عيسى ميمڻ
عيسيٰ ميمڻ: مختصر تعارف
نالو: عيسيٰ ميمڻ
ولد: الله ڏنو ميمڻ
والده: عائشہ ميمڻ
جنم: 9 جولاءِ 1985ع ڳوٺ: کوهارا تعلقو ڏوڪري (هاڻوڪو باڪراڻي تعلقو) ضلعو لاڙڪاڻو.
رهائش:
1988ع تائين ڳوٺ کوهارا
1988 کان 2008ع تائين ڏوڪري
2008 کان لاڙڪاڻو.
تعليم؛
پرائمري: 1995
مئٽرڪ: 2000
انٽر: 2002
بي اي: 2004
ايم اي: (سنڌي) 2006
ايل ايل بي: 2007
ايم فل (سنڌي ادب) 2018
پي.ايڇ.ڊي (سنڌي ادب) هلندڙ
ادبي وابستگي؛
• 1998ع کان سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري جو ميمبر 2012ع.
(ٻه دفعا سيڪريٽري سال 2002 ۽ 2003ع)
• 2012ع کان سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جو ميمبر
(ٻه دفعا سيڪريٽري سال 2013_14 ۽ سال 2019ع_ 2020ع
• 2012 سرسوتي ساهت گھر ڏوڪري جو باني (هن وقت تائين 60 کان مٿي سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري پاران ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن )
سماجي وابستگي:
• 1997 ايڪٽو اسٽوڊنٽس ويلفيئر ايسوسيئشن ڏوڪري جو ميمبر 2008ع تائين.
• 2005ع مهين جو دڙو اڪيڊمي آف سنڌ جو باني ميمبر
• 2003ع ينگ ايجوڪيشل سوسائيٽي ڏوڪري جو باني ميمبر.
شايع ٿيل ڪتاب:
• سياست، تاريخ ۽ ڪردار (ڪالم ۽ مضمون) 2012ع.
• پرهه جو پيغمبر (ترتيب) 2013ع (جي ايم سيد جون تقريرون)
• مهين جو باغي (ترتيب) 2012ع
• سماج ۽ ادب جو سفر سرور منگي (ترتيب) 2015ع
• س ا س ڏوڪري ۽ لاڙڪاڻي جي ڪارڪردگي رپورٽ 2017ع
• سنيها سپرين جا (خط) 2018ع.
• سرت سندو سوجھرو (مقالا ۽ مضمون) 2019ع.
جوائنٽ ايڊيٽر: 2007ع کان سلسليوار ”سمبارا“ مئگزين.
اسسٽنٽ ايڊيٽر: ماهوار ”سارنگ“ ڪراچي.
اسسٽنٽ ايڊيٽر: ماهوار ”سنگت سماچار“ 2006ع ۽ 2007ع
ايڊيٽر : سلسليوار “ادبي لاٽ” لاڙڪاڻو.
چيئرمين: سرسوتي ساهت گھر ڏوڪري.
روزگار:
• 1997ع کان 1998ع ڇولا ، ڦوٽا ۽ گجرون کپائڻ.
• 1999ع کان ڪارُن جي صفائي ڪرڻ (ڪلينر طور)
• 2000ع کان 2002ع تائين مانڊي هلائڻ.
• 2003ع ۾ ريڙهي هلائڻ.
• 2004ع کان 2005ع تائين ماڊل اسڪول ڏوڪري ۾
ٽيچنگ ڪرڻ.
• 2005ع کان 2007ع بقا گرامر اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهائڻ
• 2007ع کان 2008ع (18 مهينا) نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ ۾ فيلڊ ڪوآرڊينٽر طور ڪم ڪرڻ.
• 2008ع کان 2009ع (16 مهينا) پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ٽيچنگ.
• 2009ع کان 2010ع (12 مهينا) سي ايس ايس ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ ٽيچنگ ڪرڻ.
• 23 جنوري 2010ع کان سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي ۾ JST طور تي نوڪري ڪرڻ.
جيل ياترا:
• 22 ڊسمبر 1999ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ بک هڙتال ڪندي گرفتاري کان لاڪ اپ ۾ رهڻ ۽ آزادي.
• 10 جون 2001ع ۾ پاڻي لاءِ احتجاج ڪندي، موري مان گرفتاري، 2 ڏينهن موري لاڪ اپ ۾ رهڻ کان پوءِ 8 جولاءِ 2001ع تائين سينٽرل جيل سکر ۾.
• 28 آگسٽ 2018ع تي 2 ڏينهن 2 راتيون ٽارچر سيل ۾.
مڃتا ايوارڊ ۽ سندون
• سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن؛ ”ٻاراڻي ادب جي خدمتن عيوض ”سند“ 1998ع.
• سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري پاران. ادبي سنگت جو بهترين ورڪر ايوارڊ ”سند“ 2004ع.
• نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ پاڪستان پاران، سماجي خدمتن عيوض (سند) 2007ع.
• سنڌي ادبي سنگت، سنڌ پاران، ادبي خدمتن عيوض (مڃتا سند) 2013ع.
• سنڌي ادبي سنگت ضلع لاڙڪاڻو پاران، ادبي خدمتن عيوض (سند) 2017ع.
• ايجوڪيشن اينڊ لٽري ڊپاٽمينٽ (سنڌ حڪومت) پاران تعليمي خدمتن عيوض سند 2018ع.
• سنڌ يونائينڊ پارٽي (عورت ونگ) لاڙڪاڻو. سماجي ۽ ادبي خدمتن عيوض (ايوارڊ) 2018ع.
• سنڌي ادبي سنگت شاخ خيرپور ادبي خدمتن عيوض شهيد نسيم کرل ڪهاڻي ايوارڊ 2018ع.
Email: essa.memon1985@gmail.com
Cell# 03337555986
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل