قاضي مقصود احمد

Author Name

قاضي مقصود احمد مٽياريءَ جي هڪ علمي گهراڻي ۾ 6 سيپٽمبر 1969ع تي پيدا ٿيو. ننڍپڻ کان ئي لکڻ پڙهڻ سان چاهه رهيس. پر ڇپجڻ جو موقعو 1990ع ۾ حاصل ٿيس. 1997ع ۾ سندس پھريون ڪتاب ”مند نہ آهي ماٺ جي“ ڇپيو جيڪو ھڪ شعري مجموعو ھو. ٻيو ڪتاب "مسلمان ٻارن جا نالا" 2003ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو هن موضوع تي سنڌيء ۾ لکيل پھريون ڪتاب آهي. ٽيون ڪتاب ”تاريخ مٽياري“ 2006ع ۾ شايع ٿيو، جنھن ۾ مٽياري شھر جو تاريخي جائزو وٺڻ کان سواءِ علمي، سياسي،  ۽سماجي شخصيتن جي باري ۾ معلومات ڏئي سندن ڪم جو جائزو ورتو ويو آهي. چوٿون ڪتاب ”سيرت النبي صه تي لکيل مشھور عربي ڪتاب؛ ”الرحيق المختوم جو سنڌي ترجمو آهي“، جيڪو 2008ع ۽  2013ع ۾ شايع ٿيو. پنجون ڪتاب سنڌ ۽ ڪڇ جي سورهيه سردار ”لاکي ڦلاڻيءَ“ تي مرتب ڪيل مضمونن جو مجموعو آهي، جنھن ۾ ٻين لکارين سان گڏ سندس مقالي ۾ تاريخ جي نون رخن کي ڇيڙي واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اهو ڪتاب 2009ع ۾ شايع ٿيو. جڏهن تہ ڇھون ڪتاب مٽياري شھر جي هڪ مذهبي شخصيت محمد خان مڱڻهار جي ڇپيل چونڊ مضمونن تي مشتمل آهي، جنهن کي سهيڙي تعارف ۽ ڪتاب جي اهميت سان 2010ع ۾ شايع ڪرايو ويو. ان بعد سندس شاعريء جو مجموعو "دائرا" جي نالي سان 2015ع ۾ منظر تي آيو، جنھن ۾ شاعريء تي نون رخن ۾ ڳالھايو ويو آهي ۽ نوان خيال پيش ڪيا ويا آهن. هيستائين جو سندس آخري ڪتاب ”پير آقا غلام مجدد سرهندي سنڌي“ جي سوانح تي مشتمل آهي، جيڪو مھران اڪيڊمي پاران 2016ع ۾ شايع ٿيو. سندس سئو کان مٿي تحقيقي مقالا تاريخ، ٻولي، ادب جي موضوعن تي مختلف رسالن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. هن وقت بخاري شريف جو مڪمل سنڌي ترجمو ۽ سنڌ جي تاريخ تي لکيل هڪ اهم ڪتاب ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ اٿس.
قاضي مقصود احمد 2019ع کان سنڌو تھذيب جو ڏينھن راء ساهسي سان منسوب سنڌو سنبت مطابق پھرين چيٽ تي ملهائڻ جي روايت وڌي. ان سلسلي ۾ هن دنيا جي ڪئلينڊرن، سنڌ ۽ هند جي سنبتن تي تحقيق ڪري پھريون ڀيرو نہ رڳو ساهسي سنڌو سنبت جو  1395 سنڌو جو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق تي آڌاريل ڪئلينڊر پڌرو ڪيو، بلڪل 1582ع کان يعني گريگوري ڪئلينڊر جاري ٿيڻ جي عرصي کان 2029ع تائين جو ڪئلينڊر جوڙي تحقيق لاءِ ويب سائيٽ تي رکيو اٿس تہ جيئن محققن کي تحقيق ۾ آساني ٿئي.  اھو ڪيلينڊر ھن لنڪ تي موجود آھي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي قاضي مقصود احمد جا ڪُل 5 ڪِتاب موجود آھن


قاضي مقصود احمد جا ڪتاب

دائرا، ليکڪ : قاضي مقصود احمد

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
دائرا
ليکڪ : قاضي مقصود احمد
لاکو ڦلاڻي (سنڌ جو سورهيه سردار)، ليکڪ : قاضي مقصود احمد

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
لاکو ڦلاڻي (سنڌ جو سورهيه سردار)
ليکڪ : قاضي مقصود احمد
تاريخ مٽياري، مصنف : قاضي مقصود احمد

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
تاريخ مٽياري
مصنف : قاضي مقصود احمد
پير آقا غلام مجدد سرھندي سنڌي، مصنف : قاضي مقصود احمد

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
پير آقا غلام مجدد سرھندي سنڌي
مصنف : قاضي مقصود احمد
الرحيق المختوم، سنڌيڪار : قاضي مقصود احمد

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
الرحيق المختوم
سنڌيڪار : قاضي مقصود احمد
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ