فهميده شرف بلوچ

Author Name

فهميدہ شرف بلوچ  7 اپريل 1980ع ۾، پير جو ڳوٺ، ضلع خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم اي سنڌي آهي. هن وقت ڪراچي ۾ نوڪري ڪري رهي آهي.
سندس شاعريءَ جو ڪتاب “اُماس راتيون، اُداس رستا” 2016ع ۾ ڇپيو  آهي. فهميده شرف بلوچ جي شاعريءَ واري ڪتاب ۾، غزل، وايون، گيت، بيت، ترائيل، ڏيڍ سٽا، نظم، آزاد نظم ۽ چَوسٽا شامل آهن. جيڪي انساني اُمنگن، آدرشن، مُحبتن، نفرتن ۽ اذيتن جا اُهڃاڻ معلوم ٿين ٿا. “شوخ چنچل زندگي خاموش آ، درد جي هر انتها ڀوڳيون پيا. من کي ڪاٿي ٿو ملي هاڻي سُڪون؟ اذيتون بي ساختا ڀوڳيون پيا”. ڪتاب “اُماس راتيون اُداس رستا” جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو، ته “هڪ سُهڻي آهي، جيڪا سماج جي، سُورن جِي سِير ۾، گھاگھائي گھڙي پيئي آهي. جنهن جي ڄنگھ ڄرڪي وات ۾ ۽ سِسِيءَ کي، سُورن جا سوين سَو سَينسار چنبڙيل آهن. لکين چُهٽيس لوهڙيون، ٿيليون ٿڻنيون ڌار، مڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سُهڻي”.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي فهميده شرف بلوچ جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


فهميده شرف بلوچ جا ڪتاب

اُماس راتيون، اُداس رستا، ليکڪ : فهميده شرف بلوچ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
اُماس راتيون، اُداس رستا
ليکڪ : فهميده شرف بلوچ
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ