مهاڳ
وجدان مان اُسريل حُسناڪ شاعري
ساهه کڻندڙ تاريخي حقيقت اها آهي ته جيڪي قومون چُپ رهي، پنهنجا زخم چٽينديون آهن، اُهي لُڙ ۾ لُڙاٽجي برباد ٿي وينديون آهن، پر جيڪي قومون پنهنجي زخمن کي پنهنجي رُتبن کي شاعري ۽ ادب ۾ تبديل ڪنديون آهن، اُهي سدا بهار بڻجي وينديون آهن. ادب چرچو ناهي، ادب زندگيءَ جو تحفو آهي. ويجهڙ ۾ ڏسڻ ۾ اهو آيو آهي ته سنڌي ادب گمنام ۽ مُرده ڪتابن جو قبرستان بڻجي رهيو آهي! وڏي تعداد ۾ اهڙا ڪتاب ڇپجن پيا، جيڪي پيدا ٿيندي ئي مري وڃن ٿا. انهن مان ڪو لاڀ ملڻ ته پري رهيو، پر ڪٿي انهن مرحومن جو ذڪر به نٿو ٿئي. انهن ڪتابن تي لکيل اسان جي سڄڻن جا نوٽ ۽ تاثر به ڪتبا بڻجي وڃن ٿا!
اهو وڏو الميو آهي. مون کي اِها به سُڌ آهي ته سنڌي قوم چُپ ٿي پنهنجا زخم چٽڻ واري قوم ناهي، هُن هميشه تاريخ سان اکيون ملائي پوءِ ساهه کنيو آهي! پوءِ هِي بحران ۽ جُمود ڇو پيدا ٿيو آهي؟ سنڌي ٻوليءَ جي ڀيٽ ۾ اردو ٻولي جو ادب اڄ به سنجيدگيءَ جي ڇانءُ هيٺ ساهه کڻي پيو، پر اسان غير سنجيدگيءَ جي بيابان جي اُس ۾ بيٺا آهيون! ٻي طرف جي حقيقت ۾ جهاتيءَ پائجي ٿي ته اهو چٽو ظاهر آهي ته سنڌ شاعريءَ جي انفراديت اها ئي آهي ته اُها هڪ ڌرتيءَ جي شاعري هئڻ جو ثبوت ڏئي ٿي، جنهن جو ڪلاسڪ به پاڻياريءَ جي سِر تي ٻيلهڙو کڻڻ سان شروع ٿئي ٿو ۽ وطن کي وسارڻ جي بي واس نقطي کي ”حيف“ جي نظريي ۾ نروار ڪري ٿو. اردو شاعريءَ جي ڪمال کان ڪو به انڪار ناهي، پر اردو شاعريءَ جي گهڻائي ۾ وڃي ڳولبو ته اُن ۾ ڪازمين ڪا ڌرتيءَ شايد ئي نظر اچي.! باقي احساسن ۽ نفسيات جي آسمانن تي اُڏاران جي انتها اردو شاعريءَ ۾ عروج جو درجو رکندڙ حقيقت آهي. ان ڊگهي بحث کي پاسيرو رکي هتي نوجوان شاعره فهميده شرف بلوچ جي ڪتاب ”اُماس راتيون اداس رستا“ تي احساسن جي اپٽار بنيادي مقصد آهي. هِيءُ ڪتاب خوبصورت تخليقي نواڻ ۽ شاندار تخليقي سنجيدگيءَ جو نرالو مثال ۽ نئون آرس آهي، انفراديت جو ساکي آهي.
مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي ته 1992ع ڌاري اسان واريءَ نئين کيپ جديد سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي عشق سان داخل ٿي هئي. اهو دؤر ٻن اهم حقيقتن ۾ نشانبر هو. هڪ حقيقت اها ته سنڌ لساني فسادن جي باهه ۾ ٻريل هئي. اُهي اثر اسان تي به پيا هئا. ٻي حقيقت اها سامهون هئي ته جنرل ضياءُ الحق جي موت سان ان جو وحشيءَ دؤر پڄاڻي تي پهتو هو ۽ انڌيءَ منڊي جهموريت جاڳيل هئي، جنهن ڪري جديد سنڌي پرنٽ ميڊيا اسان جي حوصلا افزائي لاءِ موجود هئي. هِن قافلي ۾ فهميده شرف اسان جو حصو هئي. هُن جي شاعريءَ ۾ توجهه ڇڪائڻ جا سمورا عنصر موجود هئا، توڙي جو هن تمام گهٽ پئي لکيو، ٿيو ائين جو پذيرائي ملڻ واري وقت ۾ هوءَ پاسيري رهجي وئي. هوءَ مڃتا جي لائق هئي/آهي، پر هن اوچتو گمنام جيان پئي وقت گهاريو، حد ته اها به رهي آهي جو ڄاڻي واڻي به هن کي نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش ٿي آهي. سچ اهو آهي ته هوءَ ڪافي اهم ۽ مٿڀريءَ سڄاڻ شاعره آهي، بلڪه آئون ته ايئن چوندس ته سنڌي جديد شاعريءَ ۾ ڪل ڏهه کن شاعرائون مس مڪمل تخليقي شاعرائون آهن، جن ۾ فهميده به هڪ آهي. دير سان ئي سهي پر هُن جو هيءُ پهريون شعري مجموعو نروار ٿيو آهي، جيڪو اهو طئي ڪرڻ لاءِ ڪافي ثابت ٿيندو ته فهميده ڪيتري اهم شاعره آهي.
مهاڳ لاءِ سامهون آيل فهميده شرف جي شاعريءَ کي پڙهي آئون سچ ته حيران ٿيو آهيان. ڪيئي هروڀرو کڄندڙ شاعريءَ ۾ نالا هُن جي شاعريءَ آڏو ڏاڍا غير اهم ٿا لڳن. فهميده جي شاعري اهم ۽ جديد سنڌي شاعريءَ جو حُسناڪ حصو آهي. هُن جي شاعريءَ جي معصوميت ۽ گهرائي هُن کي سڀني کان منفرد ڪري بيهاري ٿي. آئون ائين به چوڻ چاهيندس ته هو سنڌي شاعرائن ۾ سڀ کان وڌيڪ بيباڪ شاعره آهي. هُن مڪمل وجد سان پنهنجو اظهار وائکو ڪيو آهي، اهڙو اظهار گهڻين شاعرائن ورلي اظهاريو آهي. اها منفرد جرئت هُن جي اهم خوبيءَ آهي. اِها بيساختگيءَ هُن جي شاندار شاعريءَ جو اهم جُز به آهي.
شاهه لطيف تي لکيل پنهنجي اڀياسي ڪتاب ”سُهائي سُپرينءَ جي“ ۾ اهو لکيو اٿم ته : ڪنهن سنڌي شاعره عورتاڻي ڪيفيتن، حساسيت ۽ احساسن تي ڪو هڪ به شعر ناهي لکيو، جهڙا بيت ڀٽائي عورتاڻي احساس ۾ لکيا آهن! حقيقت اها آهي ته فهميده جي شاعريءَ پڙهي آئون پنهنجي ان راءِ تي نظرثاني لاءِ مجبور ٿيو آهيان، مون شروع کان ئي سنڌي شاعريءَ ۾ احساس جي انتها ئي کي تلاش ڪيو آهي، اڪثر ناڪامي به ملي آهي، ڇو جو تمام گهٽ شاعرن احساس جي انتها تائين رسائي حاصل ڪئي آهي. اها خوشيءَ جهڙي حقيقت آهي ته فهميده شرف بلوچ جي شاعريءَ ۾ احساس جي انتها جا ڪيئي رنگ نظر اچن ٿا، جيڪي ثابت ڪن ٿا ته هو وجد سان ڀريل مڪمل شاعره آهي، نفسيات جي ابي سنگمڊ فرائڊ چيو آهي :”لاشعور مون دريافت ناهي ڪيو، اهو شاعرن جو ئي ڪمال آهي!“ شاعريءَ کي هوا جو جُهوٽو، اُڀ جو تارو، سمنڊ جي گهرائي، درياهه جو مٺاس، رابيل جي خوشبوءِ ۽ تاريخ جي رڙ بڻائيندو ئي وجد آهي. ڪيفيتن جي گردشن کي فلاسافي ڇا ٿي سمجهي؟ نفسيات، عشق جي وجد لاءِ ڪهڙو ٿي نظريو رکي؟ انهن زاوين سان ڪنهن به ناهي ڏٺو، عام شاعرن ۽ تخليقي سنڌي اهم شاعرن جي شاعريءَ ۾ وڏو فرق آهي. وجداني ڪيفيت جو جنم ڪا ننڍڙيءَ ڳالهه ناهي. اسان وٽ عورت ۽ مرد جي ڪيل شاعريءَ کي الڳ الڳ ڪري ڏسڻ جي روايت رهي آهي. ذاتي طور آئون ان نظريي جو حامي ناهيان، لفظ ”شاعري“ عورت ۽ مرد جي الڳ ورهاست جي محتاج ناهي!
شاعر هجڻ ئي اصل ۾ وڏو اعزاز آهي. ”شاعر“ لفظ انسان جي تشريح آهي. جنس جي ورهاست آرٽ ۾ ڪابه حيثيت نٿي رکي. ميران جي شاعريءَ مرد/عورت جي شاعري هجڻ جي ليبل کان گهڻي مٿڀري آهي. شاعري انسان مان اُڀري ٿي، انسان ۾ آرس موڙي ٿي، انسان ان کي تخليق ڪري ٿو، انسان مرد به آهي ته عورت به آهي. شاعري جنس ناهي! نظرين جو رويو اهو آهي جو انسان مادريءَ نظام مان نڪري پدر شاهي ۾ اچي پير کوڙيا آهن، جنس جي فرق کي اڪثر نظام قبولي چڪا آهن، پر فلاسافي اڃان به انڪار جي فلسفي تي اُڀي آهي. آزاديءَ کان وانجهيل عورت نفسيات جي ڌٻڻ ۾ دفن ٿيندي رهي آهي. اظهار لاءِ شاعريءَ کان سواءِ گُهٽيل معاشرن ۾ عورت وٽ ٻيا اسٽيج نالي ماتر رهيا آهن. مرداڻي سماجن ۾ عورت کي شاعريءَ ۾ به محتاط رهڻو پيو آهي. اهڙيءَ صورتحال ۾ پاڻ کي صرف انسان جي آئيني ۽ فريم ۾ بيهاري ڪا عورت بيباڪ شاعريءَ ڪري ٿي ته اها ڄڻ زنجيرن کي ٽوڙڻ جي ڳالهه آهي. انسان جي رُتبي کي اُجاگر ڪرڻ جي ڳالهه آهي. عورت جي احساس جي شاعريءَ ان ڪري به اهم آهي، جو اُها نزاڪت مان نِسري ٿي، خونخوار روين کي پُٺيءَ ڏئي رابيل ورهائڻ جي جستجو ڪري ٿي. قديم يونان جي شاعره سيفو کان وٺي فلسطيني شاعره فدويٰ توقان تائين، قديم قرطبا جي عرب شاعره ولاده بنت المستقفي کان فهميده شرف بلوچ تائين جي شاعريءَ ۾ اُڀريل بيساختگيءَ جي نفاست جي حُسن جي سچ کي ڪڏهن به پُٺيءَ ڏئي نٿي سگهجي! عورت جي شاعري گل جي گفتگو به آهي، ته ستارن جي گُهور به آهي! فهميده جي شاعريءَ غزلن، واين، گيتن، بيتن، نظمن، ترائيل، وغيره ۾ جاڳندڙ شاعريءَ جو نرالو جلوو آهي. اسان جا اڪثر سر موڙ شاعر ڪنهن خاص صنف جا شاعر طور سُڃاتا ويندا آهن، صرف چند شاعر اهڙا آهن، جن هر صنف ۾ ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي، فهميده وٽ اهڙي نرالي ڏات آهي جو هُن سڀني صنفن ۾ بهترين شاعري سِرجي آهي. هُن جا غزل جديد سنڌي غزل جو حصو ۽ تسلسل آهن، اُهي غزل بيخوديءَ مان اُڀريل آهن، اُنهن کي زوريءَ ناهي لکيو ويو، انهن غزلن کي اجرڪ جهڙي حَسين ٻولي اوڍيل آهي. عروض جي ڇير جو ڇمڪو انهن غزلن ۾ اوجاڳيل آهي. انهن بر سان نه پر بحر سان ناتو جوڙيو آهي.
خاموش آ هر منظر، ويران ڳليون آهن،
ڪيڏو ته وڪوڙي ويون دردن جون وليون آهن.
ڪا ياد ائين دل کي هر روز ٿي پئي گهائي،
ٽانڊن تي رکيون ڄڻ ڪنهن چمپا جون ڪليون آهن
هُن جي فطرت آڏ کوئڻ، ڀل ڏُکوئي،
ڪير ويهي دل اُکيڙي غم ڪري.
ڪاش هيڪر ٿي پوين تون گُل جيان،
لڙڪ توتي سڀ ڇٽيان شبنم ڪري!
اڄ نه ڪي بادل، نه بارش ٿِي وڻي،
تو بنا بي چين ٿو آگم ڪري.
پرين! پيار تنهنجو هُيو مِنهن جيئن،
مٺا! ياد تنهنجي ٿي الهام وئي.
زماني کي آڇيا سڀ خواب ته به،
ڇو هر آس مون لئه ٿي الزام وئي؟
ڳچ وقت کان اهو سوال منهنجي ذهن ۾ ڪُکندو رهيو آهي ته سنڌي شاعريءَ ۾ ڪا شاعره اردو جي پروين شاڪر جهڙي بيساختا وجداني شاعريءَ ڇو ناهي ڏئي سگهي؟ فهميده جي شاعريءَ پڙهي، مون کي ان سوال جو ڄڻ جواب مليو آهي.
مٿي ڏنل شعرن ۾ پُرسوز اجهل احساساتي اُڇلون ۽ ڇوليون ڪير چوندو ته حَسين شاعري ناهن؟ احساس جي انتها اُن کان مٿي ڪهڙي هوندي جو محبوب گل جيان هجي ۽ ان تي ٽهڪن بجاءِ سڀ لڙڪ ماڪ ڪري ڇَٽي ڇڏجن! ڇٽبا ته گل آهن، پر لڙڪ ڇٽڻ محبت جي وجد جي نئين انفراديت آهي. درد جي اُپٽار بليڊ جي ڌار تان اگهاڙي پير جي گذرڻ جهڙي آهي. ڪيفيت شاعري بڻجي ٿي اهو سچ آهي، پر شاعري خود ڪيفيت جي ڪيف ۾ تبديل ٿي وڃي، اها نئين ڳالهه آهي. بارش ۽ بادل جو نه وڻڻ، آگم جو بي چين ڪرڻ، ياد جو الهام ٿيڻ، مکڙين جو ٽانڊن ۾ مرڻ، ڏاڍا حُسناڪ خيال آهن. اهائي ته فطري شاعري آهي.
اماس راتيون، اُداس رستا،
وٺن ٿا يادن جو واس رستا.
ڦُري ٿو سوچون سفر اسان کان،
پَٽين ٿا پيرن جو ماس رستا.
پرينءَ سنڀالي پوءِ پير رکجو،
اسان جي دل جا حساس رستا.
واس انگ انگ مان ڪيئي اُڀري پيا
رنگ اهڙو محبت ڪو لائي وئي.
خواب جيڪا خريدڻ هِت آئي هُئي،
نيڻ ڀي راهه ۾ سا وڃائي وئي.
جيڪي پل توکان جدا ڀوڳيون پيا،
هر گهڙي ڄڻ ڪا سزا ڀوڳيون پيا.
سڄو ڏيهه هاڻي ڏُکائي ٿو ڪيڏو،
ڇڏي ڏيهه سارو لڪان مان اکين ۾.
ڇو پُڇين ٿو لُڙڪ ڪنهن جي ڪاڻ ٿِي،
ايترو ڀي ڪين تون اڻ ڄاڻ ٿي!
هيءَ حياتي ايتري هيسيل ڊنل،
اڳ ته اهڙي ڪا نه هُئي جيئن هاڻ ٿِي!
شيڪسپيئر چيو آهي: ”شاعريءَ اعليٰ سنجيدگيءَ جو نالو آهي.“
فهميده جي شاعريءَ ان جملي جي آرسيءَ آهي. جيترو بيانيا انداز سگهارو آهي، ايترو ئي نفيس فڪر هِن شاعريءَ جي زمين ۾ ڪپهه جي فصل وانگي موجود آهي. ڪپهه مهذب پڻي جي علامت آهي. ڪپهه اوگهڙ جو اوڇڻ آهي. محبت لالائي ۾ رڱي ٿِي، اهو عظيم سچ آهي. ان ئي رستي تي خواب وڪجن نٿا، پنهنجو رَت ڏئي به خواب خريد ڪجن ٿا، پر هن راهه ۾ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجيون اکيون به وڃائجي وڃن ٿيون. اهڙي ئي دردناڪ ڪيفيت لاءِ بابا ڀٽائي چيو هو:
مادر! مٿان مون، ڪانگ لنوندا ڪڏهن!
ان کان اڳي جو انسان کي وحشتن جا ڪانگ پَٽين، انسان ٻئي انسان جي اکين جي پناهه گاهه ۾ لڪڻ جي آرزو ڪندو آهي، ڇو جو يونيورسل سچ اهو آهي ته انسان، انسان کي سمجهي سگهي ٿو. فهميده جي اڀاريل حساسيت لاجواب لڳي ٿي، بيمثال چئي سگهجي ٿي.
ٿو چنڊ لڳي وياڪل، مايوس ستارا ڀي،
جنهن وقت پِيا تنهنجي ٿِي سار اچي ڪائي.
توکان پوءِ هميشه لئه هِن منهنجي حياتي تي.
هر ٽهڪ ٺٺولي آ، هر لڙڪ تماشائي.
درد ڪيڏو اندر تي اثر ٿو ڪري،
ڦول جهڙين دلين کي پٿر ٿو ڪري.
پوءِ ڪيڏا اندر ۾ جلن ديپ ٿا،
هڪ دفعو جي کڻي هُو نظر ٿو ڪري.
چَئَه خواب ڏسن ڪهڙا، مُرڪن ته ڀلا ڪهڙو،
هِي نيڻ پرين جيڪي، پُرنم ئي رهيا آهن.
سوين رنگ تُنهنجا نظر آيا مون کي،
جڏهن تنهنجي دل ۾ نهارڻ سِکيو مون.
سُونهن نگريءَ مان خريديم خواب هڪ،
روح پنهنجي کي هزارين غم ڏئي.
پيار جو بادل نٿو مون تي وسي،
وِڄ جا چمڪا ڏئي ٿي زندگي.
وات جي خُشڪيءَ جو ڇا !؟
اُڃ سڄي اندر ۾ آ.
اڄڪلهه تنهنجي آڏو مان،
آهيان بند ڪتاب جيان.
هو ڪڏهن جيڪي هئا پنهنجا لڳا.
اڄ اُهي مون کي رڳو پاڇا لڳا.
بيشڪ هِيءُ شيشي جهڙي نازڪ ۽ حساس ڪيفيتن جي شاعري آهي. شيشي تي ڪرندڙ بارش ڦڙين جهڙي ويا ڪلتا ظاهر آهي، هِي ابهام کان آجي شاعري آهي. فڪر ۾ ڪابه اوپرائي ناهي. شاعري ۽ روئندڙ اکين جي درد جي وچ ۾ ڪابه لڪير نڪتل ناهي! فهميده غزل جي حسناڪيءَ کي ڪمال سان برقرار رکي ٿي. اهو منفرد پڻو آهي. وات جي خشڪيءَ کي اندر جي اُڃ کان ڌار ڪري بيهارڻ دلفريب نواڻ آهي. هزارين غمن جي عيوض خواب خريد ڪرڻ اڪيلائي جي اذيت کان نجات جي سانوري ڪوشش آهي. دل ۾ نهارڻ جو فن سکڻ، زندگيءَ جو ڏکيو فلسفو آهي. اهو مشاهدو درد جي هزارين راتين ۾ تڙپڻ، پڄرڻ ۽ کامڻ کان پوءِ ئي حاصل ٿيندو آهي.
عظيم روسي ليکڪ چيخوف لکيو آهي: ”هر ماڻهو جي سچي ۽ سڀ کان دلچسپ زندگي جو پويان اوندهه جاري رهندي آهي، هر انساني وجود اسرار جي چادر ۾ ويڙهيل رهندو آهي!“ آئون اهو چوندس ته انساني وجود جي اسرار جي چادر لاهڻ جو فن صرف شاعري ئي ڄاڻي ٿي! شاعري ئي اسرار ته ڇا انسان جي تبديل ٿيندڙ پاڇي جي شڪل به پڙهي وٺي ٿي! پنهنجا لڳڻ وارا اوچتو پاڇا لڳن، اهو بيان ڪرڻ خوبصورت شاعريءَ جو ئي ڪم آهي!
مان هُن ڏانهن ويندس نئين راهه ٺاهي،
نه روڪيو کڻي جي وڃان ٿي ته ڇا هي؟
هر رات جي پويان هڪ سورج ٿو پيو ڊوڙي،
پاڇي جي پٺيان ڪوئي اظهار ٿو ڀٽڪي پيو.
توکي ڳولڻ لاءِ پيا مان،
اُڀ سمورو اُڪريَ وئي هان!
جي چاهيو سڀئي پاپ کاتي ۾ لکجو،
ڪٿي ٿا چئون ٿِي ثوابن جي ورکا.
جي خواب کَسي ڪنهن کان لڙڪن ۾ لوڙهي،
ڪنهن جي رات جي پرڀات ته آءُ روڪيانس!
اي منهنجا قلم! مون کي قسم آ تنهنجو،
وڪجڻ جي لڳي ڏات، ته آءُ روڪيانس!
لفظ ڊوڙن ٿا پيا ڪڪرن جيان،
شاعري ڄڻ مينهن جو اهڃاڻ ٿي.
اڪيلو چنڊ ڀي ته آ،
اسان ڇو سوڳوار ٿيون؟
ٽي ايس ايليٽ چيو آهي : ”هڪ حقيقي شاعر ادراڪ ۽ احساس جون نيون شڪليون تلاش ڪري ٿو.“
فهميده جي شاعريءَ احساس جي نئين شڪلين جي شاعري آهي، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي. نئين راهه ڳولڻ، اسان ڇو سوڳوار ٿيون؟ ڏات وڪجي ته ان کي روڪڻ جو عزم رکڻ، خواب کسيندڙ رات جي پرڀات کي روڪڻ جو ارادو ڏيکارڻ ڇا ته غضب جو اتساهه آهي.
فهميده نعريبازيءَ کان پنهنجي شاعريءَ کي پري رکندڙ سيبتي شاعره آهي. هن وٽ جاندار ترقي پسند سوچ آهي. رات جي پٺيان ڊوڙندڙ سج ۽ پاڇي جي پويان سهڪندڙ اظهار کي ڳوليندڙ هِي شاعره سچ جي مالڪي چاهي ٿي. اُڀ مان اُڪري وڃڻ حسين وجد آهي. قلندري ڌمال جهڙي وجداني ڪيفيت هن شاعريءَ کي موهيندڙ بڻائي ٿي. هي شاعري رڳو مينهن جو اهڃاڻ نه پر بي خوديءَ جي برسات ئي ته آهي، جيڪا وسي رهي آهي، ٿمجڻ ۽ ٿڪجڻ ان جي مزاج ۾ ئي شامل ناهي. فهميده جي شاعريءَ جي خوبي هي آهي ته اُها يڪسانيت کان بچيل آهي. هن تي ڪنهن جو به اثر نظر نٿو اچي، هن وٽ پنهنجو اسلوب آهي. عالمي ليول کان پنهنجي ملڪي سطح تائين جن شاعرائن جي هاڪ رهي آهي، انهن جي شاعري جيڪا مڃتا ماڻي آهي، ان جو بنياد عالمي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي. فهميده جي شاعري انهن پيچرن تائين رسائي لاءِ سرگردان آهي. هن وٽ اهڙو شعور به آهي.
ايران جي شهرت يافته شاعرائن ۾ صوفي ازم جي دوست شاعره قرة العين طاهره ۽ رابعا جي شاعريءَ جهڙو چس فهميده جي شاعري ۾ نظر اچي ٿو ۽ محسوس ٿئي ٿو. هُن ساڳي بيباڪي اختيار ڪئي آهي. ڪشمير جي بهترين شاعره حُبه خاتون عرف زوني جي شاعريءَ جهڙي هُرکر فهميده جي شاعريءَ ۾ به موجود آهي. زوني اڪبر بادشاهه جي حڪومتي دؤر ۾ دربدر ڪئي وئي هئي. اُها گمناميءَ ۾ ئي مري وئي، جنهن جي قبر جي به اڃا ڪنهن کي سُڌ ناهي پئجي سگهي! فهميده جي واين ۾ لطيفي پڙلاءُ محسوس ٿئي ٿو. اڪيلائين جا جيڪي هُن واڪا تخليق ڪيا آهن، ڄڻ هن اُهي سسئي جي سفر مان هٿ ڪيا آهن. هُن پنهنجي واين جا بُت درد سان تراشيا آهن. ٻئي طرف جدت جي آرسُن کي به خوبصورتيءَ سان رڱيو آهي. جدت ۽ ڪلاسيڪيت کي هُن شاندار نموني پرويو آهي. حساسيت هُن جي واين کي وجدي لالائي ارپي آهي.
پويان پاڇولي جيان،
ڏک ڪو سارو ڏينهن،
توکي ڳولهي ٿو!
پن ڇڻ آئي درد جي،
وکري پن پن ۾.
گوري گُم ٿي وئي.
جيئن جُدا درياهه ڪنارا،
پاڻ به ائين پري،
جيون جي هر موڙ تي.
تارن جي جهرمر کان تُنهنجو،
پئي ٿِي ڏس پُڇان،
ڪڏهن ايندين سانورا!؟
ڌرتيءَ ساڙي پير ٿِي،
سورج اُڇلي باهه.
پيار تنهنجو ڇانورو!
ڇانيل ڪاري رات آ،
اڄ به ڪنهن جي گهر مٿان،
چنڊ ٿو گُهوري ڏسي!
شاهه عنايت رضوي جنهن حَسين وائي کي سنڌي ٻوليءَ ۾ جنميو هو، اها اڄ به ڳرا موضوع برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، اها ئي ڳالهه فهميده دل سان سمجهي پوءِ وائي کي تخليق ڪيو آهي. هُن نواڻ ڏيڻ لاءِ احساس جي گهرائي استعمال ڪئي آهي. ٿڌي ساهه کي هُن وائي جي وراڻي بڻايو آهي. حساس عورت جو جذبو جذبو هُن وائي ۾ نروار ڪيو آهي. عورت، انسان آهي، ان انسان جي جاڳ کي هُن وائي ۾ سمويو آهي. مامرو جنس جو ناهي، مامرو انساني اڪيلائي جي امنگ جو آهي. ان آرزو جي معصوميت ٻرندڙ سماج ۾ بيباڪيءَ کي ڪيئن جنمي ٿي، اُن جو شاندار نمونو فهميده پيش ڪري ٿي.
ڌار جي آهيون ٻئي،
جاني پوءِ جيون،
ڪهڙي آهي ڪم جو !؟
سمنڊ ڪناري سج جو،
منظر ڪو توبن،
ڪهڙي آهي ڪم جو؟
ٽُٽي پئي جي ٽار تان،
پوءِ ڀلا ڪو پن،
ڪهڙي آهي ڪم جو!
منظرن مان رومانس جي اڪيلائي جو درد اُڀارڻ ڪمال جي ڪاريگري آهي! سج تنها آهي، ڇڄي ويل پن تنها آهي، نظارو ڏسندڙ انسان تنها آهي! سج، پن ۽ انسان جي اڪيلائي جو شاعريءَ ٿي وڃڻ، وائي بڻجڻ داد لائق شاعراڻي وسعت آهي.
اڇلايل ڪنهن ڪُنڊ ۾،
ڪالهوڪي اخبار،
ٻيو ڇا منهنجي زندگي!
جيئن آ تازي گُل ۾،
پل کن جي مهڪار،
ٻيو ڇا منهنجي زندگي!
ٻڏندي ۽ ترندي رهي،
منهنجي نازڪ دل،
۽ هو هليو ويو!
آئون ائين ڏسندي رهيس،
جيئن ڪو ئي پاڳل
۽ هُو هليو ويو!
ناليواريءَ سنڌي ليکڪا آپا خير النساءِ جعفري ڪٿي لکيو آهي: ”ڌار ڌار ٿيڻ... وڇوڙا... الوداعيون،.... خدا حافظ ڪرڻ..... هر لفظ کي پنهنجي پن ڇڻ آهي...!“
لفظن جي پن ڇڻ جا عڪس فهميده اسان کي دل سان پَسايا آهن! ”شاعري درد مان جنم وٺي ٿي!“ ڪنهن دانشور جو اهو قول فهميده جي شاعريءَ جو مضبوط جُز آهي. پرسُوز حساسيت جي هِي ڇولي ڇولي فهميده جي واين کي گهرو بڻائي ٿي. اها نڪور وائي موهي ٿي. وائي جو مزاج ڪٿي هيڻو، ڪٿي پرعزم رکي هن نواڻ پيدا ڪئي آهي. ڪنڊ ۾ اڇلايل پراڻي اخبار جي حقيقت هِن سماج جي عورت جي درد ڪٿا ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ عورت کي گل جيان ڇِني ان جي مهڪ کي عارضي بڻائڻ جي سچ کان ڪير انڪار ڪندو؟ سچي شاعري چئبي اُها آهي جيڪا سندي ذات جي عڪاسي کان وڌيڪ ٻين جي زندگي جي عڪاس بڻجي! اهو سچ جيڪو سڀني جو سچ محسوس ٿئي، اهو وڏو سچ آهي. فهميده اهو سچ اڀارڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي.
ٻاهر ڇو ٿو ڳولين سُپرين،
تنهنجي پنهنجي اندر ۾،
چنڊ ٿو جاڳي!
هن خيال جي تشريح ڪجي ته برازيل جي مشهور پادريءَ هيلڊر ڪامارا جا هي لفظ ڪافي آهن ته: ”زندگي ئي سڀ کان وڏي سوُنهن آهي!“
پنهنجي اندر ۾ چنڊ کي ڳولي لهڻ لاشڪ انتهائي محبوب فلسفو آهي.
پنهنجي دؤر ۾ ڪامياب شاعري ڪندڙ فهميده شرف جي لکيل گيتن جو تجزيو ڪرڻ کان اڳ ۾ اهو چوڻ چاهيندس ته گيت يا ڳيچ جي بانيڪار ئي عورت ذات آهي. سمورا لوڪ گيت گمنام مائرن جي ايجاد آهن، گيتن جي به عجيب تاريخ آهي، هڪڙا گيت خانه بدوشن جا سرجيل آهن. هڪڙا گيت ڌرتيءَ جي وارثن جا تخليق ڪيل آهن. هڪڙا گيت فاتحن جا لکيل آهن. هڪڙا گيت غلامن ۽ اڇوتن جو آواز آهن. هڪڙا گيت انقلابين اڀاريا آهن، هڪڙا گيت مذهب پرستن پيش ڪيا آهن. گيت مختلف آهن، نظريا ڌار ڌار آهن. گيت جي صنف ترقي ڪندي گهڻو اڳتي وڌي چُڪي آهي. جديد گيتن جو مزاج منفرد رستي جو مسافر بڻيل آهي. اُهي گيت رنگا رنگي بڻجي ويا آهن.
فهميده شرف به دل سان گلابي گيت لکيا آهن. هن ٻين کان ڪافي منفرد گيت لکيا آهن. هُن جي گيتن ۾ زندگي جي ڳالهه آهي.
سڄي عمر ماڻهو جي من کي کپن ٿا.
جيئڻ جا حوالا....
هر گهڙي مون کي سڏي ٿو،
ڪوئي چنچل خواب هڪڙو،
ٻاٽ ۾ ٿي سوجهرو،
پيار مون لئه ڇانورو!
اسان پيار وارن جي ساري حياتي،
ڪڏهن رات راڻي، ڪڏهن اک جو پاڻي.
انوکي ڪهاڻي
واٽ اونداهه مان،
هُو اچي جي ڪٿان،
جيءُ ٻاري سَکي،
روشني مان ڪيان!
خواب منهنجا رهن ٿا شبنمي،
سنگ تنهنجي جو جُهومي پئي زندگي،
هٿ وڌائي ٻئي، ڊوڙندي ٿِي اچي،
اڄ خوشي اوچتو، درد جي ميڙ مان،
جيءُ ٻاري سکي،
روشني مان ڪيان!
مٿين احساسن کي پڙهي قديم قرطبا جي شاعره ولاده جون هي سٽون ٿيون ياد اچن:
جُدائي جي معني اها ٿي بيهي ته
ملي نٿا سگهون!
سڀ عشق وارا پنهنجا درد روئن ٿا.
ملاقات جي گهڙي ناهي ته پوءِ،
هر موسم پن ڇڻ آهي.
جيڪا خواهش جي ٻرندڙ ٽانڊن کي،
پيرن سان ٻَڌي ٿِي ڇڏي!
گيت معصوميت جي اظهار کي اڀاريندڙ حقيقت آهن، فهميده جي گيتن ۾ اُها نازڪ مزاجي عروج تي نظر اچي ٿي، انهن گيتن ۾ دل جو ڌڙڪو شامل محسوس ڪجي ٿو.
پاڇو پوئين پهر جو،
الا! مان آهيان
مون کي سار نه تون.
ماٺ ۾ آئون گذري وينديس،
خوشبو بڻجي اُڏري وينديس،
ساڀيائن جي آس جو،
سپنو ڪو ناهيان!
مون کي سار نه تُون!
ڪو به شڪ ناهي ته حُسن جي محبوبيت ۽ معصوميت صدين ۽ زمانن کان تبرن سان ڪُٺي وئي آهي. ذاتي انائن جي روش معصوميت کي سدائين ڪاريءَ رات پويان دفن ڪرڻ چاهيو آهي. فهميده جي شاعري ڪُٺل معصوميت جي روح کي، جوڀن کي، ۽ سُڏڪي سُڏڪي کي پوريءَ سگهه سان عيان ڪيو آهي.
فهميده جو منفرد پڻو اهو آهي جو هُن عاشق بڻجي بنا ڪنهن جي پرواهه جي پنهنجي محبت کي دل سان بيان ڪيو آهي. هُن پنهنجي شاعريءَ کي ڪو به نقاب ناهي پارايو. سچ ته مون سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن عورت جا بي انتها حساس ۽ زبردست احساساتي بيت فهميده جي شاعريءَ ۾ پڙهيا آهن. حيرت جي مهڪ اچي منهنجي ذهن ۽ دل کي ڇهيو آهي. هُن جا بيت سرمستيءَ واري ڪيفيت جو جلوو آهن. اُهي نئين اجرڪ ۽ رڻ ۾ ٽڙيل گل وانگي توجهه ڇڪائيندڙ آهن. هي بيت واضح ڪن ٿا ته هُو اڳئين صف جي مڪمل شاعره آهي. هُن واقعي به شاعريءَ کي شاعريءَ جي جواني ڏني آهي.
هُو سڀ تارا اُڀ تي، ڇو ٿا شرمائين،
هر هر نيڻ کڻي پيا، جهٽ ۾ جُهڪائين،
ڄڻ ٿا ڪنائين، ڳالهيون ڪنهن جي پيار جون.
ظاهر مَرڪان پئي مگر، اندر ۾ شمشان،
ڪيئي دل ۾ ٿا اُٿن، يادن جا طوفان.
منهنجو من ويران، هَن جي وئي کان پوءِ ٿيو.
آسڻ اکين ۾ رڳو، هُن جا ئي آهين،
هُن کان آءُ رُسي وڃان، ڇو ٿا ائين چاهين.
مون وٽ ٻيا ناهين، سپنا پرينءَ کان سِوا.
سکيءَ، ڪاريءَ رات ۾، ڪيڏا نيڻ ٽِميا،
چنڊ وڌائي هٿڙا، سارا لُڙڪ اُگهيا.
تنهن کان پوءِ پُڇيا، منهنجي سارا درد هُن.
منهنجي جوڀن جا سکي، سڀ رنگ چورائي،
ڪيڏانهن ويو سانورو، ننڊون ڦٽائي،
مون کي ريجهائي، ويو پنهنجي پيار سان.
ڪپيل ڳچيءَ مان وهندڙ رَت جهڙيون ڪيفيتون شاعراڻي ائپروچ جي اونچائي جو ڏس ڏين ٿيون. فطرت کي انسان دوستيءَ سان سلهاڙڻ جو هي دلڪش نمونو موهي ٿو. تارا به شرمائين ٿا، ڇو جو اُهي پيار ڪندڙن جون ڳالهيون پيا ڪنائين! ستارا به محبت جون باتيون ٻڌڻ چاهين ٿا. چنڊ به انسان جي ڳلن جا ڳوڙها اُگهي ٿو، ڇو ته انسانن مان ڳوڙها اگهڻ وارو رويو موڪلائي ويو آهي. هيءَ مصنوعيت ناهي، مغالطو به ڪونهي، هيءَ فطرت دوستيءَ جو نظريو آهي. ماڻهو اوهان کان دُور ٿين ٿا، پر فطرت اوهان کان ،اوهان فطرت کان پري رهي نٿا سگهو، فطرت کان دوري خودڪشيءَ برابر آهي.
ڪنهن جي ڪنهن جي درد جي، ڇيڙي ڪو ڪٿا،
ڏک ۾ ڄڻ ڇِڄي پئي، هيڻي دل هرڪا،
مون کي ڏَسيو سا، جا سُورن کان آجي هجي؟
هاڻي کڻي آزاد ڪيو، قيدي مُنهنجو ساهه،
لفظ اُماڙيون چئوطرف، اندر ٻري باهه.
کوليو مُنهنجي راهه، آجو جيون کي ڪيو.
مون کان ڪيڏي پيار مان، پُڇي پيو آڪاس،
آهين ڇو اُداس، مکڙيءَ جهڙي ڇوڪِري!
ڪير آهي جيڪو هن پٿريليءَ راهه ۾ زخمن کان آجو آهي؟ ڪهڙيءَ ڇاتيءَ تان ڪاتي ناهي گُذري؟ ڪنهن کي ڀلا غليظ روين رتو رت ناهي ڪيو؟ اهو ڪهڙو سچ آهي جنهن کي صليب ناهي ملي؟ ڪهڙيءَ جون آف آرڪ بچي آهي، جنهن کي ڦاهي تي ناهي جُهولايو ويو!؟ ڪهڙي سارا شگفتا سلامت روح کڻي بهار جو گُل ٿي آهي؟ هتي ته هر مکڙي مُٺ ۾ کڻي نپوڙي وئي آهي! ها... هاڻ گهڻو ٿي چُڪو! سورٺ لُٽجي چُڪي، سسئي ڀٽڪي چُڪي! انتها کان پوءِ ڪا ابتدا ٿيڻ گهرجي. دري کُلي ۽ تازي هوا اچڻ گهرجي. ڏيئو ٻرڻ ٿو چاهي، زنجير ٽٽڻ ٿي چاهي! گدلائڻ ۾ رهي به ڪنول ٽڙڻ جي آرزو ڪري چڪو آهي. راهون کلڻ ۽ کولڻ جو نعرو بلند ٿي چڪو آهي. هي اتساهه سان لبريز شاعري نئون نياپو آهي، ڄڻ ته فهميده هر قيديءَ عورت جي گُهٽيل نڙيءَ جو آواز ٿيڻ چاهيو آهي. اها اعليٰ جدوجهد آهي. فهميده علامت نگاريءَ کان بهترين ڪم حاصل ڪيو آهي. آڪاس جي پُڇا خوبصورت علامت نگاريآهي. اهڙي علامت نگاريءَ جو فهميده شانائتو استعمال ڪيو آهي.
نيڻ مليا جو جيڏيون، پرينءَ سان هڪ وار،
ٽُڪڙا ٽڪرا ٿي وئي، شيشي جي ديوار،
مون ڏي سئو سئو وار، پريتم نهاريو پيار مان
مان هڪ ننڍڙو سچ، ۽ تون اُتم احساس،
آئون ذرو هڪ ڌُوڙ جو، تون مون لئه آڪاس،
جانب مُنهنجي آس، شال سدا هڪ ٿي وڃون.
رابيليءَ جي گُل مٿان، سج جو جيئن چمڪو،
مون کي اهڙو ڪو، سپنو ٿو سڏڙا ڪري،
جيڏا منهنجا نيڻ ها، ورهين کان بي خواب،
تِن ۾ اڄ گلاب، ڦُٽا تنهنجي پيار جا.
محبت عالمي نظريو آهي. عالمي سچ آهي. محبت انسانيت جي نيڻن جو خواب آهي، پر ٻرندڙ سج هيٺان ”انسانيت“ ۽ ”خواب“ ٻنهي سان الميا اچي وچڙيا آهن. ٻنهيءَ کي واچوڙن ورايو آهي. انسانيت جون اکيون ڪڍيون ويون آهن ۽ هر خواب رڻ حوالي ڪيو ويو آهي! ان موضوع تي وڏو ڪتاب لکي سگهجي ٿو. ٻنهي تي صدين تائين ڳالهائي سگهجي ٿو. خوشبوءِ کي دولابن جي دلالن لاوارث ڪري ڇڏيو آهي. فهميده اُڃ ۽ رُڃ ۾ به محبت جي نظريي کي نروار ڪري ٿي. نقطو اهو فقط انسان جو رُتبو بحال ٿيڻ آهي. پاڻ کي هڪ ننڍڙو سچ سمجهڻ، ڌُوڙ جو ذرو تصور ڪرڻ، محبوب کي آڪاس جي مٿاهين ڏيڻ، اُن کي اُتم احساس سڏڻ، پنهنجي بي انا محبت جي حسين تشريح آهي. انا کي فنا ڪرڻ ئي ته محبت جو ٻيو نالو آهي. هڪ ٿيڻ عُنابي منشور آهي. زمانن کان بي خواب اکين ۾ خوابن جا گلاب تڏهن ئي ٽڙن ٿا، جڏهن انسان انا کان آجو ٿي وڃي ٿو. لطيف کان رجنيش اوشو تائين سڀني ان ئي نظريي ۾ ويساهه رکيو آهي. شيشي جي هر ديوار تڏهن ڪري ٿي جڏهن محبت سڏ بڻجي ٿي، پڙاڏو وري سوين ٻيا سڏ ٿِي وڃي ٿو. رابيل جي گل مٿان سج چمڪي جهڙوڪو محبوب خواب تڏهن ئي اکيون کولي مرڪي ٿو، جڏهن اُتساهه انقلاب بڻجي ٿو. فهميده جي جديد شاعريءَ جو هي نئون هٺيلو آواز جديد سنڌي شاعريءَ جو نئون آواز به آهي. اُن آواز کي پنهنجي حُسناڪيءَ آهي. گرو رجنيش اوشو چيو آهي: ”مرد جو جُهڪاءُ آسمان ڏانهن هوندو آهي، ۽ عورت جون پاڙون زمين ۾ هونديون آهن.“ فهميده جي شاعريءَ انهن لفظن جو چمڪندڙ پڙاڏو آهي.
فهميده کي نظمن تي اڃان دسترس حاصل ڪرڻي پوندي، نظم پيچيده صنف آهي. هونئن به هر صنف تي ڪمال حاصل ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي. فهميده جي نظمن ۾ تاڙي جيئن تنواريندڙ هي خيال وڏي معنيٰ رکن ٿا. روح جي زخم تي پهو رکڻ جي ڪوشش محسوس ٿين ٿا:
هُو ڪشمير جي سڏ ۾ سڏ ڏين ٿا،
پر سنڌڙيءَ جا سُڏڪا ڪو ٻُڌي ئي نٿو!
مقدمو ڪشمير ته وڙهي ٿا اچن،
سنڌ جو مقدمو وڙهي ڪير ٿو؟
تاريخ جا نيڻ ڪو درد پائن،
خواب ڪو پرزا ٿئي،
چري دل صفا ڦٿڪڻ لڳي.
جيئن گلابن کي ڪو،
ڄَرڪندڙ ٽانڊن تي رکي ساڙڻ لڳي.
جيئن رنگين پوپٽ ڪو،
هاءِ وي روڊ تي ٽڪرا ٽڪرا ٿيل ملي.
پنهنجي وجد، پنهنجي محبت، پنهنجي نظريي ۽ ذميوار حيثيت ۾، فهميده شرف بلوچ جيڪا پُرخلوص، وقتائتي، وزنائتي ۽ بيحد اهم ۽ ڪڏهن نه وسرندڙ شاعري اسان کي، سنڌي ٻوليءَ کي ڀيٽا ڪئي آهي، اُها نه رڳو آجيان جي پر بي انتها داد جي لائق به آهي. ويساهه آهي ته هن شعري مجموعي ”اُماس راتيون اداس رستا“ کي شاندار پذيرائي ملندي، جيڪو هن مجموعي جو حق به آهي.
جنهن جي سِر تي ستارن جي چُنري هئي،
سائي سُورج کي بنديا بڻائي وئي.
ايوب کوسو
مئي 2016ع