حفيظ شيخ
سنڌي ٻوليءَ جي نامور ڪھاڻيڪار حفيظ شيخ جو پورو نالو محمد حفيظ شيخ ولد شيخ غلام رسول ھو. ھن پھرين ڊسمبر 1931ع تي خيرپور ۾ جنم ورتو. ھن پنجاب يونيورسٽيءَ مان صحافت ۾ ايم. اي ڪئي ھئي. حفيظ شيخ ھڪ عام ماڻھوءَ واري زندگي گذاري، بوٽ پالش ڪيائين، کٽمٺڙن جو دڪان کوليائين، فوج ۾ ڀرتي ٿيو، اخبار ۾ نيوز ايڊيٽر طور ڪم ڪيائين. خانبھادر محمد ايوب کھڙي جو پي. اي ٿيو. اي. پي. پي جو نمائندو ٿيو. فيملي پلاننگ کاتي ۾ ڊويزنل انچارج رهيو.
شيخ حفيظ، سنڌي ڪھاڻيءَ جي ٽرينڊ سيٽرن مان ھو. غلام رباني آگرو، جمال ابڙو ۽ حفيظ شيخ، سنڌي افساني جي اھا ٽمورتي ھئا، جن سنڌي ڪھاڻيءَ کي نوان موڙ ڏنا. حفيظ شيخ، شيخ اياز، تنوير عباسي ۽ رشيد ڀٽيءَ جو ھمعصر ھو. ھن اياز ۽ تنوير جي سنگ ۾ ’شاگرد‘ رسالي جا ٻہ پرچا مرتب ڪيا، جن مان ھڪ ’روشن آرا مغل نمبر‘ ھو. ھو ’نواءِ سنڌ‘ اخبار ۾ 1956ع کان 1957ع تائين نيوز ايڊيٽر بہ رهيو. 1951ع ۾ ورهاڱي کان پوءِ جڏهن سنڌي ادبي سنگت کي ٻيو ڀيرو منظم ڪيو ويو ۽ ان جون گڏجاڻيون ميٺارام ھاسٽل ڪراچيءَ جي ڪمري نمبر 30 ۾ ٿينديون ھيون تڏهن حفيظ شيخ ان دور جي بنيادي ميمبرن مان ھو. سنڌ جي مشھور تعليمي ماھر دادي ليلاوتي ھرچنداڻي، حفيظ شيخ جي والد غلام رسول شيخ جي سڳي سوٽ آھي. حفيظ شيخ جـو والـد نـو مـسلم ھو ۽ جڏهن حفيظ 15 سالن جو ھو تہ سندس والد 2 فيبروري 1943ع تي وفات ڪري ويو. حفيظ جي والدہ شاھ بيگم 21 فيبروري 1959ع تي وفات ڪئي. حفيظ کي 6 ڀينرون ۽ ٻہ ڀائر ھئا. ھن 1 جنوري 1971ع تي ڪلثوم سان شادي ڪئي ۽ شاديءَ کان 10 مھينن بعد 9-نومبر 1971ع تي خيرپور ۾ وفات ڪري ويو. ھن کي حيدرآباد ۾ آڻي، اُميدن ڀرئي جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. اڄ سندس قبر جو نشان بہ مٽجي ويو آھي، ڇو تہ سندس اُھي دوست نياز ھمايوني ۽ ٻيا زندھ نہ رهيا آھن، جن کيس اُتي دفن ڪرايو ھو.
حفيظ شيخ جي ڪھاڻين جو ھڪ مجموعو ’ساگر جي لھرن تي‘ 1976ع ۾ ڇپيو ھو، جنهن جو ٻيو ڇاپو پڻ شايع ٿيو. ان کان سواءِ سندس زندگيءَ، ڪھاڻين، ٻين تحريرن ۽ سندس موت تي ھمعصرن ۽ دوستن جي تاثراتن ۽ مضمونن تي تفصيلي ڪتاب ’اڇو پکي واءُ ۾‘ جي عنوان سان ناليواري اديب نصير مرزا ترتيب ڏئي، نئون نياپو، سنڌ پبلشنگ ھائوس، ڪراچيءَ مان 1997ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ھن جي زندگيءَ تي ناز سنائيءَ جو پڻ ھڪ ڪتاب شايع ٿيل آھي.
- جنم: 1931-12-01
- ورسي: 1971-11-09
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل