ھي ڪتاب ان پاڪدامن عورت جي مٿان گذريل ظلمن جو داستان آھي، جنھن جي حياتي قدرتي تقدير ۽ ارادي جي ڪري حادثن ۽ جهڳڙن سان ڀريل زماني ۾ گذري. ھن سانئڻ جي زندگيءَ ۾ پيءَ جي شھادت، وڏي ڀاءُ جي شھادت، ڪربلا جي واقعي ۾ ڀائرن، پُٽن، پوٽن ۽ آل جي شھادت کانپوءِ قيدي ٿي ھڪ ڊگهي ۽ ڏکيي امتحاني سفر جھڙا واقعا شامل آھن. انھن سڀني حادثن باوجود صبر ۽ بھادري سان امتحانن مان پار پوندڙ عظيم عورت جو نالو سانئڻ زينب آھي، جنھن قربانيون ڏئي اسلام کي بچايو ھن ڪتاب ۾ سانئڻ زينب جي زندگيءَ جي سڀني واقعن کي قلمبند ڪيو ويو آھي.
شخصيتون ۽ خاڪا
بيبي زينب (ڪربلا جي بھادر عورت)
- 5.0/5.0
- 34
- 15
- 6 مهينا اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران عالم اسلام جي بھادر عورت، مظلوم ڪربلا سانئڻ بيبي زينب جي سيرت ۽ سوانح بابت ڊاڪٽر عائشہ الشاطي مصري جو لکيل ڪتاب ”بيبي زينب (ڪربلا جي بھادر عورت)“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون، جنھن جو سنڌيڪار منور علي ٻُٽ آھي.
ھي ڪتاب اصل عربي ٻولي ۾ ”بطلہ الڪربلا“ جي نالي سان ڇپيل آھي. اردو زبان ۾ ”ڪربلا ڪي شير دل خاتون“ جي نالي سان ھن جو ترجمو سيد محمد عباس زيدي، ھندستان ۾ ڪيو آھي. ھي ڪتاب ان پاڪدامن عورت جي مٿان گذريل ظلمن جو داستان آھي، جنھن جي حياتي قدرتي تقدير ۽ ارادي جي ڪري حادثن ۽ جهڳڙن سان ڀريل زماني ۾ گذري. ھن سانئڻ جي زندگيءَ ۾ پيءَ جي شھادت، وڏي ڀاءُ جي شھادت، ڪربلا جي واقعي ۾ ڀائرن، پُٽن، پوٽن ۽ آل جي شھادت کانپوءِ قيدي ٿي ھڪ ڊگهي ۽ ڏکيي امتحاني سفر جھڙا واقعا شامل آھن. انھن سڀني حادثن باوجود صبر ۽ بھادري سان امتحانن مان پار پوندڙ عظيم عورت جو نالو سانئڻ زينب آھي، جنھن قربانيون ڏئي اسلام کي بچايو ھن ڪتاب ۾ سانئڻ زينب جي زندگيءَ جي سڀني واقعن کي قلمبند ڪيو ويو آھي.
ھن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 2010ع ۾ حيدري ڪتب خانو، ڀٽ شاھہ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مصنف ڊاڪٽر عائشہ الشاطي مصري
- سنڌيڪار منور ٻُٽ
- ڇپيو ويو 2010
- ڇپائيندڙ حيدري ڪتب خانو، ڀٽ شاھہ
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر 0
- آن لائين ٿيو 16/Jul/2024
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
- لاٿو ويو 15 ڀيرا