منور ٻُٽ

Author Name

مُنور علي ٻُٽ ميهڙ تعلقو، ضلع دادو، سنڌ جي ننڍڙي ڳوٺ “ٻُٽ سرائي” ۾ پهرين جولاءِ ۱۹۵۵ع تي جان محمد ٻُٽ جي گهر اک کولي. اسڪولي تعليم جي شروعات پنهنجي ئي ڳوٺ “پرائمري اسڪول، ٻُٽ سرائي” مان ڪئي. پرائمري جا پنج درجا پاس ڪرڻ کان پوءِ انگريزي پڙهڻ لاءِ “مڊل اسڪول (هاڻي هاءِ اسڪول) ٿرڙي محبت ۾ داخلا ورتي. جتان مڊل اسٽئنڊرڊ امتحان ۱۹۷۰ع ۾ پاس ڪري، گورنمنٽ هاءِ اسڪول (هاڻي هاءِ اسڪول نمبر ۱)، ميهڙ ۾ نائين جماعت ۾ داخلا ورتي. ميهڙ هاءِ اسڪول مان ۱۹۷۲ع ۾ ڏهين جماعت (ميٽرڪ)سائنس ۾ سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. البت، ريگيولر تعليم ۾ ڪامياب نہ ٿيڻ سبب، پرائويٽ امتحان ڏئي ۱۹۸۲ع ۾ بي اي جي ڊگري حاصل ڪيائين.
ٿوري ٿوري عرصي لاءِ مختلف نوڪريون ڪرڻ کان پوءِ ۱۹۸۳ع ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ، ڪراچي ۾ اسسٽنٽ ڀرتي ٿيو ۽ ان پوسٽ تان ترقي ڪندو ۳۰ جون ۲۰۱۵ع تي سيڪشن آفيسر جي عهدي تان رٽائر ٿيو.
اسڪولي تعليم دوران ئي پنهنجي ڳوٺ جي استادن محترم محمد صالح خاصخيلي (مرحوم) ۽ محترم محمد ابراهيم ميراڻي (مرحوم) جي صحبت ۾ رهندي مختلف ڪتابن جو مطالعو ڪندو رهيو، جنهنڪري کيس ترجمو ڪرڻ جو شوق جاڳيو. پهريان اردو ڊائجيسٽن تان ڪهاڻيون ۽ افسانا ترجمو ڪيائين، پوءِ مستقل طور تي همت ٻڌي انگريزي ۽ اردو مان مڪمل ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ شروع ڪيائين. سندس ھيٺيان ڪتاب ڇپيل آھن:

۱. ستارن ۾ لکيل. سوڪي جي ڪهاڻي. (۲۰۰۰ع)
۲. ڪربلا جي بهادر عورت (حضرت زينب سلام الله تعاليٰ عليها) (۲۰۰۵ع)
۳. سيرت حضرت علي المرتضيٰ عليه السلام (۲۰۰۶ع)
۴. حضرت محمّد ﷺ جو آفاقي پيغام (۲۰۱۰ع)
۵. داستان ڪربلا
۶. هاشمين جو چنڊ (غازي علمدار عباس عليہ السلام) (۲۰۱۲ع)
۷. اسلام جي تاريخ (۲۰۱۲ع)
۸. شانِ حضور ﷺ (۲۰۱۴)
۹. پير ڪامل ﷺ (۲۰۱۴ع)
۱۰. خدا جي تاريخ (۲۰۱۴ع)
۱۱. ايمان اُمِيد ۽ محبت (۲۰۱۵ع)
۱۲. فُتوح الغيب (۲۰۱۵)
۱۳. فاطمہ فاطمہ آهي. (۲۰۱۵ع)
۱۴. انساني ضمير جو آواز (امام علي عليہ السلام) (۲۰۱۶ع)
۱۵. محسنِ انسانيت ﷺ (۲۰۱۷ع)
۱۶. حضرت خديجہ رضہ (۲۰۱۸ع)
۱۷. علي عليہ السلام ۽ اڪيلائي  (۲۰۱۸ع)
۱۸. انوارِ زهرا سلام الله عليها (۲۰۱۹ع)
۱۹. سِڌي واٽَ جو ڏَسُ (قرآن شريف جو سولو سنڌي ترجمو) ترجم جي سھيڙ  (۲۰۱۹ع)
٢٠  نبي ڪريم ﷺ عظيم ماهرِ نفسيات
٢١  نور الثقلين: عربي ڪتاب فرائد السمطين سنڌي ترجمو
٢٢ سيرت رسول اڪرم ﷺ 
٢۳.  مودت القربي (آڪٽوبر 2022ع) 
٢۴. باطني خلافت (فبروري 2023ع
٢۵.  گهروارا ۽ دروارا (اپريل 2023ع)
٢۶. آفتاب نبوت

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي منور ٻُٽ جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن


منور ٻُٽ جا ڪتاب

خدا جي تاريخ، سنڌيڪار : منور ٻُٽ

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
خدا جي تاريخ
سنڌيڪار : منور ٻُٽ
اسلام جي تاريخ، سنڌيڪار : منور ٻُٽ

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
اسلام جي تاريخ
سنڌيڪار : منور ٻُٽ
نبي ڪريم ﷺ عظيم ماھرِ نفسيات، سنڌيڪار : منور ٻُٽ

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
نبي ڪريم ﷺ عظيم ماھرِ نفسيات
سنڌيڪار : منور ٻُٽ
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ