هڪ جهڙي درد جا وارث
مون کي جڏهن لکڻ جي لاءِ چيو ويو ته فهميده جي شاعري جي حوالي سان ٻه سٽون لکي ڏيان ته ان وقت ائين لڳو ڄڻ پنهنجي اولاد جي حوالي سان لکڻ لاءِ مون کان ڄڻ ته ڏات رسي وئي هجي، جيڪڏهن تعريف ڪنديس ته چوڻ وارا ان کي ماءُ ۽ ڌيءَ جي حوالي سان وڌاءُ نه سمجهن پر مان فهميده کي ان ڏينهن کان سڃاڻان جڏهن هُن دنيا ۾ پهريون ڀيرو اکيون کوليون ته شايد پهرين نظر ان جي پنهنجي جيجل تي ئي پئي هوندي ۽ ائين ئي اهو ننڍڙو وجود منهنجي لاءِ قدرت جو تحفو هو، ٽن سالن کانپوءِ قدرت طرفان هڪ ٻيو تحفو آصف علي ان گهر ۾ پنهنجيون سهڻيون اکيون کوليون ۽ وري ٽن سالن بعد قدرت نجمه صنوبر جهڙي خوبصورت تحفي سان نوازيو، اهڙي طرح ڏکايل زندگي اولاد جي خوبصورتيءَ ۾ اهڙي طرح رنگجي وئي جو دنيا جي ڏکن جو ڪو به احساس نه رهيو ته ڏک به ڪنهن شيءَ جو نالو آهن. نجمه صنوبر ته 10 ڏينهن پنهنجي امڙ جيجل سان رهي دنيا مان موڪلائي مون کي ٻيهر ڏکن جي يادگيري ڏياري ڇڏي.
بس زندگي گذرندي رهي ۽ منهنجو غزالي اکين وارو آصف علي (پنهل) مون کي سترنهن سالن جي عمر ۾ جدائي جو اهڙو ته ڏک، سور ۽ عذاب ڏئي ويو جنهن کي لفظن ۾ بيان نٿي ڪري سگهان، اسان ٻنهي يعني فهميده (گل) ۽ مون کي ڏکن جي انهي سمنڊ ۾ اڇلائي ويو جو آئون روز پئي مران، پنهل موٽي آ، جتان ڪو به نه موٽيو آ، انهن سڀني شين جو تاڃي پيٽو ميڙي گڏ ڪجي ته بس گل جي شاعري ۽ ان جي امڙ جي ڏکن جي شاعري آهي باقي فهميده جي شاعريءَ ۾ مون کي هڪ لفظ ”موت“ بلڪل به نه وڻندو آهي، فهميده گل جي اهڙي ڪيتري ئي شاعري مون ضايع ڪرائي ڇڏي جنهن ۾ هن ”موت“ لفظ استعمال ڪيو هو، ڇو ته موت مون کي تمام گهڻا ڏک ڏنا آهن.
فهميده جي استاد محترم بابا آثم ناٿن شاهي آخري ملاقات ۾ مون کي مٿي تي هٿ رکي وصيت ڪئي هئي ته ”امان فهميده منهنجي امانت اٿئي، منهنجي امانت جي پارت اٿئي.“ مون کلندي وراڻيو ”بابا اوهان پنهنجي امانت کي پاڻ سان گڏ ڪيو.“ فهميده جي شاعري جي حوالي سان اهو ئي چونديس ته سندس هر سٽ ۾ درد مونکي پنهنجو درد لڳندو آهي، فهميده لاءِ دعا ڪندا ۽ سڀني کي التجا ته کيس دعائن ۾ هميشه ياد رکندا.
فهميده سان گڏ اوهان سڀني جي امڙ
عجيبان بلوچ