عصمت چغتائي

Author Name

 اردو ٻوليءَ جي نامور افسانہ نگار، ڪھاڻيڪار خاتون عصمت چغتائيءَ جو جنم 21 آگسٽ 1911ع ۾ ڀارتي صوبي اترپرديش جي شھر بدايون  ۾ ٿيو. عصمت چغتائيءَ ابتدائي تعليم ۽ تربيت آگري مان ۽ ثانوي تعليم مسلم گرلز اسڪول عليڳڙهہ مان حاصل ڪئي، جڏهن تہ بي. اي ۽ بي. ٽي جون ڊگريون لکنوءَ مان حاصل ڪيائين. هيءَ پھرين مسلمان عورت هئي، جنھن اعليٰ تعليم حاصل ڪئي هئي. ادب ۾ سندس رهنمائي پنھنجي ڀاءُ مرزا عظيم بيگ چغتائيءَ ڪئي، جيڪو بہ مشھور اديب ۽ مزاح نگار هو. عصمت پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات درس تدريس سان ڪئي. 1937ع ۾ اسلامي گرلز هاءِ اسڪول بريليءَ ۾ هيڊ مسٽريس مقرر ٿي. والد جي وفات کان ڪجهہ عرصو پوءِ هن محل درٻار هاءِ اسڪول جوڌپور ۾ نوڪري ڪئي. ان کان پوءِ بمبئيءَ ۾ انسپيڪٽرس آف اسڪولس ٿي ۽ سپرنٽينڊنٽ اسڪولس جي حيثيت ۾ رٽائر ڪيائين. اوائل کان ئي کيس ادب سان گھرو لڳاءُ هو، جنھنڪري ادب جو وسيع مطالعو ڪيائين ۽ اديبن سان سندس ويجهڙائي رهي. ادبي مطالعي ذريعي غير ملڪي اديبن جھڙوڪ: دوستو وسڪي، چيخوف، سمرسيٽ ماهم ۽ برنارڊشا کان متاثر رهي. ٻاويھن سالن جي عمر ۾ پھرين ڪھاڻي ’فسادي‘ لکيائين، جيڪا 1939ع ۾ مشھور رسالي ’شاقي‘ ۾ شايع ٿي. ڪجهہ عرصي کان پوءِ هو ڪھاڻيڪار جي حيثيت ۾ مشھور ٿي وئي ۽ سندس ڪھاڻين سڄي هندستان ۾ وڏي مڃتا ماڻي. هن جون ڪھاڻيون، ناول، ڊراما، خاڪا ۽ مضمون وڏي تعداد ۾ لکيا. سندس ڪھاڻين ۾: (1)’چوٽين‘، (2) ’ڪـلـيـار‘، (3) ’ايـڪ بـات‘، (4) ’ڇـوٽـي مــوٽـي دو هــاٿ‘، (5) ’دوزخ‘، (6) ’شيطان‘، (7) ’دهاني بانکين‘ ۽ (8) ’هم لوگ‘ وڏي شھرت ماڻي. هن جي ناولن ۾: (1) ’ٽيڙهي کير‘، (2) ’صدي‘، (3) ’معصومہ‘، (4) ’سودائي‘، (5) ’جنگلي ڪبوتر‘، (6) ’تين ناولٽ‘، (7) ’دل ڪي دنيا‘، (8) ’عجيب آدمي‘ ۽ (9) ’باندي‘ شامل آهن. هن جي اٺن ڪھاڻين تي فلمون ٺھيون، جن مان ڪجهہ هن پاڻ ٺاهيون. سندس پھرين فلم ’ڇيڙ ڇاڙ‘ 1943ع ۾ رليز ٿي. 1946ع ۾ هن جي ناول تي ٻڌل فلم ’ضدي‘ ٺاهي وئي، ان کان پوءِ سندس ڪھاڻين تي ’دروازا‘، ’سوسائٽي‘ ۽ ’سوني ڪي چڙيا‘ فلمون ٺاهيون ويون. انھن سڀني فلمن جو هدايتڪار شاهد لطيف هو. هن ٻارن لاءِ ’جواب آئي گا‘‘ نالي فلم ٺاهي، جيڪا تمام گهڻي مقبول ٿي. ان کان سواءِ هن علي سردار جعفريءَ جي زندگيءَ تي هڪ ڪلاڪ جي دستاويزي فلم بہ ٺاهي، جنھن ۾ علي سردار جعفريءَ جا نظم پنھنجي آواز ۾ رڪارڊ ڪرايائين. ان کان سواءِ پنھنجي ڪھاڻيءَ تي ٻڌل ’گرم هوا‘ فلم خود ٺاهيائين. سندس آخري فلم ’جنون‘ 1979 ع ۾ رليز ٿي. هن کي ادبي ۽ فلمي خدمتن جي اعتراف ۾ ڪيترائي اوارڊ مـلـيـا، جـھـڙوڪ: (1) ’مـخـدوم اوارڊ‘، (2) ’سـاهـتـيـہ اڪادمي اوارڊ‘، (3) ’اقبال سمان اوارڊ‘ ۽ (4) ’نهرو اوارڊ‘ وغيرہ. هن جي ڪھاڻي ’لحاف‘ ادبي دنيا ۾ ڏاڍي مشھور ٿي. سندس 1942ع ۾ مشھور افسانا نگار، مصنف ۽ هدايتڪار شاهد لطيف سان شادي ٿي، جنھن مان کيس ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو. عصمت چغتائيءَ پنھنجي آتم ڪٿا  ’پيھن‘ عنوان سان لکي ڇپائي. هن نامور خاتون 24 آڪٽوبر 1991ع تي وفات ڪئي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي عصمت چغتائي جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


عصمت چغتائي جا ڪتاب

داستانِ ڪربلا، مصنف : عصمت چغتائي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
داستانِ ڪربلا
مصنف : عصمت چغتائي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ