نور گهلو

نامياري ڪھاڻيڪار ۽ شاعر نور گهلوءَ جو اصل نالو نور نبي گهلو ولد محمد عالم گهلو ھيو. پاڻ پھرين جنوري 1949ع تي محلو جڳت آباد، دادو شھر ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي ۽ ميٽرڪ جي تعليم دادو مان حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان بي ايس سي (B.Sc)، بي ايڊ (B.Ed) ۽ ايم اي (M.A) جون ڊگريون حاصل ڪيائين.
تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ 1971ع ڌاري سائنس ٽيچر طور عملي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين. پنھنجي ملازمت دوران هن قاسم آباد هاءِ اسڪول جي هيڊ ماسٽر، ايس ڊي اي او (SDEO) پرائمري ايجوڪيشن قاسم آباد ۽ ڊي اي او (DEO) اڪيڊمڪ اينڊ ٽريننگ مٽياري جي اهم عھدن تي ذميواريون سرانجام ڏنيون. سال 2008ع ۾ هو ايجوڪيشن آفيسر جي عھدي تان رٽائر ٿيو.
نور گهلو پنھنجي ادبي سفر جي شروعات  1973ع ڌاري شاعري، ڪھاڻي ۽ ڊراما نگاريءَ سان ڪئي. هن پنھنجو پھريون غزل لاڙڪاڻي جي ادبي رسالي ”ڪلاڪار“ ۾ ۽ پھرين ڪھاڻي مورو جي رسالي ”باک“ ۾ ڇپائي. اڳتي هلي هن شاعريءَ کي ڇڏي سمورو ڌيان ڪھاڻي ۽ ڊرامي تي ڏنو. هو هڪ جديد ۽ منفرد اسلوب وارو ڪھاڻيڪار هو. پي ٽي وي (PTV) ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان سندس ڪيترائي ڪامياب ۽ يادگار ڊراما نشر ٿيا.. سندس ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ 

•    ڪھاڻين جا مجموعا:
1.    ٽٽل شيشا ۽ آڱريون (1981ع) – پھريون مجموعو جنھن ۾ 15 ڪھاڻيون شامل آهن.
2.    مان زندہ رهندس (2016ع  )  – امرتا پبليڪيشن طرفان پڌرو ٿيو.
3.    درد ڪيون دانھون – سندس فليش ڪھاڻين جو مجموعو، جنھن کي هن وفات کان ڪجهہ وقت اڳ پاڻ ترتيب ڏنو.

•    ترجمو:
o    جميلہ (1984ع) – جڳ مشھور روسي ليکڪ چنگيز اعتماتوف جي ناول جو سنڌي ترجمو.

•    ترتيب ۽ اشاعت (ميڊيا لائين پلس 4 تحت ڇپايل ٿيل ڪتاب):
o    والي بال کان شوٽنگ بال تائين (2002ع) – راندين تي سنڌي ٻوليءَ جو پھريون ڪتاب.
o    پيارا فتاح (2011ع) – جڳ مشھور مصور فتاح هاليپوٽي ڏانھن دوستن جي لکيل خطن جو مجموعو.
o    پرين جا پاڙا (2013ع) – قاسم فانيءَ جي يادگيرين تي مبني ڪتاب.

•    ميگزين جي ايڊيٽنگ: 1999ع ۾ شوبز ۽ فلمي دنيا تي مبني ميگزين ”اسٽار يار“ جاري ڪيائين.

نور گهلو 70 واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو جو سيڪريٽري رهيو. 1981-82ع ڌاري حيدرآباد لڏي وڃڻ کانپوءِ، هن اتي بہ ادبي سنگت جي سيڪريٽريءَ جا فرض نڀايا. هو سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن دادو ۾ تمام گهڻو متحرڪ رهيو. ان کان علاوہ هن پنھنجي دوستن سان گڏجي دادو جي عوام لاءِ تفريحي پروگرام ڪرائڻ جي مقصد سان ”بسنت آرٽس ڪلب“ جو بہ بنياد رکيو هو. سال 2003ع ۾ هن پنھنجي ذاتي پبليڪيشن ”ميڊيا لائين پلس 4“ جو قيام عمل ۾ آندو.
مئي 2019ع ۾ نور گهلو کي ڦڦڙن جي ڪينسر (Lung Cancer) جي سڃاڻپ ٿي. هن موذي مرض سان منھن ڏيندي، 14 جون 2019ع تي صبح جو 4 لڳي 20 منٽن تي، 70 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪيائين. کيس حيدرآباد جي حسين آباد واري ”نانگو شاھہ قبرستان“ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

  • جنم: 1949-01-01
  • ورسي: 2019-06-14
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image