پنهنجي پاران
شاعري منهنجو عشق آهي... !
ماڻهو سوال ڪندا آهن ته ”شاعري ڪيئن ٿيندي آهي؟“
اهو سوال الائي ڇو مون کي ڏاڍو ڏکيو لڳندو آهي بلڪه شاهه سائين چواڻي واڳون ٿي ورندو آهي، سڀني اڳيان دل جو ڪتاب کولڻ ايترو سولو ناهي، پنهنجي ڏکن کي لفظن جو روپ ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي.
لکڻ پڙهڻ سان رشتو تمام پراڻو رهيو آهي جڏهن کان هوش سنڀاليو، تڏهن کان ڪتابن کي پنهنجي ويجهو محسوس ڪيو، منهنجو بابا سائين لکڻ پڙهڻ جو انتها حد تائين شوقين هو، پڙهڻ کان سواءِ منهنجي بابل کي ننڊ ئي نه ايندي هئي، بابا جي انهن ڪتابن جي عشق ئي مون ۾ پڙهڻ جي عادت وڌي، چوٿين ڪلاس ۾ مون امر جليل، جمال ابڙي، الطاف شيخ، سندري اتم چنداڻي، ڪرشن چندر، پوپٽي هيراننداڻي کي پڙهيو، پڙهندي پڙهندي لکڻ شروع ڪيو جيڪو اڄ ڏينهن تائين جاري آهي، جيستائين زندگيءَ وفا ڪئي جاري رهندو ايندو، مان لکڻ کانسواءِ نه ٿي رهي سگهان، هي سفر شاعريءَ جو سفر ناهي پر منهنجي ڏکن جو هڪ نه کٽندڙ سفر به رهيو آهي، جيڪو پڻ زندگيءَ جيترو ئي ايذائيندڙ ۽ ڪٺڻ آهي، لکڻ لاءِ گهڻو قربانيون ڏيڻون پيون، هزار مخالفتن کي منهن ڏيڻو پيو، زهر ۾ ٻڏل ۽ ترار جهڙي تکا لفظ منهنجي دل کي ڦٽيندا رهيا ۽ منهنجو روح ڄڻ ڪنڊن تي رهڙجي پيو هو، ان ڏکئي سفر ۾ امڙ، ڏاڏي ۽ بابا هميشه جيان مون کي همٿايو، حوصلو ڏنو، وقتي طور پير ٿڪيا ضرور مگر رُڪيا هرگز نه، ڏکن هميشه منهنجو حوصلو وڌايو.
جيڪڏهن مون کي ڪوئي ائين چوندو آهي ته ”فهميده! لکڻ ڇڏي ڏي“ ته مون کي ائين لڳندو آهي ڄڻ چوندا هجن ته ”فهميده! هاڻي جيئڻ ڇڏي ڏي“، مان لکڻ ڇڏي ڏيان اهو منهنجي لاءِ ممڪن ناهي، زندهه رهڻ لاءِ جيئن هوا، پاڻي، غذا ۽ روشني ضروري آهن، منهنجي لاءِ انهن سان گڏوگڏ لکڻ به تمام ضروري آهي. شاعري منهنجو ساهه آهي، منهنجي جيئڻ جي هڪ اهم وجهه بڻجي وئي آهي، شاعري منهنجو عشق آهي ۽ عشق نالو ئي برداشت جو آهي، مون کي پنهنجي شاعريءَ جي عشق لاءِ هزارين تڪليفون سهڻيون پيون، اسان جي سماج اهو اهو الميو رهيو آهي ته دل ڏکائڻ جو ڪو وار خالي نه ڇڏيو ويندو آهي، جتي وارو مليو پورو حساب ڪتاب ورتو ويندو، ماڻهو دشمنيءَ کي اولاد وانگر پالي وڏو ڪندا آهن ۽ پنهنجون زندگيون ان پويان وڃائي ڇڏيندا آهن، پوءِ به دل کي تسڪين نه ملندي اٿن.
لکڻ جي هن ڪامياب سفر ۾ منهنجي بابا سان گڏ منهنجي امڙ جو به اهم ڪردار رهيو آهي، جيڪا خود تمام سٺي ڪهاڻيڪاره آهي، منهنجي ڪاميابين جو اصل ڪارڻ منهنجي امڙ جيجل آهي، جنهن جي هٿن هميشه پورهيو ڪري مون کي ۽ ادا کي پاليو، امڙ جي هٿن تي پيل قينچيءَ جا نشان مون کي پنهنجي دل تي محسوس ٿيندا آهن، مان هميشه شاعري پنن تي لکي پوءِ اهي پنا ڪٿي وساري ويهندي آهيان، امي اهي سنڀالي رکندي آهي، منهنجي بي ترتيب زندگيءَ کي ترتيب ڏيڻ واري منهنجي امڙ آهي، ان جي دل منهنجي سڀني ڏکن کي پناهه ڏني آهي، مون کي پنهنجن جي سهارن ڪڏهن به جهڪڻ يا ڪِرڻ نه ڏنو آهي ۽ هزار مخالفتن باوجود لکڻ لاءِ اتساهيو، گهر ڀاتين ۾ ڏاڏي امي به تمام گهڻو همٿايو، ڪڏهن ڪنهن مخالفت به ڪئي هوندي ته منهنجي حمايت ڪندي هئي، منهنجي ڏاڏي جو مون ۾ ساهه هوندو هو، ائين اوچتو ان جو وڇوڙو جيءُ ڏکوئي ويو، مٿان وري ننڍي ڀاءُ آصف جي جدائي مون کي صفا جُهوري وڌو. ان جي ڪمي زندگيءَ جي وک وِک تي محسوس ٿيندي آهي، هر وقت ان جي تصوير اکين اڳيان ڦرندي آهي ۽ اکڙيون رت جا ڳوڙها روئنديون آهن.
پير ڳوٺ جي سخت ماحول ۾ بابا مونکي پاڻ مشاعرن ۾ وٺي ويندو هو ۽ بابا منهنجي شاعري شوق سان پڙهندو هو، باقي ٻين ته وک وک تي رستي ۾ ڪنڊا ۽ ڪاوا وڇايا، پيرن سان گڏ دل به زخمي ٿي ۽ دل جي ان تڙپ ۽ ايذاءَ شاعريءَ جو روپ ورتو جيڪي منهنجي لاءِ ذهني سڪون جو باعث رهيو آهي، ڏات سهيلي بڻجي منهنجو ساٿ ڏنو ۽ مون ڪڏهن پاڻ کي اڪيلو نه سمجهيو. قلم ۽ ڪاڳر منهنجي رات جي اوجاڳن ۽ ڳوڙهن جا گواهه آهن، منهنجي زندگيءَ جا ڏک منهنجي طاقت بڻيا.
منهنجي شاعريءَ جي سفر ۾ پياري بابا آثم ناٿن شاهيءَ جو به وڏو هٿ رهيو آهي جن هميشه منهنجي رهنمائي ڪئي ۽ سڳي ڌيءَ جيتري اهميت ڏني، منهنجي دل به سدائين بابا کي اهائي عزت ۽ اهميت ڏني، بابا جو خلوص ۽ محبتون وسارڻ جهڙيون ئي ناهن، جڏهن به لياري بابا سان ملڻ ويندي هيم ته بابا ٻارن جيان خوش ٿيندو هو، منهنجو بابا هميشه دروازي تي بيهي منهنجو انتظار ڪندو هو، بيماريءَ مان بيزار ٿي جڏهن به مرڻ جون ڳالهيون ڪندو هو، تڏهن جيترو وقت به اتي هوندي هئس، اکين مان ڳوڙها نه بيهندا هئا. مان ۽ بابا سدائين ان ڳالهه تي وڙهي پوندا هئا سين ته بابا تون دنيا تي بار ته ناهين جو پاڻ کي ائين ٿا چئو، الله سائين توهان کي وڏي زندگي ڏي....
آخري ملاقات ۾ آخري ڀيرو بابا جا چيل لفظ اڄ تائين منهنجي ڪنن ۾ گونجندا آهن ۽ هن وقت لکندي به منهنجي اکين ۾ ڳوڙها آهن، منهنجي مٿي تي هٿ رکندي انتهائي ڏکاري انداز ۾ منهنجي امي کي مخاطب ڪندي چيو هيائين ” اِمان مان هاڻ وڃڻ وارو آهيان، منهنجي هي ڌيءَ توهان وٽ امانت آهي، منهنجي ڌيءَ جو وڌ ۾ وڌ خيال رکندا ڪيو“. بابا آثم جون بي لوث محبتون رت جا ڳوڙها رئارن ٿيون، بابا آثم جون يادون منهنجي ساهه ۾ سانڍيل هونديون آهن، بابا ۽ مان مثالي پيءُ ڌيءَ هياسين، مان هميشه چوندي هيم ته منهنجو بابا منهنجي سهيلي آ ڄڻ، سڀ چوندا هئا هيءَ ته بابا آثم جي ديواني آهي ۽ مون کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته مان واقعي پنهنجي بابل جي ديواني هئس، هي صرف هڪ لفظي رشتو نه هيو، مون هميشه بابا آثم کي حقيقي پيءُ جيتري اهميت ڏني، مان پنهنجي بابا جي لاڏلي ڌيءَ هئس ۽ آهيان ۽ هڪ سٺي شاگرد پڻ.
منهنجي زندگيءَ جو هڪ وڏو ڏک اهو به آهي ته پنهنجي رت جي رشتن هميشه اسان جو رت پيتو ۽ اسان جي غربت جو اهڙو تماشو بڻايو جنهن جي اذيت مون کي مرڻ گهڙيءَ تائين رهندي، زخم مٿان زخم ڏيئي پوءِ لپون ڀري لوڻ هاريندا رهيا، دل ڏکوئڻ انهن جي فطرت ۾ شامل آهي.
اهي زخم ڀرجڻ جا ناهن، اسان ساده دل ماڻهو آهيون ۽ هنن سراپا سور بڻائي ڇڏيو، بابا جي وفات کان پوءِ خبر پئي ته يتيميءَ جو درد ڇا ٿيندو آهي؟ زندگيءَ جي تتل اُس ڪيئن ساڙيندي آهي، ڪيئن پنهنجن جا هٿ پٿر وسائي رتورت ڪندا رهيا، دل ٽُٽندي رهي، اکيون وسنديون رهيون، هو کلندا رهيا، امرتا پريتم پنهنجي ڪتاب ”محبت ناما“ ۾ منهنجي دل جي ترجماني ڪندي امروز کي لکيو ته ”اڄ شت روگا جي ميلي ۾ نظم پڙهڻ وقت ماڻهن جيڪو پيار ڏنو، ان سان اکيون ڀرجي آيون، امروز! پنجاب سڄي عمر بي عزتي برداشت ڪرڻ جي عادت ڏيئي ڇڏي آهي، ان ڪري پرديس ۾ هن نئين شيءَ کي حاصل ڪري ڏاڍو عجيب لڳي رهيو آهي“.
مون سان به ڪجهه اهڙو ٿيو، پنهنجي سرزمين کان پري رهڻ ٻيو وڏو ڏک آهي، مون کي پنهنجي شهر پير ڳوٺ جي انچ انچ سان عشق آهي، ڪراچيءَ ۾ نوڪريءَ جي مجبوري نه هجي ها ته جيڪر هڪ لمحي ۾ اڏامي پنهنجي ديس وڃان ها، پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ ساهه سڪندو آهي، روزانو پنهنجي ڌرتيءَ کي ساريندي دل پرزا پرزا ٿئي ٿي، منهنجي روح جا ڦٽ ۽ پيرن جا ڇالا ڪنهن ڪونه ڏٺا آهن، ڇو ته مون هميشه پنهنجي ڏکن کي مرڪن جي ريپر ۾ ويڙهي رکيو آهي.
ليڪن مان پوءِ به خوش آهيان، ان ڪري جو مون کي پنهنجي پڙهندڙن وٽان ڀرپور محبتون مليو آهن، جيڪي منهنجي زندگيءَ جو سرمايو آهن، پنهنجو تخليق پنهنجي پڙهندڙن تائين پهچائيندي مان تمام گهڻي خوشي محسوس ڪندي آهيان، بدلي ۾ ايترو مان ملڻ پنهنجي خيال ۾ اهو مهانگو سودو ناهي، نه ته ڏٺو وڃي ته اڄڪلهه ذاتي ڏيٺ ويٺ ۽ ظاهري حيثيت کي ڏسي مڃتا ڏني وڃي ٿي جيڪو پئسي جي لحاظ کان جيترو طاقتور هوندو ان جو نالو اوترو ئي اڳتي هوندو آهي، ائين هجڻ نه کپي، اسان زندگيءَ ۾ ئي اها مڃتا ڏيون جن جو ڪو حقدار آهي بعد ۾ تعريفن جا انبار لڳائڻ مان ڪهڙو فائدو.
منهنجي شاعريءَ جي پهرين ڪتاب ” اماس راتيون اداس رستا“ توهان تائين پهچائڻ ۾ جن محترم هستين سڌي يا اڻ سڌي طرح مون سان سهڪار ڪيو ۽ همٿايو انهن سڀني جي دل سان ٿورائتي آهيان، مان پنهنجن جي ان قرب جي هميشه قرضدار رهنديس.
محترم ايوب کوسي جي احسانمند آهيان جنهن منهنجي ڪتاب جو دل سان مهاڳ لکيو، محترم سائين نصير مرزا ۽ ڀاءُ عاشق نظاماڻيءَ جا به ٿورا جنهن پنهنجي قيمتي راءِ سان نوازيو .
خاص طور تي ٿورائتي آهيان ساجد سنڌيءَ جي، جنهن ٻروچڪي اک ڏيکاريندي باقائده وڙهي جهيڙو ڪري ڄڻ ته پنهنجي داداگيري سان مون کان ڪتاب جو مواد ورتو ،مهرباني ساجد!.
آخر ۾ اهوئي چونديس ته جنهن پيار ۽ پاٻوهه سان مون هي شاعري سرجي آهي، اميد ته توهان به ان کي اهڙي ئي پاٻوهه سان پڙهندا ۽ پنهنجي راءِ جو اظهار ضرور ڪندا، ڇو ته توهان سڀن جي راءِ منهنجي اکين تي هوندي، پنهنجي پڙهندڙن جي راءِ منهنجي لاءِ محترم هوندي. پنجتن پاڪ جي صدقي ۾ توهان سڀن کي دعا ته خدا اوهانکي خوش ۽ آباد رکي ۽ سواءِ غم حسين جي ڪو غم نه ڏئي.
فهميده شرف بلوچ