جيون گُگههُ انڌيرن ۾، جيون گُگههُ انڌيرن ۾، گهرن گهاون گهيرن ۾. مون آ پل پل پيار ڏٺو، ڪارن ڪُوجهن ميرن ۾. ڪاٿي اوچو ڳاٽ ٿيو، ڪاٿي عزت پيرن ۾. ڪهڙين خوشين کي ڳولهيون؟ دردن جي هن ديرن ۾. تنهنجو منهنجو ساٿ نه ڪو، ڀٽڪون نه ڇو پيا ڀيرن ۾.