ناول جي صورت ۾ لکيل ھي ڪتاب عالم اسلام تہ ڇا دنيا جي عظيم واقعي ”ڪربلا جي جنگ“ بابت دل ڇھندڙ مرثيو لڳي ٿو. ھن ڪتاب ۾ امام حسين عہ جي ولادت کان وٺي ميدان ڪربلا ۾ سفاڪيءَ ۽ بيدرديءَ سان ٿيل معصومن ۽ اھل بيت جي شھادت، ابن زياد ۽ يزيد جي ظلمن، دربار ڪوفہ ۽ دربار شام جي پسمنظر ۾ اھلبيت ۽ مستوراتِ اھلبيت ۽ ٻارن سان بنو اميہ جي عقوبتن کي موضوع بڻائي، جيڪا روداد بيان ڪئي وئي آھي، ان کي پڙھندي اکيون رت جا ڳوڙھا ڳاڙڻ لڳن ٿيون.
ناول
داستانِ ڪربلا
- 5.0/5.0
- 44
- 7
- 6 مهينا اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪربلا جي قضيي تي عصمت چغتائيءَ جي اردوءَ ۾ لکيل ڪتاب ”اڪ قطرہ خون“ جو سنڌي ترجمو ”داستانِ ڪربلا“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون، جنھن جو سنڌيڪار منور علي ٻُٽ آھي..
ناول جي صورت ۾ لکيل ھي ڪتاب عالم اسلام تہ ڇا دنيا جي عظيم واقعي ”ڪربلا جي جنگ“ بابت دل ڇھندڙ مرثيو لڳي ٿو. ھن ڪتاب ۾ امام حسين عہ جي ولادت کان وٺي ميدان ڪربلا ۾ سفاڪيءَ ۽ بيدرديءَ سان ٿيل معصومن ۽ اھل بيت جي شھادت، ابن زياد ۽ يزيد جي ظلمن، دربار ڪوفہ ۽ دربار شام جي پسمنظر ۾ اھلبيت ۽ مستوراتِ اھلبيت ۽ ٻارن سان بنو اميہ جي عقوبتن کي موضوع بڻائي، جيڪا روداد بيان ڪئي وئي آھي، ان کي پڙھندي اکيون رت جا ڳوڙھا ڳاڙڻ لڳن ٿيون.
ھي ڪتاب 2019ع ۾ ادارہ علوم اھلبيت، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مصنف عصمت چغتائي
- سنڌيڪار منور ٻُٽ
- ڇپيو ويو 2019
- ڇپائيندڙ ادارہ علوم اھلبيت، حيدرآباد
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر 0
- آن لائين ٿيو 17/Jul/2024
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
- لاٿو ويو 7 ڀيرا