![اُماس راتيون، اُداس رستا, ليکڪ : فهميده شرف بلوچ اُماس راتيون، اُداس رستا, ليکڪ : فهميده شرف بلوچ](https://books.sindhsalamat.com/assets/images/books/fahmida_sharf_poetry.jpg)
اُماس راتيون، اُداس رستا
هي ڪتاب ”اُماس راتيون، اُداس رستا“ شاعره فهميده شرف بلوچ جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي. ساجد سنڌي لکي ٿو: ”فهميده شرف جي شاعري ۾ داخلي ڪيفيتن جي اپٽارڄڻ ته ٿڪاوٽ سان چور، بند گهٽيءَ ۾ ڦاٿل مسافر جهڙي ئي لڳي ٿي، پرفهميده شاعريءَ ۾ پنهنجي پناهگاهه جوڙي درد، هجر۽ اوسيئڙي جو اهڙو ته جهان جوڙيو آهي جو ڄڻ ته هن سٽ سٽ ۾ پنهنجي سريرجو سڳو پوئي ڀوڳنائن سان اڻٽٽ رشتو جوڙيو هجي.“