ايوب کوسو

Author Name

ناميارو شاعر ايوب کوسو، جهڏي لڳ ڳوٺ حاجي احمد کوسي، تعلقي ڊگهڙي، ضلعي ميرپورخاص ۾، پهرين مئي 1971ع تي ڄائو. تعليم بي. اي، بي. ايس. سي اٿس. 1989ع کان شاعري شروع ڪيائين. سڀ کان پهرين سندس شاعري ماهوار سهڻيءَ ۾ شايع ٿي. مختصر عرصي ۾ نئين ٽهيءَ جي سٺن شاعرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو آهي. خاص ڪري غزل ۽ نظم ڏاڍا اثرائتا ۽ پختا لکي ٿو. سنڌ جي اڪثر ادبي رسالن ۾ سندس شاعري اهميت سان ڇپجندي رهي آهي. سنڌي ادبي سنگت جهڏي ۽ نئين ڪوٽ جو ميمبر رهيو آهي. پريس ڪلب نئين ڪوٽ جي باني ميمبرن مان آهي. ڪيترائي سال سينٽرل جيل حيدرآباد ۾، ڪن متعصب مذهبي ڌرين طرفان داخل ڪيل ڪيس ۾ سزا ڪاٽي اٿس. سندس ڪتابن ۾ ”گلابن جو ڪفن (شاعري) 2002ع، ”ديوارن جي دنيا پويان“ (جيل ڊائري) 2003ع، ”اڪيلائيءَ جو آسمان“ (شاعري) 2004ع. ”بارش سوچي ٿي“ (نثري ٽڪرا) 2005ع، ”نگاهون نيرا گل“ (شاعري) 2006ع)، ”درد جون مسافتون“ (2007ع). سندس ڪتاب ”ديوارن جي دنيا پويان “ تي اڪيڊمي ادبيات طرفان 50 هزار روپيا انعام پڻ مليو.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ايوب کوسو جا ڪُل 5 ڪِتاب موجود آھن


ايوب کوسو جا ڪتاب

سُهائي سُپرينءَ جي، ليکڪ : ايوب کوسو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سُهائي سُپرينءَ جي
ليکڪ : ايوب کوسو
رڻ تي چانڊوڪي، ليکڪ : ايوب کوسو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
رڻ تي چانڊوڪي
ليکڪ : ايوب کوسو
بارش سوچي ٿي، ليکڪ : ايوب کوسو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
بارش سوچي ٿي
ليکڪ : ايوب کوسو
اڪيلائيءَ جو آسمان، مصنف : ايوب کوسو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
اڪيلائيءَ جو آسمان
مصنف : ايوب کوسو
نگاھون نيرا گل، مصنف : ايوب کوسو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
نگاھون نيرا گل
مصنف : ايوب کوسو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ