو غليظ هوندي به ايڏو غليظ ڪونه هو. پوءِ به مون کي هن کان ڊپ ٿيندو هو. هو وڏو ’دوزخي‘ هو. هو پاڻ چوندو هو ته ماڻهن جي عزت لاهيندي، هنن جو انت کوليندي، مون کي ڏاڍو مزو ايندو آهي. ربو دادا هر انسان جو آئينو هو. هرڪو انهيءَ ۾ پنهنجي شڪل ڏسندو هو، جا ڪيڏي نه ڀوائتي نظر ايندي هئي.
ڪڏهن ڪڏهن سچ پچ منهنجي دل به چوندي هئي ته مان ربو دادا جي دنيا وڃي ڏسان. منهنجي نظر ۾ عورت ڏاڍي مقدس هستي آهي، پر منهنجي زال جي ڪپڙن ۾ پيشاب جي ڌپ آهي. هوءَ مون سان سمهندي آهي ته مون کي الٽي اچي ويندي آهي. ڏهه ٻار ڄڻي هن جو جسم بي ڊولو ٿي پيو آهي. هو پيٽ سان نه هوندي به پيٽ سان لڳندي آهي. مان ٻي شاديءَ جو مخالف ڪونه آهيان، پر ڇا ڪيان جو مان ٻي شاديءَ جي خلاف لکندو آهيان. عورت جي حقن تي لکندو آهيان، پر ڳوٺ ۾ منهنجي هڪ سُريت آهي، هن سان به سال ٿي ويندو آهي ملندي. منهنجي دل چيو هو ته مان به ربو دادا جي چڪلي ۾ وڃان. ’جي ڪنهن ڏسي ورتو ته؟‘ ’مان رات جو ويندس.‘ پوءِ هڪ رات مان ربو دادا سان، سري گهاٽ وٽان ٿيندو، موچيءَ گهٽيءَ مان لڪندو ڌُو ڪري وڃي چڪلي ۾ پهتس.
ڪافي رات ٿي چڪي هئي. سئنيمائن جا پڇاڙڪا شو ختم ٿي چڪا هئا. ربو دادا فتحيابيءَ واري انداز ۾ منهنجي اڳواڻي ڪري رهيو هو. هن ڄڻ منهنجي اندر جي انسان کي ننگو پڪڙي ورتو هجي. ڪيڏي مهل منهنجي منهن ۾ نهاري مرڪي ٿي ڏنائين. ڄڻ چئي رهيو هجي، ”ڏٺئي اوهين ليکڪ وڏا ڪوڙا ۽ ڀڙوا آهيو.“
ڪاٺ جون پراڻيون چاڙهيون چڙهي اسان هڪ ڪوٺڙيءَ ۾ گهڙياسين، جنهن جي در تي پراڻي ڪپڙي جو ڦاٽل پڙدو لڳل هو. اندر گهٽ پاور جي بلب جي ميرانجهڙيءَ روشنيءَ ۾ پٽ تي هڪ عورت، جنهن جي عمر چاليهن اندر ٿي لڳي، اگهاڙي ويٺي هئي. سندس بي ڊولي بدن تي انيڪ ڦٽ هئا، ڦٽن سان هوءَ سڄي رڌي پئي هئي، جن مان رت سان گڏ گند سِمي رهيو هو ۽ هوءَ ڦٽن کي ڌوئي رهي هئي. هوءَ ننگي ويٺي هئي، پوءِ به هن منهنجي اچڻ جو ڪو نوٽيس نه ورتو، ڄڻ مان مرد نه هجان يا هوءَ عورت نه هئي.
هن جي چهري تي تڪليف جا آثار هئا. مون کي ڏسي خوشيءَ جي هلڪڙي لهر سندس چهري تي ڊوڙي آئي هئي.
”ڪير آهي ربو دادا؟“
”گراهڪ.“ ربو دادا وراڻي ڏني.
”حاجو ڪٿي آهي؟“ ربو دادا پڇيو.
تڏهن وراڻيءَ ۾ هن اگهاڙيءَ عورت جهيڻي آواز ۾ حاجوءَ کي سڏ ڪيو. کن کان پوءِ يارنهن ٻارنهن سالن جي ڇوڪري ڪپڙي جي گڏي هيانوَ سان لائي ڊوڙندي آئي. مون کي ڏسي ڇرڪي پئي، پوءِ ڪنڌ نمائي بيهي رهي.
”پيسا ڪڍ!“ ربو دادا هٿ وڌائيندي چيو، ”ويهه مال جا، ويهه منهنجي دلالي ۽ ڏهه روپيا واپسي ڀاڙي جا ۽ ها ٿورو خيال ڪجانءِ.“ هو پوري ريت دلال نظر اچي رهيو هو.
”پر ربو دادا! هيءَ ته اڃان ٻار آهي.“ مون احتجاج ڪيو. مون کي پنهنجي يارهن سالن جي ڌيءَ بلقيس ياد اچي وئي.
ربو دادا تلخيءَ سان وراڻي ڏني، ”هت ڪير ڪنهن جي ڌيءُ ناهي، ڪير ڪنهن جي ڀيڻ ۽ ماءُ ناهي. هي چڪلو آهي، جتي سڀ ڪجهه هلندو آهي، تون ڏوڪڙ ڪڍ ۽ پنهنجو ڪم ڪر.“
مون پنجاهه جو نوٽ ڪڍي ربو دادا جي تريءَ تي رکيو. ربو دادا ڪجهه وقت لاءِ حاجوءَ کي وٺي ٻاهر ويو. ڪوٺيءَ ۾ ساڳي ريت سانت ٿي وئي. اُگهاڙي عورت ساڳيءَ ريت ڪنڌ نوائي پنهنجا ڦٽ ڌوئڻ لڳي، ڄڻ ڪنهن به ڳالهه سان هن جو تعلق نه هو. حاجو هن جي ڌيءَ هئي، مون ٻنهي جي نقشن مان اندازو هنيو.کن کان پوءِ ربو دادا آيو. چيائين، ”سامهون واريءَ ڪوٺيءَ ۾ وڃ.“
مان پنجاهه روپيا وصول ڪرڻ لاءِ اٿيس. ڪوٺيءَ ۾ اوندهه پکڙيل هئي. گهٽ پاور جو هڪ بلب ٻري رهيو هو، جنهن جي روشني ناڪافي هئي. ڪمري جي وچ ۾ هڪ ڇنل کٽ پئي هئي، جنهن تي حاجو اونڌي ٿي پئي هئي. هوءَ بلڪل اُگهاڙي هئي، هن جي ڀر ۾ کٽ تي ڪپڙي جي گڏي پئي هئي. مون جڏهن پنهنجي شرافت جيان پنهنجا ڪپڙا لاهي هن جي وجود کي پنهنجي ڀاڪرن ۾ ڀريو هو، تڏهن هوءَ ڪنهن ڊنل ٻار جيان گهٽيل گهٽيل سُڏڪن ۾ روئڻ لڳي هئي.
دنيا ۾ شرافت نالي جي ڪابه شيءِ نه آهي. جيڪي پاڻ کي فرشتو ثابت ڪرڻ لاءِ شرافت جو مظاهرو ڪندا آهن، اهي اندران شيطان کان به بدتر هوندا آهن. انسان شيطانيت جو ٻِيو نالو آهي، جيئن ڪنهن بدبودار جهڳي تي تاج محل لکي ڇڏجي. ائين ئي شيطانيت جي در تي شرافت جو نالو لکيل آهي. ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءَ جو رشتو صرف انهن سان جوڙي سگهجي ٿو، جن سان حقيقت ۾ هوندو آهي. ٻين کي اسان ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءُ فقط پاڻ کي شريف هئڻ جو يقين ڏيارڻ لاءِ چوندا آهيون. اندر ۾ لڪل ڀوائتي روپ کي جڳ کان لڪائڻ لاءِ چوندا آهيون. مون پاڻ کي دلاسو ڏنو.
دنيا ۾ ڪوبه ماڻهو شريف ڪونهي، اهو لفظ هڪ ڀرم آهي، جيڪو اونداه ۾ قائم نٿو رکي سگهجي. اسان سڀئي هڪ غسل خاني ۾ اگهاڙا آهيون. اسان هڪ ٻئي جو هر جسماني عضوو چٽي طرح ڏسي سگهون ٿا، پر پوءِ به پاڻ کي دلاسو ڏيون ٿا ته اسان کي ڪپڙا پهريل آهن، اسان جا عيب لڪل آهن، اسان کي ڪمخواب جو لباس پهريل آهي، جنهن جي اندر لڪل برايون ٻين کي نظر نه اينديون هونديون.
هوءَ ننڍي ٻار هئي. هن جي ڀر ۾ پيل ڪپڙي جي بي جان گُڏي اشرف المخلوقات جي ڪردار تي رڙيون ڪري رهي هئي. هن جي ٻالڪپڻي جي گواهي ڏئي رهي هئي، پر هن جي اگهاڙي جسم کي مان ڪتي جيان چنبڙي پيو هوس. مون کي يقين هو ته هن کان اڳ هن جي مقدس وجود کي ڪنهن هٿ به نه لاتو هو. هن جون دانهون اونداهي ڪوٺيءَ ۾ گهٽجنديون ويون. هوءَ ڪنهن اهڙي پکيءَ جيان ڦٿڪي رهي هئي، جنهن کي شڪاري صرف مزي ماڻڻ لاءِ ڇُري سان زخمي ڪندو آهي. هوءَ مون لاءِ بلقيس ڪانه هئي، هوءَ حاجو هئي، رنڊيءَ جي ڌيءُ. مون هن جي بدن جو افتتاح ڪيو هو، هن جي مستقبل جو افتتاح، هن تي جواني جي پڇاڙڪي پل تائين اهو ڪجهه ڪرڻو هو، جنهن لاءِ مان هن کي مجبور ڪري رهيو هئس. صدين تائين شرافت جو ڪفن پهريل هئڻ ڪري، جڏهن اهو ڪفن لٿو ته مان وحشي هئس، جنوني هئس، سچ پچ مڙد ڪتو آهي، حرامي ڦر. هو هڪ پراڻي بدن تي يا هڪ نئين نڪور بدن تي ائين ڪِرندو آهي، جيئن ڳجهه مردار تي. هوءَ بيهوش ٿي پئي هئي، مان ٿڪجي چُور ٿي پيس.
پرهه ڦٽڻ کان اڳ در تي ٺڪ ٺڪ ٿي، مون دروازو کوليو، ربو دادا هو. ”هاڻ نڪر.“ ربو دادا سرٻاٽ ڪيو. اسان ٻاهر نڪري آياسين. هوءَ ائين ئي کٽ تي بيهوش پئي هئي. واٽ تي ربو دادا ٻڌايو هو، اصل ۾ ڌنڌو حاجوءَ جي ماءُ ڪندي آهي، پر بدن تي ڦرڙيون ٿي پيون اٿس. کلي چيائين، ”اهي ڦرڙيون به اوهان جهڙن جي دَيا آهي. کيس علاج خاطر پئسو کپي، انهيءَ ڪري ڪجهه عرصو حاجوءَ جو وارو آهي. حاجوءَ جو پهريون گراهڪ تون آهين.“
اڄ انهيءَ ڳالهه کي ٽي ڏينهن ٿي ويا آهن. هينئر کدوءَ ٻڌايو، ”رات ربو دادا ننڊ ۾ ستو پيو هو جو حاجوءَ لوهه جي شِيخ سندس مٿي ۾ هڻي کيس خون ڪري وڌو.“ کدوءَ حيرت سان چيو، ”الائي ننڍڙي ٻار جي ربو دادا سان ڪهڙي دشمني هئي؟ بهرحال، پوليس تحقيق ڪري رهي آهي.“ کن کان پوءِ کدوءَ کلي چيو، ”چڱو ٿيو ڀيڻسان هو به وڏو دوزخي.“
تڏهن دل چئي رهي هيم ته چوانس، ”نه کدو! دوزخي ربو دادا ڪونهي، دوزخي ته اسان ماڻهو آهيون، جيڪي ڀيانڪ چهري تي شرافت جي چادر پهري هلون ٿا ۽ انهيءَ چادر کي ڏسي، دنيا اسان جي اندر نٿي ڏسي بلڪ شرافت جي انهيءَ سحر کان متاثر ٿيو نه فقط اسان جي عزت ڪري ٿي، بلڪ اسان کي عظيم چوي ٿي.“ سچ چيو هو ربو دادا، ’اسان ڪوڙا، فريبي، مڪار، ناٽڪي ۽ وڏا ڀڙوا آهيون.‘
پر مان کدوءَ کي چئي نه سگهيس، ڇو جو سنڌ ۾ منهنجي ڏاڍي عزت ۽ شهرت آهي. دنيا منهنجي نالي آڏو عظيم لکي ٿي ۽ مان سنڌ جو ئي نه هاڻ ته ايشيا جو به عظيم ليکڪ ۽ دانشور آهيان. اڃا ته مون کي دنيا جي عظيم ليکڪن ۾ شمار ٿيڻو آهي.
Come Back Africa
سج جا پڇاڙڪا ڪرڻا ديوارن تي لڙي آيا هئا.
۽ پوءِ ٿيو ائين هو جو ڌرتي هن جي پيرن هيٺ رقص ڪرڻ لڳي.
شيدي بادشاهه همباشا
جيڏانهن پير
تيڏانهن خير.
ساهه ڀرجي آيو هئس ۽ گپ سان ڀريل پير تپي ٽامو ٿي ويا هئس. چهري جو دانگيءَ جهڙو ڪارو رنگ پگهر جا ڦڙا بڻجي وهندو ٿي ويو، ميري ۽ ڦاٽل قميص جي ڪالرن تائين. ٿلها ۽ ڪارا چپ هيڊن ڏندن هيٺ ڀيڙجي ويا هئس ۽ ننڍڙين ننڍڙين سرخ اکين ۾ ڄڻ ڪنهن تازو تازو رت هاري ڇڏيو هجيس. دهل جي تال تي ويو ٿي سندس ناچ تيز ٿيندو.
اڄ نه نچان ڪڏهن نچان
اڄ نه نچان ڪڏهن نچان
اڄ نه نچان ڪڏهن نچان
رپئي رپئي جا نوٽ، اٺ اٺ آنا، سندس تيزيءَ سان نچندڙ پيرن ۾ ويا ٿي گم ٿيندا ۽ ماڻهن جو هجوم هو، جيڪو چوڌاري اچي مڙيو هئس، ڄڻ سنڌ جي ڌرتيءَ تي آفريڪا جي ڌرتي رقص ڪندي هجي. هن نچندي نچندي اکيون پوري ڇڏيون هيون. (اکيون؛ جن ۾ انسان خواب سجائيندو آهي) ۽ جڏهن نچندي نچندي هن جا گپ سان ڀريل پير بيهي رهيا هئا، تڏهن ڄڻ ڪائنات جو پن پن ساڪت ٿي ويو هجي، ڄڻ تيزيءَ سان ڦرندڙ ڌرتيءَ جو گولو بيهي رهيو هجي ۽ ماڻهن جون هوريان هوريان ڌڙڪندڙ دليون خاموش ٿي ويون هجن. بس، انهيءَ لمحي سج چپ چاپ اُلهي ويو هو ۽ ماڻهو پنهنجن پنهجن پيرن جا نشان ڪچي پٽ تي ڇڏي هليا ويا هئا. هو پٿر تي ويهي پيسا ڳڻڻ لڳو هو. هڪ، ٻه، ٽي، پورا ويهه رپيا هئا. ”اڄ ته عيد ٿي وئي.“ هن بيحد خوش ٿي من ئي من ۾ سوچيو هو ۽ ’ڀيڄ ڀٽائيءَ‘ جو نعرو هڻي دهل ڪلهي ۾ لٽڪايائين ۽ گپ مان ڀريل بي ڊؤلا پير هوريان هوريان، پوءِ تڪڙا تڪڙا اڳتي وڌائڻ لڳو. چؤڌاري ڪاري دانگيءَ جهڙي رات جي گهور اونداهي ڦهلجڻ لڳي هئي.
هو جڏهن گهر واريءَ گهٽيءَ ۾ پهتو ته اونداهي اڃا به گهري ٿي وئي هئي. گهٽيءَ ۾ ٻرندڙ سرڪاري بلب جي هيٺ آڙي پاڙي جا ٿڪل جسم پتي راند ڪري رهيا هئا. سڄي ڏينهن جا دک ونڊي ورڇي رهيا هئا.
ٻه ٽي وکون اڳتي ڦاٽل ڳوڻ جي پويان اهو دروازو هو، جتان کان هن جي خوابن جا سمورا گس لنگهندا هئا. دهل پٽ تي رکي، هو مٿانئس چڙهي ويهي رهيو.
”بادشاهه! ڏي خبر، اڄ گهڻي ڪمائي ٿي؟“
”بس، مولا جا ڪرم آهن.“ زندگيءَ جا سڀئي دک هن لاءِ مولا جا ڪرم هئا. سڀئي سک به مولا جا ڪرم هئا.
”اڄ ته خوش ٿو ڏسجين!“ ڪموءَ اک ڀڃي سندس من – پاتال تائين رسڻ چاهيو هو. پر هو دکي ٿيو ئي ڪڏهن هو. زندگي لاڪاس آفريڪا جو مست ناچ هئي، دهل جا تکا سُر هئي. جيتوڻيڪ ڪائنات جا سمورا دک مٿس ئي نازل ٿيا هئا، سمورا دک هن نچندڙ پيرن هيٺ دفنائي ڇڏيا هئا.
”بادشاهه! اڄ ته هٿ جي صفائي ڏيکار.“ ملوڪ سندس ڌيان پتن ڏانهن ڇڪائڻ چاهيو، پر سندس سمورو ڌيان ڦاٽل ڳوڻ جي پويان لڪل، اکڙيل دروازي ۾ هو، جتان کان هن جي خوابن جا سمورا گس شروع ٿي ٿيا.
”راند ڪندين؟“ هو سڀ هن کي گهيري ويهي رهيا. پڪ هئن ته اڄ هو کيسا ڀري موٽيو هوندو. جڏهن به کيسا خالي هوندا هئا، تڏهن هو لوڪ سُتي، آڌيءَ مهل موٽندو هو، پر جڏهن کيسا ڀريل هوندا هئس، تڏهن سويل ساجهر؛ سنجهي سان ئي موٽندو هو. اڄ جو هو سوير ڀرو موٽيو هو سو پڪ کيسا ڀريل هوندس.
”نه يار، آئون گريب ماڻهو آهيان. مون کي بخش ڪريو.“ هن ٻئي هٿ کڻي هنن اڳيان ٻڌا هئا؛ پر هو ڇڏڻ وارا به ته ڪونه هئا. ورائي ويا هئس، ”اڙي چرٻٽ! ڪهڙي خبر اڄ قسمت توتي مهربان هجي.“ قسمت هن تي ڪڏهن به مهربان ڪانه رهي هئي، پر پوءِ به هو هر وار قسمت جي چڪر ۾ اچي ويندو هو، پر قسمت جي ديوار هو ڪڏهن به اُڪري ڪونه سگهيو هو.
”نه يار، مون کي ڊپ ٿو ٿئي.“
”اڙي چيوسين نه ته اڄ قسمت توتي مهربان ٿي ڏسجي. اچ وارو ڪر.“
موٽ ۾ هن قميص هيٺ پيل صدريءَ مان ڏڪندڙ هٿن سان ويهه روپيا ڪڍي ائين کڻي پٽ تي رکيا، ڄڻ سيني مان دل ڪڍي رکندو هجي. (دل؛ جنهن ۾ انسان هزارين خواب سجائيندو آهي) دهل تان لهي هو پٽ تي اچي ويٺو.
- ۽ پوءِ هو کٽندو رهيو.
گهٽيءَ ۾ ٻه ڪتا چٻاڙيل هڏن تي ڇتا ٿي وڙهڻ لڳا. راند ڪندي ڪندي هن جا هٿ بيهي رهيا. هانوَ تي پنهنجو ننڍپڻ هُري آيو هئس. مانيءَ جي هڪڙي ڳڀي لاءِ، ائين ڇتن ڪتن وانگر وڙهندي وڙهندي عمر گذري هئس. مانيءَ جو ڳڀو سدائين سندس حصي ۾ نه اچي سگهيو.
هن ڀيري هو مسلسل هارائيندو رهيو هو، باقي رپيو بچيو هئس.
ڦاٽل ڳوڻ جي هن پار هوءَ بيٺي هئي، چنڊ جهڙو چهرو. بادشاهه جو رنگ ڪاراٺجي ويو هو. رپيو هٿ ۾ پڪڙيو، هو هن کي ڏسندو رهيو، ٽڪ ٻڌيو.
باقي رپيو بچيو هئس. گهٽ ۾ گهٽ انهيءَ رپئي جي عيوض مانيءَ ٽڪر ته وٺي سگهندو. هوءَ ته هن جي وس ۾ ڪانه هئي. ڪيترا ڀيرا هن ملوڪ ۽ ڪموءَ اڳيان هٿ ٻڌي آزيون ڪيون هيون، ”يار، بس پنجن منٽن لاءِ مون کي وٽس وٺي هلو.“
هو ٽهڪ ڏئي کلي پوندا هئا، ”يار بادشاهه! ڇا ڪجي، تون ٿي پيو آهين شيدي ماڻهو. چوي ٿي ته، ”(بادشاهه ايندو ته آئون الٽيون ڪري ڪري بيمار ٿي پوندس.)“ بادشاهه جي دل اهو ٻڌي، مٽيءَ جي ڪچن گهرن سمان ڀُرندي ويندي هئا. ’يار، پوءِ آئون اڇو رنگ ڀلا ڪٿان آڻيان؟ شيدي ته مون کي قدرت ڪيو آهي. منهنجو وس پڄي ها ته آئون انگريزن جهڙو ڄمان ها.‘ ائين چوندي چوندي هو لڙڪ نڙيءَ ۾ ٿوهر جي ڪنڊن سمان گهٽي ڇڏيندو هو. پر هن سان ٻه ٽي پل گهارڻ جي خواهش کي هو گهُٽي ڪونه سگهيو هو. اڄوڪي جوا ۾ ڪموءَ کٽيو هو. اڇو، اجرو کير جهڙو ڪمو. هو ويٺلن کي هڪڙي اک ڀڃي اٿيو، ”چڱو! يارو ياري، صبح جو گڏباسون.“
’ڪمو! اڄ ته مون لاءِ چئي ڏسجئين.! هن اداس ٿي ڪموءَ اڳيان هٿ ٻڌا. ڪموءَ کي ويندو ڏسي دل ٽٽندي ڀانئي هيائين. هوءَ ڦاٽل ڳوڻ منجهان چنڊ جهڙو چهرو ڪڍيو اڃا بيٺي هئي. هڪ پل لاءِ به ته هن بادشاهه ڏانهن نٿي نهاريو. شڪست جي احساس کان سندس رنگ ويتر ڪاراٽجي ويو هو.
ڪمو هليو ويو ۽ دروازو بند ٿي ويو هو.
بادشاهه جڏهن کان ڄائو هو،. تڏهن کان ماڻس پڻس کي ميرن جي غلامي ڪندي ڏٺو هيائين. سندس وڏا، آفريڪا جي اداس ڌرتيءَ تي ڦهليل ڏڪار کان گهٻرائجي وڪامندي وڪامندي اچي نيٺ سنڌ جي ميرن، پيرن ۽ سيدن وٽ وڪاڻا هئا. هو ميرن جي حصي ۾ آيا هئا. اَن جي هڪڙيءَ ڳوڻ جي عيوض هو ستن پيڙهين تائين لاءِ غلام بڻجي ويا هئا.
بادشاهه پنهنجي پيءُ کي ميرن جي حويلي ۽ اوطاقن ۾، ڪلهن تي پاڻيءَ جا ڀريل دٻا کڻي مٽ ڀريندي ڏٺو هو. زندگيءَ جي پڇاڙڪن لمحن ۾ پڻس جا ڪلها نمي آيا هئا. بادشاهه کي اڄ به پڻس جي ڪلهن تي پيل نيل ياد هئا. جنهن رات هن موت واري دڳ تي پير ڌريو هو، انهيءَ رات ماڻس وڏي مير صاحب جي ڳاڙهي کٽ تي، مير صاحب جي لوهي لڱن هيٺ سهڪندي رهي هئي. پڻس اڻڄاڻ ته ڪونه هو، پر غلاميءَ جي اها ئي ريت هئي. هو جڏهن کان وڪاڻا هئا، تڏهن کان اها ريت نڀائيندا ٿي آيا. عاليشان حويلين جي لوهي دروازن تي ڪتن وانگر ٻڌجي ويهي رهيا هئا. هنن جون عورتون ٿانوَ ٻهاري کان وٺي، پنهنجن مضبوط ڪارن جسمن جي ڪري، حويلين ۾ بند ميرياڻين جي جنسي خواهش جي تڪميل بڻجي ويون هيون. جڏهن هو دهل جي تال تي مست ٿي آفريڪا جو ناچ نچنديون هيون، تڏهن ڏسڻ وارن جا لڱ ڪانڊارجي ويندا هئا. هنن جا مضبوط ڪارا جسم سياري جي سرد راتين ۾ گرم ۽ اونهاري جي گرم راتين ۾ تهائين گرم ٿي ويندا هئا. هنن جا مڙد، جيڪي جانورن وانگر بار ڍوئيندا هئا – دهل ڳچيءَ ۾ وجهي نچايا ويندا هئا – رات جو مالڪن جا بسترا گرم ڪندا هئا.
ست پيڙهيون پوريون ٿي ويون، پر غلاميءَ جو ڳٽ ڳچيءَ مان نڪري نه سگهيو. هنن جون عورتون اڄ به پنهنجين اُداس مالڪياڻين جي جنسي خواهشن جي تڪميل هيون، هنن جي سمورن گناهن ۾ هڪ جيتريون شريڪ. هنن جي شاندار ڪارنامن جون رازدار. مڙد اڄ به ڪائنات کان ڀاري بوجهه ڍوئيندا هئا. مالڪن کي وندرائڻ لاءِ دهل ڳچيءَ ۾ وجهي، آفريڪا جو مست ناچ نچندا هئا (پوءِ اندر ۾ ڪيترا دک ڇو نه سمايل هجن). مالڪن جي بي رنگ جسمن ۾ رنگ ڀريندا هئا.
جنهن رات پڻس موت واري دڳ تي پير ڌريو هو، انهيءَ رات هن تيزيءَ سان ڌڙڪندڙ دل سان پڻس کي هوريان هوريان مرندي ڏٺو هو. تڏهن هو يارهن سالن جو هو. هن پڻس کي رت ٿڪي ٿڪي مرندي ڏٺو هو. انهيءَ رات هو ائين کنگهندو رهيو هو، ڄڻ ساهه جون نسون ٽٽنديون هجنس. کنگهه نڙيءَ ۾ گهٽيندي بادشاهه کي پڪاريو هيائين.
”منهنجا با – د – شا – هه، هه، هه.“
بادشاهه، جيڪو ڪنڊ ۾ هيسيو ويٺو هو، سو رڙهي سندس ويجهو اچي ويٺو.
”تون – ايڏو – ڇو – ٿو – کنگهين. مون – کي – ڊپ – ٿو – ٿيئي – بابا.“ بادشاهه جون اکيون ڀرجي آيون هيون ۽ پڻس جو وات رت سان ڀرجي ويو هو. ڳاڙهو ڳاڙهو رت پٽ تي ٿڪيندي چيائين: ”آئون ڄاڻي واڻي ٿورو ٿو کنگهان، بادشاهه!“ هو کنگهه ۾ ٻڏي ويو هو.
”بادشاهه! گريب ماڻهو، کنگهندي کنگهندي مري ويندا اٿئي.“ هو سڄي رات ٻرندڙ ميڻ بتيءَ سمان پل پل اُجهامندو رهيو.
پرهه ڦٽيءَ کان اڳي اڳي هو مري ويو هو، پَٽ تي رت جا انيڪ نشان ڇڏي. جوڻس جڏهن مير صاحب جي ڳاڙهي کٽ تان لهي ٿڪل ٿڪل وکون کڻندي آئي، تڏهن هن جو بي جان جسم هو، جيڪو ٿڌي پَٽ تي چپ چاپ پيو هو، بنا ڪنهن احتجاج جي. بادشاهه، پٽ تي پيل رت جا نشان ڳڻي رهيو هو. سج اڀرئي هن کي شيدين جي مُقام ۾ دفنايو ويو. پوءِ ٿيو ائين جو بادشاهه سڀ ڳالهيون سمجهڻ لڳو هو ته شيدين جو مُقام ڌار ۽ ميرن جو مُقام ڌار ڇو ٿيندو آهي؟ مرڻ کان پوءِ به ذات پات، رنگ ۽ نسل جا فرق ڇو نٿا ڊهي سگهن؟ ميرن جي مقام جي چوڌاري ڪوٽ ڇو آهي ۽ قبرون سڀ پڪيون ڇو آهن؟ شيدين جي مقام جي چوڌاري ديوار ڇو ڪانهي ۽ قبرون سڀ ڪچيون ڇو آهن؟ شيدين جي ڪنهن به قبر تي ڪو نانءُ ڇو ڪونهي، چوڌاري رڳو ٿوهر جا ٻوٽا ڇو پکڙيا پيا آهن؟ پڻس مري ويو، لاڪاس ورثي ۾ غلاميءَ جو ڳٽ ڇڏي ويو.
ماڻس هر رات، مير صاحب جي يا ميرياڻيءَ جي ڳاڙهيءَ نهوار واريءَ کٽ تي وڃي سمهندي هئي ۽ هو اڪيلو، ڪوٺڙيءَ ۾ پيو، غلاميءَ جي سنگهر جون ڪڙيون ڳڻيندو هو.
ڪنهن اهڙيءَ ئي رات، هو غلاميءَ جون سموريون سنگهرون ڇني، ڀڄي ويو هو. پاڻ ئي پاڻ آزادي ماڻي هيائين. تڏهن هو پندرهن سالن جو هو ۽ سندس ڪلهن تي به اهڙا ئي نيل هئا؛ جهڙا پڻس جي ڪلهن تي هئا. هن رت ٿڪي ٿڪي نٿي مرڻ چاهيو. هن نٿي چاهيو ته زندگيءَ جي ڪنهن لمحي ۾ هن جي زال به ماڻس وانگر ڳاڙهيءَ نهوار واريءَ کٽ تي وڃي سمهي. سو هو ڀڄي آيو هو. پوءِ زندگي هن ڇتن ڪتن وانگر مانيءَ جي هڪڙي ڳڀي لاءِ وڙهندي گذاري هئي. گند جي دڙي تان، لوڪ ستي، پاروٿا ڀت، مانيون ۽ ميون جون کلون چونڊي پيٽ ڀريندو هو. گند جي دڙن تان پيٽ ڀريندڙ ڪتا، هن کي ڌاڙو هڻندو ڏسي، هن جا ويري ٿي پيا هئا. هن کي ڏاڙهيندا هئا، اُلرون ڪندا هئا، پر هُن ڪڏهن به ڪونه هارايو. هو غلام پيڙهيءَ جو پهريون باغي انسان هو.
مير صاحب هن جي ڳولها ۾ شڪاري ڪتن جهڙا غلام ڇڏيا هئا، پر هن کي ته نڄاڻ زمين ڳڙڪائي وئي هئي يا آسمان جهٽي ورتو هو. بادشاهه زندگيءَ جي جنگ ۾ بنا ڪنهن هٿيار جي ڪاهي پيو هو.
هڪ وار چور جي ڳولها ۾ ڊوڙندڙ ماڻهن هن کي پڪڙي ورتو هو ۽ هو جيل هليو ويو، بنا ڪنهن ڏوهه جي. هن جو ڪوبه گهر ڪونه هو، هن جيل کي گهر سمجهي ورتو هو. هتي هن کي پٽڙي دال ۽ واريءَ گڏيل ماني ملندي هئي. هن کي گند جي دڙي تان پيٽ ڀرڻ جو سامان ڪونه ڳولهڻو پوندو هو. ڪتن سان جنگ ڪانه ڪرڻي پوندي هئس. هن کي جيل سان ائين ئي پيار ٿي ويو هو، جيئن ماڻهن کي گهر سان ٿيندو هو. جڏهن هن جو پيار تمام وڌي ويو هو، تڏهن هڪ صبح هن کي جيل مان آزاد ڪيو ويو. جيل جي لوهي گيٽ تي بيهي هو ائين سُڏڪي سُڏڪي رنو هو، ڄڻ بنا ڪنهن ڏوهه جي بي گهر ڪيو ويو هجي، جلاوطن ڪيو ويو هجي.
هڪ ڀيرو وري هُو گند جا دڙا ڦولڻ لڳو ۽ فوٽ پاٿ تي سمهڻ لڳو هو. زندگيءَ جي انهن لمحن ۾ هن تي اهو انڪشاف ٿيو هو ته هو ميرن جي حويليءَ ۾ ئي نه، ڪائنات جي هر هڪ ڪنڊ ۾ قابل نفرت ۽ غلاميءَ جو نشان آهي. هن جو رنگ ۽ روپ هن لاءِ شڪستن جو اهڃاڻ هئا. بک، زهر بڻجي هن جي نسن ۾ واسو ڪندي وئي. هڪ اونداهيءَ رات جو فوٽ پاٿ تي ستل هن جي جسم تان ٿاٻڙجي ڪوئي مٿائنس اچي ڪِريو هو. ڪي پل ته ڪرڻ وارو ڌڪ پچائيندو رهيو. پوءِ مٿائنس چڙهي ويو هو، ”ڀڙوا، ماءُ..... گهر ڪونه اٿئي جو وچ تي پيو آهين.“
گهر! هن کي جيل ياد اچي ويو.
”گهر ئي ته ڪونه اٿم، نه ته سيءَ ۾ ستو پيو هجان ها!“
ڪِرڻ واري جا هٿ، بادشاهه جي ڳچيءَ تان هٽي ويا. هو پريان ايندڙ ميرانجهڙيءَ روشنيءَ ۾ بادشاهه کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
”ڪير آهين؟“ هن ڀيري هن جو آواز بيحد نرم هو.
”ماڻهو آهيان.“ بادشاهه اڃا به هيسيل هو.
”شيدي آهين؟“ هن جي ڳالهه ٿوهر جي ڪنڊي سمان بادشاهه جي من ۾ چڀي وئي هئي. دل چيو هيس سموري ڪائنات جي ٻوٿ تي دانگي مَلي ڇڏي. پوءِ هڪڙي هڪڙي کان پڇي، ”شيدي آهين، شيدي آهين؟“ پر هن ڪابه ورندي ڪانه ڏني.
”شيدي آهين نه؟“ هن ٻِيهر پڇيو.
”هو – نءَ.“ لفظ بادشاهه جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا هئا.
”نالو ڇا اٿئي؟“
”بادشاهه، ۽ تون؟“ هاڻ بادشاهه جو ڊپ ڪنهن قدر لهي ويو هو.
”شيدي بادشاهه همباشا، جيڏانهن پير تيڏانهن خير.“ هو ٽهڪ ڏئي زور زور سان کلڻ لڳو. بادشاهه هڪ ڀيرو ٻيهر ڀُرڻ لڳو.
”منهنجو نالو ڪمو آهي. نه، ڪمال آهي.“ بادشاهه پريان کان ايندڙ روشنيءَ ۾ ڏٺو، ڪموءَ جو رنگ اڇو اجرو کير جهڙو هو. ائين ڇو آهي؟ ڪو ماڻهو ڪارو ۽ بدصورت، ڪو ماڻهو اڇو ۽ خوبصورت ڇو ٿيندو آهي؟ دنيا ۾ سڀ ماڻهو هڪ جهڙا ڇو ڪونه آهن؟ ڪموءَ جو اڇو اجرو رنگ ڏسي هو اداس ٿي ويو هو.
”گهر ڇو ڪونه اٿئي، ڀڄي آيو آهين؟“ بادشاهه جو ساهه نڙيءَ ۾ اچي اٽڪي پيو. هن نٿي چاهيو ته هن جي باري ۾ ڪنهن کي ڪجهه خبر پوي.
”گهر اٿم ئي ڪونه.“ هو چؤواٽي تي گم ٿي ويل ٻار وانگر روئي پيو.
”اڙي، شيدي بادشاهه! اڙي، ڀڙوا، مڙد ٿي ڪري روئين ٿو؟!“ ڪمو ائين ڪڻس پرچائڻ لڳو، ڄڻ جڳن جي سڃاڻپ هجيس.
”چڱو اچ. اڄ کان تون ۽ آئون يار.“ ڪمو هن جا لڙڪ اگهڻ لڳو.
”اڙي، نه رو يار، بادشاهه! بادشاهه به ڪو روئندا آهن!“ ڪمو هن کي پاڻ سان گڏ انهيءَ ڪوٺڙيءَ ۾ وٺي آيو، جيڪا ڪموءَ جو گهر هئي.
”هي اٿئي منهنجو تاج محل.“ ڪموءَ قلف کوليندي ڪوٺڙيءَ سان بادشاهه جو تعارف ڪرايو. بادشاهه تاج محل ٻڌو ئي ڪونه هو ڪڏهن. ”تاج محل! اهو ڇا ٿيندو آهي؟“ ڪمو ٽهڪ ڏئي کلي پيو.
”ڏس، جيئن تنهنجو نالو بادشاهه آهي، تيئن هن ڪوٺڙيءَ جو نالو تاج محل آهي.“
”هڪڙو بادشاهه هو، تو جهڙو نه پر سچ پچ جو بادشاهه، انهيءَ کي پنهنجي زال سان ايترو عشق هو جو جڏهن اها مري وئي، تڏهن بادشاهه انهيءَ تي هڪڙو عاليشان مقبرو ٺهرايو، انهيءَ جو نالو تاج محل آهي.“
”تو ڏٺو آهي، تاج محل؟“ بادشاهه اچرج مان پڇيو. ڪموءَ جي کل نٿي بيٺي چوڻ لڳو:
”ٻڌو اٿم ته شيدي چريا ٿيندا آهن. اڄ پڪ به ٿي وئي.“ هن ڄڻ بادشاهه کي گار ڏئي ڪڍي هئي. ڪجهه چئي ڪونه سگهيو، پر رنگ ڪاراٽجي ويو هئس.
”يار، بادشاهه!“ ڪموءَ هن کي اداس ٿيندي ڏسي چيو، ”اسين غريب ماڻهو پاڻ تي بادشاهه ۽ پنهنجن ڀڳل ٽٽل گهرن تي تاج محل جهڙا عاليشان نالا رکي ئي خوش ٿي ويندا آهيون.“ بادشاهه ڏٺو، ڪمو ميڻ بتي ٻاريندي ٻاريندي، پاڻ ڄڻ اُجهامڻ لڳو هو.
”چڱو هاڻ تون هن کٽ تي سمهي رههُ، صبح جو ملنداسون.“ بادشاهه ڪنهن چئيدار پٽ وانگر جهولي کٽ تي ليٽي پيو. کٽ چرڙاٽ ڪيا ۽ چپ ٿي وئي.
”ڏس، اهو نه چئي جئين ته بک لڳي آهي. آئون پاڻ ڪالهه کان لنگهڻ تي آهيان.“ هاڻ ڀلا بادشاهه هن کي ڪيئن اهو ٻڌائي ها ته آئون گند جي دڙي تان پيٽ ڀري آيو آهيان. توکي به جي بک لڳي آهي ته گند جي ڪنهن دڙي تان پيٽ ڀري اچ. پر هو چپ رهيو. ڪمو پٽ تي پراڻي فراسي وڇائي سمهي پيو. ميڻ بتي ٻرندي رهي، بادشاهه جاڳندو رهيو. ميڻ بتي ٻرندي ٻرندي اُجهامي به وئي، پر هو جاڳندو رهيو.
ڪمو ڀريل کيسا ڪٽيندو هو. بادشاهه کي به اهو ڌنڌو سيکارڻ چاهيائين، پر پهرئين ئي ڀيري بادشاهه ذري گهٽ پڪڙجي پيو هو. ڪموءَ سمجهي ورتو هو ته هو اهو ڪم ڪري ڪونه سگهندو. عقل جي گهٽتائيءَ جي ڪري هو ڪوبه اهڙو ڪم ڪري ڪونه سگهندو.
”توکي نچڻ ايندو آهي، بادشاهه؟“ بادشاهه جي هانوَ تي ماڻس ۽ پڻس جو نچندڙ جسم اڳيان اچي ويو. هو شڪي ٿي پيو، ڄڻ ڪمو سندس ڪو گناهه پڪڙي ورتو هجي.“
”نه، آئون ڪونه نچندس.“ گهٻرائجي هن ذري گهٽ رڙ ڪئي هئي.
”ڏس بادشاهه، جيئرو رهڻ لاءِ ڪجهه ته ڪرڻو آهي. بيک گهرڻ کان کيسو ڪٽڻ چڱو آهي، پر توکان ته اهو ڪم به نٿو پڄي. منهنجي صلاح وٺ، نچڻ ڳائڻ شروع ڪر. دهل توکي آئون وٺي ڏيندس. ڪلهه مون هڪڙو ماڻهو ڏٺو هو، تو وانگر شيدي هو. دهل ڳچيءَ ۾ وجهي نچيو پئي. ماڻهن مٿائنس رپيا، اٺ آنا، چار آنا پئي گهوريا. تون به اهو ڪم ڪر، بک ته ڪونه مرندين.“ بادشاهه جون اکيون سرخ ٿي ويون هيون، لڱ ڪانڊارجي ويا هئس ۽ ڪارو رنگ ويتر ڪاراٽجي ويو هئس.
”آئون اهو ڪم ڪونه ڪندس.“ هن کي پنهنجن ابن ڏاڏن جي صدين جي غلامي ياد اچي وئي هئي. آفريڪا جو مست ناچ، جيڪو هن جا وڏا غلاميءَ جي ورثي سان گڏ سانڍيندا رهيا هئا. هو ته غلاميءَ جي سنگهر ڇني آيو هو. هو ڀلا ڪيئن ٿي نچي سگهيو؟ ’اسان رڳو نچڻ لاءِ، ڳاڙهين کٽن تي سمهڻ لاءِ يا ڀاري بوجهه ڍوئڻ لاءِ آهيون ڇا؟‘ هن ٽٽندڙ دل سان سوچيو هو.
”ٻڌ ڪمو! آئون بيک گهرندس، پر نچندس ڪونه.“ هن فيصلو ڏئي ڇڏيو. پيٽ ڀرڻ لاءِ هو گند جا دڙا ڦولريندو رهيو. ڪمو کيسا ڪٽيندي ڏينهن گذاريندو رهيو. بادشاهه، پيٽ ڀرڻ کان پوءِ ڪموءَ جي تاج محل ۾ پيو هوندو هو. ڪمو ڌنڌي تان موٽندو هو ته سج لٿي مهل گهٽيءَ ۾ لڳل بلب هيٺ وڃي ويهندو هو، جُوا لاءِ. جڏهن موٽندو هو، تيسين تائين بادشاهه سمهي رهندو هو.
هڪ ڀيرو، سج لٿي مهل ڪموءَ هن کي به جُوا واري اڏي تي ويهاري ڇڏيو هو. اتي ڪموءَ ٻين سان هن جو تعارف ڪرايو هو، ”هي منهنجو يار اٿوَ، بادشاهه!“ موٽ ۾ سڀ ڳائڻ لڳا، پنهنجن بي سُرن آوازن ۾ ”شيدي بادشاهه همباشا، شيدي بادشاهه همباشا.“ بادشاهه جون اکيون پوسرڻ لڳيون. هو مڃي نه مڃي پر هن جا وار، رنگ ۽ نقش پڪاري پڪاري چوندا هئا، ”هي شيدي آهي، هي شيدي آهي.“
هو چپ چاپ ويٺو رهيو ۽ هو سڀ جوا ڪندا رهيا. پڇاڙيءَ ۾ ملوڪ کٽيو هو. جنهن مهل هو راند ڪري رهيا هئا، تنهن مهل بادشاهه جون سرخ سرخ اکيون سامهون لٽڪيل ڦاٽل ڳوڻ مان ليئا پائيندڙ چنڊ جهڙي چهري تي وڃي اٽڪيون هيون. هو ٽِڪ ٻڌي ڏسندو رهيو. هن جي دل تيزيءَ سان ڌڙڪندي رهي. هن کي ڪموءَ کان ٻڌل تاج محل واري ڪهاڻي ياد اچي وئي.
”ڇا ٿو ڏسين، بادشاهه!“ عارب هن کي اک ڀڳي هئي. هو شڪي ٿي پيو، ڄڻ ڪا چوري ڪئي هجيس.
”ڪيئن وڻي ٿي توکي؟“ ڪموءَ ٺونٺ هڻندي پڇيو هئس. هو لال ڪنوار جيان شرمائجي ويو.
”ڏي خبر بادشاهه!“ سڀ هن کي ڇيڙڻ لڳا. هن جي دل ڌڙڪندي رهي.
انهيءَ ڏينهن عارب جوا ۾ کٽيو هو ۽ بادشاهه ڌڙڪندڙ دل سان ڏٺو هو ته هو کيسن ۾ کٽيل پيسا ڀري، در مان ليئا پائيندڙ چهري ڏانهن وڌي ويو هو، ڪنهن فاتح سمان.
۽ جڏهن عارب اندر گهڙيو هو، تڏهن در بند ٿي ويو ۽ هو سڀ اُجهاڻل نظرن سان بند دروازي کي ڏسندا رهيا هئا.
ڪمو اٿيو ۽ ٿڪل ٿڪل وکون کڻندو گهر واپس وڃڻ لڳو. هو به چپ چاپ ڪموءَ جي پويان پويان هلڻ لڳو. گهر پهچي ڪمو پٽ تي ڦان ٿي ڪِري پيو، ائين ڄڻ چؤواٽي تي لُٽجي ويو هجي. بادشاهه به ماٺڙي ڪري کٽ تي ڪِري پيو. کٽ چرڙاٽ ڪيو ۽ چپ ٿي وئي. انهيءَ رات هنن ميڻ بتي به ڪانه ٻاري. اونداهيءَ ۾ پيا رهيا. بادشاهه محسوس ڪيو هو ته سڄي رات ڪمو پاسا ورائيندو رهيو هو. بادشاهه کي به ننڊ ڪانه آئي هئي. اکين آڏو اهو چنڊ چهرو ٻرندو رهيو هئس. ڪنهن ڪنهن مهل سندس کٽ به چرڙاٽ ٿي ڪيو ۽ ائين صبح ٿي ويو. ڪمو ٻاهر نڪري ويو ۽ هو کٽ تي بي سُڌ پيو رهيو. ڪمو موٽيو، تڏهن به بادشاهه ائين ئي کٽ تي بي سُڌ پيو هو. ڪمو پٽ تي ويهي پيسا ڳڻڻ لڳو.
”ڪمو!“ گهري سانت ۾ هن جو ڀاري ڀاري آواز گونجيو هو.
”هون!“ هو پيسا ڳڻيندو رهيو.
”هڪڙي ڳالهه پڇانءِ؟“ ڳالهه پڇڻ کان اڳ بادشاهه جي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي.
”راتوڪي ڇوڪري ڪير هئي؟“ ڪموءَ جو جواب ٻڌڻ کان اڳ ئي هو پڇي ويٺو.
”پري هئي.“ ۽ بادشاهه کي ننڍي هوندي پڻس کان ٻڌل آکاڻين واري پري ياد اچي وئي.
”ملوڪ ڇو ويو هو وٽس؟“
”جوا جو کٽي هيائين.“ ڪموءَ نوٽن کي ڊگهي چمي ڏيندي چيو.
”تون به هن وٽ ويندو آهين؟“
”ها، جڏهن جوا کٽندو آهيان، تڏهن.“ هن ائين چيو، ڄڻ پڪ هجيس ته اڄ هو کٽندو.
”ڇا وڃي ڪندو آهين؟“ بادشاهه کٽ تان لهي پٽ تي ڪموءَ جي ويجهو اچي ويٺو.
”جيڪو پڻهين.... ماڻهين وٽ وڃي ڪندو هو.“ بادشاهه من ئي من ۾ سراپجي ويو هو، ڪموءَ جي انهيءَ مذاق تي. پڻس ته سدائين ماڻس جون راهون تڪيندو رهيو هو، پر هوءَ مير صاحب جو حڪم هئڻ ڪري راتيون مير صاحب جي ڀر ۾ ڳاڙهي نهوار واري کٽ تي گهاريندي هئي. بس مهيني جون ٽي چار بيڪار راتيون مڙس وٽ اچي چپ چاپ پئجي رهندي هئي، بنا ڪجهه ڪرڻ جي.
”بادشاهه!“ ڊگهي ماٺ کان پوءِ ڪموءَ ڪڻس پڪاريو هو،
”هون.“ هن جي ’هون‘ ۾ به پيڙائن جو هجوم هو.
”ڇا ٿو سوچين؟“
”ڪجهه به نه.“ اهو ئي پيڙا جو پڙلاءُ.
”پريءَ تي عاشق ٿي پيو آهين ڇا؟“ ڪمو کليو هو.
”نه، نه.“ هن صفا صاف ڪوڙ ڳالهايو.
”ڪوڙ ٿو ڳالهائين؟“ بادشاهه ڪڇيو ڪونه. ڪوڙ ئي ته ڳالهايو هيائين.
”تون، وٽس ويندين ڇا؟“ ڪموءَ جي انهيءَ ڳالهه تي هو گل وانگر ٽڙي پيو، پر ڪڇيو ڪونه.
”بادشاهه! اسان سڀني يارن شرط رکي آهي ته جيڪو، جنهن رات جوا کٽندو، اهو ئي انهيءَ رات گهوٽ ٿيندو.“ بادشاهه ٽڪ ٻڌي هن کي ڏسندو رهيو.
”تون گهوٽ ٿيندين، بادشاهه!؟“ ۽ بادشاهه جي دل ۾ دور دور تائين شرنايون گونجنديون رهيون.
”گهوٽ ٿيڻ لاءِ جوا کٽڻي پوندئي.“
”-“ بادشاهه چپ رهيو. خوابن ۾ موڙ ٻڌي پريءَ کي ماڻيندو رهيو.
”جوا کٽڻ لاءِ پيسا گهرجن، اٿئي پئسا؟“
بادشاهه کي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي غربت جو احساس ٿيو هو. خالي کيسي جو دک ٿيو هو. هو هارايل جواري سمان ڪنڌ نوايو ويٺو رهيو. انهيءَ شام گهٽيءَ مان لنگهندي هن ڏٺو ته هوءَ ڳوڻ مان ليئا پائي رهي هئي. هن جي پيرن ۾ ڄڻ سنگهر پئجي وئي. هو بيهي رهيو ۽ جڏهن پريءَ جي مٿس نظر پئي ته هوءَ حقارت سان مرڪندي اندر هلي وئي هئي ۽ بادشاهه اتي ئي رهجي ويو هو. پريءَ جي خواهش من ۾ ڦهلجي ويس، گلاب جي خوشبوءَ سمان.
انهيءَ رات هن ٽٽندڙ دل سان ڪموءَ کي چيو هو:
”ڪمو! تو چيو هو ته تون – مون – کي.....“ لفظ سدائين جيان نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا هئس. ڪمو اچرج مان هن کي ڏسندو رهيو.
”تو، چيو هو نه ته تون – مون کي – دهل وٺي ڏيندين.“ اهو چوندي بادشاهه جو رنگ ڪاراٽجي ويو هو. ڪموءَ کي ڄڻ نانگ سونگهي ويو. ڪي پل ته وات ڦاڙي هن کي ڏسندو رهيو، پوءِ ڄڻ سارو معاملو سمجهه ۾ اچي ويو هئس. ٽهڪ ڏيئي کليو هو ۽ پوءِ کل ۾ ئي ٻڏي ويو هو.
”واهه ڙي بادشاهه واهه. پريءَ جي عشق توکي به ديوانو ڪري ڇڏيو.“ بادشاهه، لال ڪنوار جيان شرمائجندو رهيو.
”ٻڌائي ته ڪڃر! اها ڳالهه آهي نه؟“ ڪمو رڙهي اچي وٽس ويٺو. هن جي دل ڌڙڪندي رهي.
پوءِ ٿيو ائين، جو ڪموءَ هن کي دهل وٺي ڏنو.
انهيءَ ڏينهن چؤواٽي تي بيهي، دهل جي تال تي آفريڪا جو مست ڪندڙ ناچ نچيو هو، ڪلاڪن تائين.
شيدي بادشاهه همباشا
شيدي بادشاهه همباشا
جيڏانهن پير
تيڏانهن خير
شيدي بادشاهه همباشا، شيدي بادشاهه همباشا.
ڄڻ آفريڪا جي اُداس ڌرتي، سنڌ ڌرتيءَ تي لهي آئي هجي. ڌرتيءَ جو گولو هن جي پيرن هيٺ ڦرندو رهيو. هو مست ٿي ويو هو. ماڻهو مست ٿي ويا هئا. هن جي رڳن ۾ آفريڪا جي مٽي رت وانگر ڊوڙڻ لڳي. هن جو پيءُ به ائين مست ڪندڙ ناچ نچندو هو. نچي نچي جڏهن ساڻو ٿي پيو هو، تڏهن سندس پير بيهي رهيا. ڪائنات ساڪت ٿي وئي هئي. پن پن خاموش. پيرن ۾ پيل پئسا هن ڳڻيا هئا، ٽيهه روپيه هئا. هن اهي ٽيهه روپيا ائين چونڊيا ميڙيا هئا، ڄڻ من مڻيو چونڊيندو هجي.
سج لٿي هو موٽيو هو. بلب هيٺ جوا پئي هلي. هن کي ڏسي سڀني نعرو هنيو، ” شيدي بادشاهه همباشا، شيدي بادشاهه همباشا.“ اڄ پهريون ڀيرو انهن لفظن تي هو دل سان مرڪيو هو، مرڪندو رهيو هو. ڪموءَ اچي ڪڻس ڀاڪر پاتا هئا، ”واهه ڙي شيدي بادشاهه! ڏي خبر، گهڻي ڪمائي ٿي؟“ موٽ ۾ هن ٽيهه روپيه کيسي مان ڪڍي، ڪموءَ جي هٿ تريءَ تي ائين رکيا هئا، ڄڻ من مڻيو رکندو هجي. ڪموءَ، هڪ ڀيرو وري ڪڻس ڀاڪر ۾ کڻي ڀريو هو، ”جيءُ بادشاهه! اڄ ته منهنجو بادشاهه لال پريءَ جو لال گهوٽ ٿيندو.“ ۽ بادشاهه شرمائجي ويو هو.
اڄ هو به من ۾ ”ڀيڄ ڀٽائيءَ“ جو نعرو هڻي جوا تي اچي ويٺو هو. اڄ سڀني هن کي ڄاڻي ٻجهي کٽايو هو. هن کي کٽائڻ جو واعدو، ڪموءَ سڀني کان ورتو هو. هو هئا ڪموءَ جهڙي سدا ملوڪ يار جا يار، سي ڀلا ڪيئن نه چيو ڪن، سو هو کٽي ويو. هن نوٽ کيسي ۾ ڀريندي سامهون ڏٺو. ڦاٽل ڳوڻ مان انهيءَ ئي چنڊ چهري ٿي ليئا پاتا، جنهن لاءِ هو ڪيترين راتين کان جاڳندو ٿي آيو. ڪيترا خواب هن انهيءَ چهري جا ڏٺا هئا. هن کان وکون نه پئي کنيون ٿيون. هن ته ڪڏهن ڪنهن عورت جو جسم ڇُهي به ڪونه ڏٺو هو. پريءَ سان سڄي رات گهارڻ جي خيال سان ئي هن کي پگهر اچي ويو.
”نه يار، مون کي ڊپ ٿو ٿئي.“ هو گهٻرائجي بيهي رهيو هو. هو سڀ هن جي همت وڌائڻ لڳا، پر هو، جنهن اڃا سگهه ئي ڪانه پئي ساري.
”اڙي ڊپ وري ڇا جو، ميان!“
”آئون، آئون وڃي ڪندس ڇا؟“ پگهر ۾ بادشاهه شم ٿي ويو هو ۽ هو سڀ ٽهڪ ڏئي کلي پيا هئا. کلندا رهيا، هو پگهر ۾ شم ٿيندو رهيو.
”اڙي وڃڻ شرط کڻي ڀاڪر پائيجينس. چمي ڀاڪر تون ڪجئين، باقي ڪم هوءَ پاڻ ئي ڪندئي.“ ڪمو هن جي همت وڌائڻ لڳو. هن هوريان هوريان وکون کنيون ۽ جڏهن هو در تي پهتو، تڏهن در ٺڪا ڏئي بند ٿي ويو. من مڻيو ٽٽي ڀور ٿيو هو. هو ڪي پل چپ چاپ بند دروازي اڳيان بيٺو رهيو، پوءَ ٿڪل ٿڪل وکون کڻندو ڪموءَ جي تاج محل ڏانهن هليو ويو هو. هو سڀ پويان هن کي سڏيندا رهيا هئا، پر هو ته ڄڻ ڪنن کان ٻوڙو ٿي پيو هو. ڪوبه سڏ ڪونه ٻڌو هيائين. بس دروازي بند ٿيڻ جو ٺڪاءُ طوفان وانگر زوزاٽ ڪندو سندس ڪنن ۾ گونجندو رهيو هو. ائين ڀاسيو هئس، ڄڻ هزارين ماڻهو سندس پويان پٿر کنيو، تاڙيون وڄائيندا اچي رهيا هجن. ” شيدي بادشاهه همباشا، شيدي بادشاهه همباشا.“ هو تيز تيز وکون کڻڻ لڳو. گهر پهچي هو جهول کٽ تي ڦان ٿي ڪِري پيو. کٽ چرڙاٽ ڪيو ۽ چپ ٿي وئي.
آڌيءَ مهل ڪمو موٽيو ته بادشاهه اڃا جاڳيو پئي. ميڻ بتيءَ سمان پل پل دکي رهيو هو. ڪموءَ اونداهي ۾ اهو ڏسڻ لاءِ ته هو جاڳي پيو يا ستو پيو آهي، هن جو چهرو ڇُهي ڏٺو. ڪموءَ جا هٿ آلا ٿي ويا هئا. هو ڇرڪي پيو.
”اڙي ڀڙوا! بادشاهه ٿي ڪري روئين ٿو؟“
هاڻ ڀلا هو ڪموءَ کي ڪيئن سمجهائي ته اسين غريب ماڻهو بادشاهه ۽ تاج محل جهڙا نالا رکي دل خوش ڪندا آهيون نه ته آئون غلام قوم جو فرد آهيان. غلام سڀ ڄمار پيا روئندا آهن. پر ڪجهه چوڻ بدران هو سڏڪن ۾ پئجي ويو. ڪموءَ کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڪيئن هو بادشاهه کي پرچائي؟ ”ڏس يار! مون ته رن کي گهڻئي چيو پر چوڻ لڳي ته ’آءٌ مري وينديس پر ڪنهن شيديءَ کي پنهنجي بدن تي هٿ به ڪونه لائڻ ڏينديس.‘“ انهيءَ انڪشاف تي بادشاهه ڀُري پيو هو، واريءَ جي ڪچي گهروندي سمان. شيدي هئڻ جو الميو اڄ تائين ساڻس چُهٽو ٿي آيو. هو ڀلا ڪيئن ماڻهن کي يقين ڏياري ها ته هو غلاميءَ جي سنگهر ڇني آيو آهي، هو آزاد آهي، آزاد آهي. شيدي آهي ته ڇا آهي، هن جا احساس ته اڇا اجرا آهن، چنڊ جهڙا، جهڙو پريءَ جو چهرو آهي. هن جي دل ته هر ماڻهوءَ جهڙي آهي. هن جي رت جو رنگ ته ساڳيو آهي، پر ڪجهه چوڻ بدران هو روئندو رهيو هو.
”بادشاهه! يار، هي رنون پيسي پويان بکيون ٿينديون اٿئي. تون پيسو ميڙيندو رهه، ڏسجئين ڪنهن ڏينهن هوءَ پاڻ هلي تو وٽ ايندي.“ ڪمو هن کي دلاسا ڏيڻ لڳو. نڄاڻ ڪنهن پر هن کي روئندي روئندي ننڊ اچي وئي.
هن پهه ڪيو هو ته هو هارائيندو ڪونه، روز نصيب آزمائيندو. هن جو نصيب، جيڪو هن وانگر ڪاراٽيل هو. هو روز ڪنهن نه ڪنهن چؤواٽي تي بيهي دهل جي تال تي آفريڪا جو مست ڪندڙ ناچ نچندو هو. ماڻهن جا ميڙا اچي گڏ ٿيندا هئا. ماڻهو هن کي نچندو ڏسي مست ٿي ويندا هئا. رپيو رپيو، چار چار آنا، اٺ اٺ آنا هن جي گپ مان ڀريل نچندڙ پيرن ۾ اڇليندا ويندا هئا. هو اڃان به مست ٿي نچندو هو ۽ هن جي سرخ سرخ اکين ۾ پريءَ جو چنڊ جهڙو چهرو پيو رقص ڪندو هو، جنهن کي صرف هڪ ڀيرو چمڻ لاءِ هن نچڻ شروع ڪيو هو. اهو ناچ، جيڪو هن کي غلاميءَ واري دؤر جو ساروڻو ڀاسندو هو ۽ غلامي، جنهن جي ڳچيءَ ۾ پيل سنگهر ڇني هن آزادي ماڻي هئي. اهو ته ڪڻس گمان ئي ڪين هو ته سموريون زنجيرون ڇني اچڻ کان پوءِ به هن جو رنگ ۽ روپ زنجير بڻجي سدائين (مرڻ پل تائين) سندس پيرن ۾ پيو هوندو، جيڪو هو ڪڏهن به ريٽي نه سگهندو.
سڄو سڄو ڏينهن نچڻ کان پوءِ، جڏهن سج لٿي کيسا ڀري موٽندو هو، تڏهن سندس پير سُور کان پيا پوسرندا هئا. ٿڪل ٿڪل وکون کڻندو هو جوارين وٽ اچي ويهندو هو. جنهن مهل کيسن مان پيسا ڪڍي هنن جي آڏو رکندو هو، تنهن مهل ائين ڀاسندو هو ڄڻ من – مڻيو ڪڍي رکندو هجي. دل سيني مان نڪري اچي پيرن ۾ ڌڙڪڻ لڳندي هيس ۽ جنهن مهل جوا جي جيت سندس حصي ۾ ايندي هئي، تنهن مهل نس نس ۾ طوفان اچي ويندو هئس. هوءَ در تي بيٺي هوندي هئي. دوست هن تي زور ڀريندا هئا ته اڄ هو قسمت آزمائي ڏسي. آخر ڪا مهل نه ڪنهن جهڙي، ڪو پل ته هن جو به ٿيندو. بادشاهه سڄو پگهر ۾ شم ٿي ويندو هو. هٿ پير فالج جي مريض جيان بيڪار ٿي ويندا هئس. طوفانن ۾ وڪوڙيل بادشاهه، جڏهن هن ڏانهن وکون وڌائيندو هو، تڏهن ڪيتريون نفرتون پريءَ جي اکين ۾ مڙي اينديون هيون. بادشاهه جڏهن در وٽ پهچندو هو، تڏهن اُمالڪ در ٺڪاءُ ڏئي بند ٿي ويندو هو ۽ سندس دل سيني مان نڪري اچي پيرن ۾ پوندي هئي. شڪست ۽ ذلت جي احساس کان رنگ ڪاراٽجي ويندو هئس ۽ لڱ پگهر ۾ شم. هو ڪموءَ جي تاج محل ۾ اچي، کٽ تي ڦان ٿي ڪِري پوندو هو. کٽ چرڙاٽ ڪندي هئي ۽ چپ ٿي ويندي هئي. انهيءَ وچ ۾ ڪمو ڪيتريون راتيون پريءَ وٽ گهاري آيو هو. جنهن رات ڪمو پريءَ وٽ هوندو هو، اها سڄي رات هو آلي ڪاٺيءَ جيان پيو رکندو هو ۽ جنهن رات ڪمو به وڃي ڪونه سگهندو هو، اها سڄي رات هو ٻئي ڄڻا آليءَ ڪاٺيءَ وانگر پيا دکندا هئا. ڪمو هن کي دلاسا ڏيندو هو، ”بادشاهه! فڪر نه ڪر، ڪا رات تنهنجي به ايندي.“ هو ڪابه ورندي ڪونه ڏيندو هو، پيرو اجهامندو هو.
هنن سڀني گڏجي پريءَ کي سمجهايو ته بس هڪڙي رات هوءَ بادشاهه کي به ڏئي، پر هن نرڙ تي گهنڊ آڻي چيو هو، ”آئون مري وينديس، پر ڪنهن شيديءَ کي پنهنجي بدن تي هٿ به ڪونه لائڻ ڏينديس. هو ڪارو ڀولڙو، شڪل به اٿس مون وٽ اچڻ جهڙي.“
”يار بادشاهه! ڇا ڪجي، تون ٿي پيو آهين شيدي ماڻهو. رن مڃي ئي ڪانه ٿي.“ هو سڀ همدرديءَ ڀرئي لهجي ۾ هن کي چوندا هئا. شڪست ۽ ذلت جي احساس کان هو ڪنڌ نوائي اکيون پوري ڇڏيندو هو ۽ بند اکين ۾ ڦهلجي ويندو هئس، سمنڊ جهڙو کارو پاڻي.
تنهن رات به ڪمو پريءَ وٽ هو. هو من ئي من ۾ اجهامندو رهيو هو، دکندو رهيو هو. پريءَ جو اڇو اُجرو، چنڊ جهڙو چهرو ساري رات سندس اکين ۾ ليئا پايو ڀوائتا ٽهڪ ڏيندو رهيو هو. هن جو ڪارو چهرو ڪاراٽبو رهيو هو. اڱارن سمان شڪست، ذلت ۽ غلاميءَ جون ساروڻيون وڪوڙي ويون هئس. ڇو ساري زماني جون شڪستون سندس نصيب ۾ هيون. ڇو دنيا جي سڀني انسانن جو رنگ ڪارو ڪونهي. ڇو هن جو رنگ اڇو ڪونه هو؟ سندس دل چيو ٿي ته ساري زماني جي ٻوٿ تي دانگي مَلي ڇڏي. دانگيءَ جي ڪارنهن، جيڪا سندس من ۾ واسو ڪندي ٿي وئي.
فجر جي ٻانگن کان اڳ ڪمو موٽي آيو. بادشاهه کي سڏ ڪيائين ۽ هو جاڳندي به ڄڻ ستل هو. ڪمو به ڀت ڏانهن منهن ڪري سمهي پيو. سندس کونگهرا چوڌاري گونجندا رهيا.
بادشاهه کٽ هيٺ رکيل اڇي بوتل کنئي ۽ ٻليءَ پير هلندو ٻاهر نڪري ويو. گهٽيءَ ۾ ڄڻ راڪاس گهمي ويو هو ۽ بادشاهه جڏهن موٽيو هو، تنهن مهل آسمان جي هن ڪناري تان باک پئي ڦٽي. هو چپ چاپ اچي کٽ تي ليٽي پيو. الاءِ ڪيترن لمحن کان پوءِ ڪموءَ ننڊ مان جاڳايو هئس. جاڳڻ مهل دل تيزيءَ سان پئي ڌڙڪيس. ڄڻ ڪو طوفان اچڻ وارو هجي.
”بادشاهه، اڙي اٿي ته سهي. قيامت ٿي وئي، پري......“
”ڇا ٿيو پريءَ کي؟“ گهٻرائجي پڇيو هيائين يا اندر جو چور لڪائڻ چاهيو هائين، پر سندس سرخ سرخ ننڍڙيون اکيون ڦهلجي ويون هيون.
”پريءَ تي الاءِ ڪنهن تيزاب هاري ڇڏيو آهي. رن سڄي سڙي خاڪ ٿي وئي آهي.“
بادشاهه جي دل ڌڙڪندي رهي هوريان هوريان، خوشيءَ کان، ڀؤ کان.
”الاءِ! چوي ٿي ته آئون اونداهه ۾ ڏسي ڪانه سگهيس. الائي ڪير هو؟ ڀت ٽپي آيو هو ۽ ستل پريءَ تي تيزاب هاري هليو ويو.“ ڪمو سهڪي رهيو هو. چوڻ لڳو، ”بلي، ڇا مائيءَ جي سونهن هوندي هئي. هاڻ ڏسندين ته سڃاڻي ڪونه سگهندين، اصل جهڙي ڏائڻ.“ ڪموءَ جي انهيءَ ڳالهه تي بادشاهه جي دل اندر، دور دور تائين گلاب ٽڙي پيا هئا. پري به ڏائڻ ٿي سگهي ٿي، اهو ڀلا ڪنهن سوچيو هوندو. جنهن پنهنجي حسن جا دروازا بادشاهه تي بند ڪري ڇڏيا هئا، هاڻ مٿس سموري دنيا جا دروازا بند ٿي ويندا. تڏهن هو، پريءَ جي ڀوائتي چهري لاءِ پنهنجا دروازا کولي ڇڏيندو.
”هلينس ٿو ڏسڻ؟ چؤواٽي تي ويٺي منهن مٿا پٽي چري نه ٿي پوي.“
هو ڪموءَ ساڻ، تکيون تکيون وکون کڻندو هن جي در تائين آيو هو. ماڻهن جو ميڙ اچي گڏ ٿيو هو. اڄ هن ڳوڻ جي ڳڙکي کان ليئا نٿي پاتا، نه ئي اڄ هن لاءِ جوا ٿي هلي. هوءَ پٽ تي ويهي منهن مٿا پٽي رهي هئي. تڪليف کان اکين مان درياهه وهندو ٿي ويس. ڦٿڪي رهي هئي. بادشاهه کي ڪسجندڙ ڪڪڙ ياد اچي ويا هئا. هن جون ٽنگون ست ڇڏينديون ٿي ويون. بادشاهه هن کي انهيءَ حالت ۾ ڏسي سراپجي ويو هو. پريءَ جو اڇو اجرو ماس سڙي رک ٿي ويو هو. ڪوبه ته نشان باقي نه رهيو هئس. ڪالهوڪي حسن جو ڀوائتو چهرو، ڪموءَ کي ڪِرڀ اچي وئي. نڙيءَ ۾ اٽڪيل ٿڪ ائين پٽ تي اڇلائي هنيائين، ڄڻ پريءَ جي ڀوائتي چهري تي اڇلائيندو هجي ۽ ڪيترا گلاب هئا، جيڪي بادشاهه جي دل ڌرتيءَ تي ڦهليا پيا هئا. ماڻهو آهستي آهستي ڪچي پٽ تي پيرن جا انيڪ نشان ڇڏي هليا ويا. ڪو چوي، ”چڱو ٿيو، اهڙين عورتن جو اهو ئي انجام ٿيندو آهي.“ ڪنهن کي ساڻس همدردي هئي. ”ويچاري، ويچاري.“ جا لقب ٿي مليس. ڪنهن نفرت منجهان ٿي چيو، ”هاڻ ڪير هن ڏائڻ تي پيسا وڃائيندو؟“ بس بادشاهه هو جيڪو بيٺو رهيو. دل چاهيو هئس ته مست ٿي ائين نچي، جو گهمندڙ ڌرتيءَ جو گولو بيهي رهي.
شيدي بادشاهه همباشا
شيدي بادشاهه همباشا
جيڏانهن پير، تيڏانهن خير.
پر هو بيٺو رهيو. پير تپي ٽامو ٿي ويا هئس. هو ڪلاڪن تائين بيٺو رهيو. هوءَ رڙندي رهي. بادشاهه ڀاڪرن ۾ ڀري اُٿاريو هئس ۽ کٽ تي آڻي ليٽايو هيائينس. دلي مان پاڻي اوتي، جڏهن هن جي سڙيل چپن تي آڻي رکيو هيائين.
”ڪير آهين؟“ هوءَ ڄڻ سُڏڪي.
هو چپ رهيو، ڪابه ورندي ڪانه ڏني هيائين.
”ڪير آهين تون؟“
”آءٌ بادشاهه...“ پريءَ کي ڄڻ نانگ سونگهي ويو هو. بي نور ٿي ويل اکين اندر انيڪ طوفان اچي گڏ ٿيا هئس. سڀ ڪڻس ڇڏي هليا ويا هئا، بس بادشاهه هو، جيڪو سندس ويجهو، بيحد ويجهو بيٺو هو، جيڪو ڪيترا ڀيرا سندس بند دروازي تان موٽي ويو هو. ڪارو ڪوجهو شيدي، دنيا جي ڏتڙيل قوم جو ڏتڙيل فرد.
”بادشاهه!“ هوءَ ڀڻڪي.
”هون....“ بادشاهه جي دل ڌڙڪڻ لڳي.
”منهنجي شڪل هاڻ ڪهڙي ٿي وئي آهي؟“ هوءَ سُڏڪي.
”تمام سهڻي.“ هن جي سڙيل، ڀوائتي چهري تي بادشاهه پنهنجيون ڪاريون، بي ڊوليون آڱريون رکي ڇڏيون هيون. جڳن جي ناڪام خواهش، هن جو خوبصورت چهرو ڇهڻ جو خواب، جنهن جي ساڀيان هن زوريءَ قدرت جي هٿن مان ڦري هئي.
”مون کان ڊپ ڪونه ٿو ٿينئي، بادشاهه؟“
”نه.“
”نفرت به نه؟“
”نه.“ بادشاهه جي لهجي ۾ جيت جو گهرو نشو هو.
هو ڪيتري دير هن جي سيرانديءَ ويٺو رهيو، چپ چاپ.
”بادشاهه.......“ ڪنهن مهل هوءَ ڀڻڪي هئي.
”هون....“ جيت جو اهو ئي اٿاهه نشو.
”مون کي ڇڏي ته ڪونه ويندين؟“
”نه.“ هن ٻيهر پنهنجيون آڱريون هن جي چهري تي کڻي رکيون هيون، ڄڻ هن جا ڦٽ ٺارڻ چاهيندو هجي. من ۾ جيڪو چور هئس، سو جيت جي نشي ۾ گم ٿي ويو هو. انهيءَ رات، پريءَ جي در جي سامهون جوا به ڪانه هلي هئي. انهيءَ رات آڌيءَ تائين ڪموءَ، بادشاهه جو انتظار ڪيو هو. پر بادشاهه باک ڦٽيءَ کان پوءِ به ڪونه موٽيو هو. ڪموءَ کي اهو ٻڌائڻ لاءِ ته اڄ کان پريءَ جي گهر تي به هن ”تاج محل“ نانءُ رکيو آهي.
۽ جڏهن پريءَ جا ڦٽ سُڪي ويا هئا، تڏهن ڪنهن بيحد خوبصورت لمحي ۾، جڏهن هو پريءَ جو هٿ پڪڙي گهٽيءَ ۾ نڪتو هو، تڏهن گهٽيءَ ۾ لڳل بلب هيٺ ويٺل ڪموءَ ۽ سندس ساٿين، تاڙين جي لئي تي، بي سُرن آوازن ۾ ڳائڻ شروع ڪيو هو.
شيدي بادشاهه همباشا
شيدي بادشاهه همباشا
جيڏانهن پير
تيڏانهن خير
شيدي ...... بادشاهه ... همبا.... شا .... شيدي .... بادشاهه .... شيدي .... بادشاهه .... ۽ بادشاهه جي دل ۾ دور دور تائين گلاب ٽڙي پيا هئا.