زخمي چانڊيو

سنڌ جي مزاحمتي شاعر زخمي چانڊيي جو اصل نالو ڄام خان ولد مولابخش چانڊيو ھو. ھيءُ پھرين مئي 1961ع تي ڊکڻ، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. ھيءُ ھڪ ئي وقت اعليٰ پايي جو شاعر، استاد، قومي ڪارڪن ۽ سماج سڌارڪ ھو. پرائمريءَ کان اٺين ڪلاس تائين گورنمينٽ مڊل اسڪول علي خان ۾ پڙهيو، مئٽرڪ ھاءِ اسڪول ڊکڻ مان ڪيائين. ھاير سيڪنڊري اسڪول شڪارپور مان انٽر ڪرڻ بعد ڊسمبر 1979ع کان تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. ان دوران گورنمينٽ ڊگري ڪاليج رتيديري مان ايم. اي (اسلامڪ ڪلچر) ۾ ڪـري ورتـائيـن. 1984ع کان شـاعـري ڪيائين. شاعريءَ ۾ نامور شاعرن نـثـار بـزمي ۽ سـرڪـش سـنـڌيءَ کان اصـلاح ورتـائيـن. سندس شاعريءَ ۾ رومانوي رنگ بہ آھي، پر مجموعي طرح سندس شاعري ڌرتيءَ جي پيار سان سرشار ۽ مزاحمتي آھي. 1991ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ڊکڻ جو بنياد وڌائين. سنڌي ادبي سنگت شڪارپور جو ضلعي رابطا سيڪريٽري بہ رهيو. ان کان سواءِ سچوا سنڌ جو مرڪزي نائب صدر ۽ مرڪزي سيڪريٽري، آل سنڌ ريسورس پرسن تنظيم جو مرڪزي اڳواڻ، استادن جي تنظيم گسٽا ضلعي لاڙڪاڻي جو پريس سيڪريٽري ۽ ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جو نھايت سرگرم ڪارڪن رهيو. 1996ع کان لاڙڪاڻي ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين. زخميءَ جي مزاحمتي شاعري پڙهڻ تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪري کيس جيل بہ اماڻيو ويو، پر ھو پنھنجي مزاحمتي رنگ کان باز نہ آيو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ مشاعرن ۾ شرڪت ڪري، پنھنجي سُر ۽ مزاحمتي رنگ سبب داد حاصل ڪندو رهيو. سندس شاعريءَ عوامي رنگ جي ھجڻ سبب ڪافي مقبوليت ماڻي ۽ سندس شاعريءَ کي سرمد سنڌيءَ سميت سنڌ جي ڪيترن فنڪارن ڳايو آھي. ھن جو واسطو سائين جي. ايم. سيد جي فڪري واٽ سان ھو. شروع کان وٺي آخر تائين آدرشي انسان رهيو. پيشي جي لحاظ کان ھاءِ اسڪول ۾ استاد رهيو. ھو سرگرميءَ سان جدوجھد جو نہ رڳو قائل رهيو، پر ان تي عمل پيرا بہ رهيو. ڪافي وقت تائين تعليم کاتي ۾ سپروائيزر رهيو. طبيعت ۾ ارڏائيءَ سبب کاتي جي اعليٰ عملدارن سان ھميشه اختلافن ۾ رهيو، جنھنڪري کيس مختلف شھرن جي اسڪولن ۾ بدلي ڪيو ويندو ھو. ان تي ھن سيڪريٽري تعليم خلاف ھاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس بہ وڌو ۽ ٽن مهينن جي دربدريءَ بعد شيخ زيد ھاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ مقرر ٿيو. ھن پنھنجي ڳوٺ جي نياڻين کي پڙهايو ۽ جواب پور جھڙي قبائلي ذھنيت واري ڳوٺ ۾ ڇوڪرين جو اسڪول کولرائي، ھڪ نياڻيءَ کي اُستاد مقرر ڪرايو، پر قبائلي ذھنيت رکندڙ سندس عزيزن ان جي مخالفت ڪئي. اھڙن عملن جي ڪري زخمي چانڊيو، 24 آڪٽوبر 2000ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڏينھن ڏٺي جو اسڪول ڏانھن ويندي ھٿياربندن ھٿان شھيد ٿي ويو.
زخمي چانديي کي سنڌي ادبي سنگت مرڪز طرفان بھترين رابطا سيڪريٽري طور ’سدا حيات فھيم فاروق عباسي‘ اوارڊ، سچوا مرڪز طرفان ’بھترين سماجي اڳواڻ‘، استاد بخاري ادبي فورم، لاڙڪاڻي پاران ’استاد بخاري اوارڊ‘ سميت کيس ٻيا بہ ڪيترا اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مڃتا طور مليا.
زخميءَ جي شاعريءَ جا ٻہ ڪتاب: (1) شھر شھر زخمي (سال: 2001ع) ۽ (2) ڏاڍو ساريندين (سال: 2004ع) شايع ٿيل آھن.
 

  • جنم: 1961-05-01
  • ورسي: 2000-10-24
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image