ڪھاڻيون
مان زندھ رهندس
هي ڪتاب نامياري ليکڪ نور گهلوُ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. اسان جي سائين نُور گهلو وٽ ڪهاڻيءَ جو اسلوب ئي پنهنجو ۽ الڳ آهي. پهرين ڳالهه ته هُن تي ڪنهن ٻئي ڪهاڻيڪار جي ڇاپ ڪانهي، هُو ڇاپن کان آجو ڪهاڻيڪار آهي. جنهن وٽ ٻولي توڙي پلاٽ ۽ ڪهاڻيءَ جي اُڻتڪاريءَ جو پنهنجو منفرد ۽ نجو رنگ آهي ۽ ٻيو اُن کان علاوه اعليٰ ڳالهه اها ته هُن جو اسلوب عام فهم ۽ سادو آهي، توڙي جو هُن جي ڪهاڻيءَ ۾ انگريزي لفظن جو استعمال به ملي ٿو پر سي به اهڙا جيڪي اڄڪلهه اسان جي معاشري ۾ عام آهن. انهن ئي ڳالهين جي ڪري نُور سائينءَ جي ڪهاڻيءَ ۾ ڪيل ڳالهه يا پيغام کي ڪنسِيوِ ڪرڻ سولو آهي. “
- 0/5.0
- 2891
- 889
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”مان زنده رهندس“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ نور گهلوُ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. فقير محمد ڍول لکي ٿو:”سائين نُور گهلو هڪڙو عام نه پر پختو ۽ سينئر ڪهاڻيڪار آهي، هُن کي خوب خبر آهي ته پڙهندڙ جي ذهن جي چيچ کي ڪيئن پنهنجي ڪهاڻيءَ جي هٿ ۾ سوگهو ڪبو ۽ کيس پاڻ سان گڏ ڪهاڻيءَ جو ڳوٺڙو يا شهر ڪيئن گهمائبو.
اسان جي سائين نُور گهلو وٽ ڪهاڻيءَ جو اسلوب ئي پنهنجو ۽ الڳ آهي. پهرين ڳالهه ته هُن تي ڪنهن ٻئي ڪهاڻيڪار جي ڇاپ ڪانهي، هُو ڇاپن کان آجو ڪهاڻيڪار آهي. جنهن وٽ ٻولي توڙي پلاٽ ۽ ڪهاڻيءَ جي اُڻتڪاريءَ جو پنهنجو منفرد ۽ نجو رنگ آهي ۽ ٻيو اُن کان علاوه اعليٰ ڳالهه اها ته هُن جو اسلوب عام فهم ۽ سادو آهي، توڙي جو هُن جي ڪهاڻيءَ ۾ انگريزي لفظن جو استعمال به ملي ٿو پر سي به اهڙا جيڪي اڄڪلهه اسان جي معاشري ۾ عام آهن. انهن ئي ڳالهين جي ڪري نُور سائينءَ جي ڪهاڻيءَ ۾ ڪيل ڳالهه يا پيغام کي ڪنسِيوِ ڪرڻ سولو آهي. “
هي ڪتاب امرتا پبليڪيشن حيدرآباد وٽان 2016ع ۾ ڍول فقير فائونڊيشن پاران ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون سائين نور گهلو صاحب جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي، سنڌ سلامت سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ نور گهلو
- ڇپيو ويو 2016
- ڇپائيندڙ امرتا پبليڪيشن
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 08/Feb/2017
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 889 ڀيرا