مٽيءَ جا ماڻهو
پڻس جي رٽائرمينٽ سندس مستقبل جا هڙ ئي دروازا بند ڪري ڇڏيا هُئا. پوءِ به پيءُ کي ڪيڏا نه ايلاز ڪيا هُئائين. مستقبل جا ڪيڏا نه خواب ڏيکاريا هُئائينس. ”جڏهن هو ڊاڪٽر ٿي ايندو...“ تڏهن به پڻس نه مڃيو هو ۽ چيو هُئائين: مون ۾ تُنهنجي تعليم جو خرچ برداشت ڪرڻ جي شڪتي ڪانهي ڪمال... بس، هاڻي اهو سڄوٻار توکي کڻڻو آهي. مان پنهنجي عُمر ۾ جيڪي ڪري سگهيس وس آهر. سو ڪيم.“
”پر بابا!.... ادو جمال جو آهي.“
”جمال!... نه بابا!... جمال مون کان زور آهي... ڪابه ذميواري محسوس نه ٿو ڪري.“ تڏهن پيءُ جي ڳالهه ٻڌي ماٺ ٿي ويو هو. سوچيو هُئائين. ”سٺن نمبرن ۾ پاس ٿيندس ته بابو ڪُجهه نه ڪُجهه ضرور ڪندو. پر ڪندو ڪٿان؟... پينشن ۽ گريجوئيٽي وغيره جا پئسا ته اڳواٽ ئي کپائي ڇڏيا هُئائين....“ پر جڏهن سندس رزلٽ نڪتي هُئي ته ان کان هڪ هفتو اڳ ئي پڻس اوچتو مري ويو هو. ”اوه!....“ ڪيڏو نه ڏُک ٿيو هُئس اُن ڏينهن... پوءِ جڏهن سندس رزلٽ آئي هُئي ۽ پنهنجو نمبر فرسٽ ڪلاس ۾ ڏٺو هُئائين تڏهن خوشيءَ مان ڊوڙندو ڀاءُ وٽ آيو هو ۽ اخبار کولي سيٽ نمبر تي آڱر رکي. اخبار ڀاءُ جي اڳيان رکي دٻيل لفظن ۾ پنهنجي خواهش ظاهر ڪئي هُئائين. تڏهن جمال سندس ڳالهه ٻُڌي ماٺ ٿي ويو هو ۽ پوءِ ڪوبه جواب ڏيڻ بجاءِ اُٿي ويو هو. تڏهن هن جون اکيون ڀرجي آيون هيون ۽ ڀريل اکين سان ڀاءُ کي ويندو ڏسي، پرتي ويٺل ماءُ ڏي نهاريو هُئائين. لڳو هُئس اها ماٺ ڄڻ فوجي بوٽن جان سندس نڙيءَ تي اچي وئي هُجي ۽ پوءِ اونهو ساهه کڻي، اخبار کي ائين ئي لاپرواهيءَ سان اڇلي ڇڏيو هُئائين ۽ پوءِ هو نوڪري ڪرڻ تي مجبور ٿي پيو هو.
گهڙيال چار ڌڪ هڻي ٿو ته سندس ذهن مان ڄڻ ٺڪاءُ نڪري وڃن ٿا. هو ڇرڪي هيڏو هوڏي نهاري ٿو. سندس انداز مان ذهني پيڙا، ٿڪاوٽ ۽ بي زاري ظاهر ٿئي ٿي. سڪل چپن تي زبان ڦيري، وات ۾ گڏ ٿيل پڪ کي ٽڙچڪ ڪري ڳيت ڏئي ٿو ۽ ٽيبل تي ڦهليل ڪاغذن کي بي دليءَ سان هيڏي هوڏي ڪرڻ لڳي ٿو.
”هلندين ڪونه ڇا؟“ پر واري آفيس جو ڪلارڪ سندس آفيس ۾ اچي ٿو.
”جي!.... ڇا چيئي؟“
”گهر ڪونه هلندين ڇا؟....“
”گهر!؟.... اوه!.... ها... صاحب اٿي ته پوءِ....“ صاحب جي ڪمري ڏانهن نهاريندي.
”تُنهنجو صاحب به عجيب آ.“
”ٻيو نه ته ڇا... چوتيو آ پهرين نمبر جو... پڇينس چوتيا تون ڇا جي لاءِ ويٺو آهين!.... ڪم به ته ڪونهيس ته... رڳو ويٺو فون کڙڪائيندو..... هونهه، ڪنهن ٻئي جو احساس ئي ڪونهينس.“ ڪمال دٻيل انداز ۾ جڪ کائيندي چوي ٿو.
”ها ها ها... چڱو يار! مان ته هلانءِ ٿو“ ٻيو ڪلارڪ کيس اڪيلو ڇڏي هليو وڃي ٿو. ڪمال کيسي مان سگريٽ ڪڍي دکائي ٿو ۽ ڪرسيءَ تي ڪنڌ لاڙي دريءَ جي کليل تاڪن مان يو ڪلپٽس ۽ بم باڪس جي ڳاڙهن گلن ڏي نهارڻ لڳي ٿو. ٿوري دير کان پوءِ اُٿي ورانڊي ۾ اچي ٿو.
”انسان!...“ دل ۾ سوچي ٿو، ”اسان به انسان آهيون!؟... .انسان!“ نهاري ٿو صاحب جي آفيس ٻاهران بئنچ تي ويٺل پٽيوالن ڏي. چپ چاپ بوتن جان ويٺل صاحب جي نڪرڻ جي انتظار ۾. ”حرامي. اڃان تائين ويٺو آهي. گهر ۾ زال موچڙا ٿي هڻينس ڇا. هونهه.“ ڀڻڪي ورانڊي جي ڏاڪڻ تي اچي بيهي ٿو. ”نوڪري به ذلالت ناهي ته ٻيو ڇاهي؟ سندس نظرون بم باڪس جي ڳاڙهن گلن ڏي کڄي وڃن ٿيون. ڪانو، ڪٻرون ۽ ٻيا پکي گلن جي چوڌاري ڦري گلن جي رس پيئڻ لاءِ گلن کي چنبن ۾ پڪڙي ٽڪي رهيا آهن ۽ ڳاڙها گل ٽارين کان ڇڄي هيٺ ڪرندا رهن ٿا. پٽ تي ڪريل گلن جي ڍير ڏي نهاري اونهو ساهه کڻي ٿو ۽ آهستي آهستي ڏاڪڻ تان هيٺ لهي سگريٽ جو لمبو ڪش هڻي سگريٽ جو ٽوٽو بم باڪس جي ڪريل گلن جي وچ ۾ اڇلي ٿو. هڪ لمحي لئه ڳاڙهن گلن جي وچان نڪرندڙ اڇي دونهين جي لاٽ کي ڏسي ٿو ۽ ڪنڌ جهڪائي هلڻ لڳي ٿو. ”ڌوڙ وڃي پائي صاحب ۽ صاحب جي....“
گيٽ کان ٻاهر نڪري گهڙي لئه بيهي هيڏي هوڏي نهاري ٿو ۽ پوءِ هلڻ لڳي ٿو. چپ چاپ، بي دليو، ڄڻ اوپرو اوپرو. ڪلراٺي ڌرتيءَ تي. سوچن جي مهاڄار ۾ ڦاٿل ڪوريئڙي جان...
وچ روڊ تي هلندي پري کان ايندڙ تيز رفتار جيپ کي ڏسي لاشعوري طور روڊ جي ڪناري تي اچي وڃي ٿو. ”هر وقت ان سرٽنٽي.... (Uncertainty) حالتون. اوه!“ اوچتو چيخ. سامهون ايندڙ تيز رفتار جيپ جو ڦيٿو روڊ ڪراس ڪندڙ ڪتي جي ڳچيءَ مٿان چڙهي وڃي ٿو. ڪتي جي چيخ سان گڏ جيپ مان ٽهڪن جا آواز اڀرن ٿا ۽ جيپ تيزيءَ سان گذري وڃي ٿي. هو ڪنڌ کڻي جيپ ڏانهن نهاري ٿو ۽ پوءِ روڊ تي تڙپندڙ ڪُتي ڏي نهاريندي سندس اکيون گيهٽ پائيندڙ ڪتي جي رت تي کُپي وڃن ٿيون.
”اڙي! ڪتو مري ويو....“
”ڪتو مري ويو....“ ڪنڌ کڻي هيڏي نهاري ٿو، ”جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ مٿان چرهي وڃي ها ته پوءِ؟.... ؟؟.... اف! هن سماج ۾ انسان ۽ ڪتي ۾ فرق به ڪهڙو آهي... ماڻهو مري ويو. ڄڻ ڪتو مري ويو!“ لڳيس ٿو ڄڻ وچ روڊ تي تڙپندڙ ڪتو هو پاڻ آهي... ڏسي ٿو تصور ۾ پاڻ کي جيپ هيٺان چيڀاٽيل. جيپ جو ڦيٿو سندس نڙيءَ تي ۽ وچ روڊ تي تڙپندڙ، رت ۾ لت پت سندس جسم.... ”اوه! سندس بدن مان سيسراٽ نڪري وڃن ٿا ۽ هو ڪنڌ جهٽڪي هلڻ لڳي ٿو...
ماٺ جو مانڊاڻ من ۾ کڻي هلندي، هميشه وانگر سندس نظرون روز جيان روڊ جي نالي واري بورد ڏانهن کڄي وڃن ٿيون. ”اوه!....“ سندس مُنهن تي اندروني ڪرب ۽ اذيت جا پاڇا وري اچن ٿا. سندس لوندڙيون ڌوڻ لڳن ٿيون ۽ ڪروڌ مان سندس مٺيون ڀڪوڙجي وڃن ٿيون. ”اف!... اسان ماڻهو!؟.... اسان ماڻهو آخر جيئون ڇو ٿا؟... اسان جي ٻوليءَ؟... اسان جو ڪلچر!؟... آخر!“ ڏسي ٿو بيوسيءَ ۽ ڪروڌ مان روڊ جي نالي واري بورڊ ڏي. ياد ٿو اچيس ته ڪُجهه ڏينهن اڳ تائين بورڊ تي روڊ جو نالو سنڌي ۾ لکيل هو پر پوءِ اوچتو هڪ ڏينهن، اهو سنڌيءَ ۾ لکيل نالو ميسارجي ويو هو ۽ اتي سنڌي بدران روڊ جو نالو ڌارين ٻوليءَ ۾ لکجي ويو هو. ”آخر... آخر هي سڀ ڪُجهه ڪيستائين برداشت ڪبو؟....؟؟.....؟؟؟....“ من جي ڀيڙا وڌي وڃيس ٿي. ڀانئين ٿو آنڊا وات مان نڪرندڙ اکين آڏو ڦرڻ لڳنس ٿيون، ديناداستي مذهب قوم، ٻولي جي نالي ۾ ٿيندڙ غنڊا گرديون. آخر.... ڇا مقصد آ؟.... اسان! ائين ئي چپ چاپ ختم ٿي وينداسين؟!.... هان!؟... نه.... نه....“ سندس وک وڌي وڃي ٿي. ”اسان جي هيڏي تاريخ.... هيڏو ڪلچر... سڀ ختم ٿي ويندو؟!.... ۽....۽ هاڻي هي سنڌ جو نالو مٽائڻ جي سازش!.... باب السلام آ.... ته پوءِ... ته پوءِ اسان چپ ڇو آهيون؟“ ڳيت ڏئي وات ۾ گڏ ٿيل پڪ نڙي کان هيٺ لاهي ٿو. ”جڏهن..... جڏهن هو اسان جي گهرن ۾ گهڙي اسان جي لڄُن ۾ هٿ وجهندا!.... ٻارن کي سنگينن ۽ ڪرپانن تي اڇلي چڏن کان چيري ڇڏيندا! يا گرم ٿيل لوهيون مهرون اسانجي عورتن جي ڇاتين تي هڻندا. ۽ پيٽ تي لت ڏئي... ۽ هاڻي ڇا ٿو ٿئي؟؟...؟؟؟؟....“ لڳيس ٿو ڄڻ سندس نڙيءَ تي جيپ جو ڦيٿو چڙهي ويو هجي، ڪنڌ ورائي روڊ تي مُئل ڪُتي کي ڏسي ٿو ۽ پوءِ ڪنڌ جهڪائي هلڻ لڳي ٿو، ذهن ۾ هزارين سوالَ کڻي.
تڏهن سندس پوڙهي ماءُ جو چهرو سندس اکين اڳيان ڦرڻ لڳندو هُئس، جنهن جي ڪري هو وهه جا ڍُڪ پيو ڀريندو هو. کيس خبر هُئي ته ڀاڻس جمال ۽ ڀاڄائيءَ جو ماءُ سان ڪهڙو برو ورتاءُ هو. جمال زال جي چغلين تي ڪيئن نه ماءُ کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو رهندو هو. تڏهن سندس هيانءُ هڄي پوندو هو. ان حالت ۾ جيڪڏهن هو به ماءُ کي اڪيلو ڇڏي وڃي ها ته جيڪر ماڻس جيئري ٿي قبر حوالي ٿي وڃي ها. کيس خبر هُئي ته سندس چاهڻ جي باوجود ماڻس ان گهر کي ڇڏڻ لئه تيار نه هُئي، جنهن گهر ۾ پهرين سهاڳڻ ٿي آئي هُئي. سندس مڙهه به اتان ئي نڪري. اها سندس ماءُ جي خواهش هُئي. تڏهن ته پيءُ جي حادثي ۾ هلاڪ ٿي وڃڻ کان پوءِ ماڻس پاڻ سان گڏ کيس به ان ذلت واري زندگيءَ گذارڻ تي مجبور ڪندي هُئي.
جڏهن ڀاءُ ۽ ڀاڄائيءَ جا طعنا وڌي ويندا هُئس تڏهن ماڻس اکين ۾ ڳوڙها آڻي چوندي هُئس ”ابا! شادي ڪري وجهين نه. ته جيڪر هي هر هر مانيءَ جا طعنا ٻڌڻا نه پون.“ تڏهن هو چڙي پوندو هو ۽ چڙ مان ماءُ کي ڇڙٻ ڏيڻ جي انداز ۾ چئي ويندو هو. ”ڪٿان ڪيان شادي؟... هو تُنهنجو ڀاءُ آهي نه، چيئنس ته سڱ ڏئي نه مون کي. جڏهن زينا مُنهنجي مڱيندي آهي ته پوءِ ڇو نٿو ڏئي؟“.... ڪٿان آڻيان ٻيو وڏو گهر... هان!... چپ ڇو ٿي وئينءَ؟... ۽ پوءِ هو گهران نڪري ويندو هو. ٻاهر نڪري دل ئي دل ۾ پاڻ تي ملامت ڪرڻ لڳندو هو ته ماءُ سان اهڙي لهجي ۾ ڇو ڳالهايائين. لعنت آهي اهڙي ڀاءُ تي... اهو امان جو سر آهي. جيڪر.... مري پئي ته جان ڇُٽي پوندس هن روز روز جي عذاب کان... هونهه! ڌار به نه ٿي ٿئي نه... ماڻهو ڇا چوندا؟... ڌار ٿينداسين ته ماڻهو کلندا!... چوندا حاجي خان جا پُٽ پاڻ ۾ نه ٿا ٺهن!... هونهه!.... حاجي خان جا پُٽ!.... حاجي خان پاڻ وري ڪهڙو چڱو مُڙس هو، سڄي عُمر شراب ۽ شباب ۾ وڃائي ڇڏيائين اسان لئه ڇا ڪيائين؟... ان کي ته ماڻهو ڪونه پيا چون!.... اسان کي ڄڻي ڪو اسان تي ٿورو ڪيو اٿس ڇا؟.... هونهه، شادي پنهنجي جنسي تسڪين لئه ڪيائين. پنهنجي گهر آباد ڪرڻ لاءِ ڪيائين. جيڪڏهن اسان کي ڄڻيائين تڏهن به پنهنجي مفاد لئه... پنهنجي نالي جيارڻ لاءِ. هونهه، ماڻهو چوندا فلاڻي خان جو اولاد آهي. هونهه، سڀ ڪُجهه پنهنجي لئه...لعنت آهي ماڻهن تي، بيوقوف ڪنهن جاءِ جا.... ڀلي گهر ۾ هڪ ٻئي جي شڪل به نه وڻي پوءِ به گڏ رهڻو آ.... صرف ان ڪري ته ماڻهو ڇا چوندا؟!... ڇا وري ڇا چوندا!؟... ڪهڙو آڱوٺو پٽي وٺندا!؟... جڏهن اهو خلوص، پيار، همدردي ئي ڪانهي ته پوءِ گڏجي رهڻ مان فائدو!؟...“ هلندي سندس خيال زينا ڏي ڇڪجي وڃي ٿو. ”ذليل!... ڪميڻي!.... جڏهن اسان هڪ ٻئي کي پسند ڪيون ٿا ته پوءِ مائٽن جي چوڻ تي ڇو ٿي لڳي؟... هونهه!... چئي ٿي.... چئي ٿي مان تُنهنجي ڀاءُ جي گهر ۾ نه رهنديس.... آڱوٺي تي رهندي؟ مان به سندن گهر ڪونه رهندس... مُنهنجي به ڪا حيثيت آهي!!... زال جي گهر!.... ماڻهو ڇا چوندا؟!... اف! لعنت آهي انهن ماڻهن تي. الاءِ ڪٿان هليا ٿا اچن ماءُ جا... ماڻهو ڇا چوندا... ماڻهو ڇا چوندا... ڄڻ ماڻهن جي پيءُ جي ڪڙئي تي ويٺا آهيون!؟... نه، مون کي ڪُجهه ڪرڻو پوندو. هاڻي ڳالهه سهڻ کان ڳري آهي... ته پوءِ ڇا ڪجي؟...؟؟....“ زينا سان هڪ هڪاڻي ڪجي، مڃي ٿي ته ٺيڪ آ، نه ته ڌُوڙ وڃي پائي. مان به هن کان سواءِ مري ڪونه ويندس. اهو سوچي زينا سان مليو هو، پنهنجي بي پناهه محبت جا واسطا به ڏنا هئائين، پر زينا جيڪا ماءُ کان پوءِ هُن جي جيئڻ جو اتساهه هئي، ان جي ضد آڏو هن جي محبت هارائي وئي ۽ زينا هن جي اونداهي مستقبل جو جواز ڏئي، هن کي محبت جي اڌ پنڌ ۾ ڇڏي، ڪنهن ٻئي جي همسفر ٿي وئي هئي ته هُن کي پنهنجو وجود پولار ۾ ڀٽڪندي محسوس ٿيو هو، پر وري سندس ذهن ۾ ماءُ جو چهرو ڦري ايندو هو. جيڪا سندس لئه در ۾ اکيون وجهي ويٺي هوندي هُئي. تڏهن هو مجبور ٿي پوندو هو ۽ اکين ۾ ڀرجي آيل ڳوڙهن کي اکين ۾ جذب ڪري ڇڏيندو هو ۽ سندس قدم بي اختيار گهر ڏانهن وڌڻ لڳندا هئا.
”هاڻي ته امان به هري وئي آهي!؟“
ان ڏينهن چو واٽي تي بيهي چئني رستن ڏي نهاريندي دل ۾ سوچيو هُئائين. ”هاڻي پرائي گهر ۾ رهڻ مناسب ڪونهي.“ تڏهن سندس نظرون قبرستان واري رستي ڏي کڄي ويون هيون.
”جڏهن دنيا ۾ ڪوبه ڪنهن جو ڪونهي ته پوءِ اڪيلو جيئڻ ڇا جو؟... هيڪلائپ جي زندگي به ڪا زندگي آهي!؟... نه... نه....اُها بزدلي آهي. ته پوءِ ڇا ڪجي؟“ جهنگ واري رستي ڏي نهاريو هُئائين. ”فراريت!... نه... نه... اها به بزدلي آهي! بزدلي.... بزدلي.... بزدلي... ته بهادري ڇاهي؟؟...“ تڏهن اوچتو سندس ذهن ۾ اهو بورڊ ڦري ٿو اچي ۽ اهڙا ڪيترا بورڊ. ڌارين ٻوليءَ ۾ لکيل روڊن تي، اسٽيسن تي. آفيس تي.... سندس ڇيٻارا ڪڍائيندڙ... جيپ مان گونجندڙ ٽهڪ ۽...۽ وچ روڊ تي مُئل ڪُتو. ”اوه!...“ سندس مُنهن تي اندروني ڪرب ۽ اذيت جا پاڇا وري ٿا اچن ۽ سندس لوندڙين مان ٺڪاءُ نڪرڻ لڳن ٿا. تڏهن اوچتو سندس ذهن ۾ ڄڻ کنوڻ جو چمڪاٽ ٿئي ٿو ۽ گهپ انڌيري ۾ کن پل لئه سندس اڳيان ڄڻ چئني رستن مان هڪ نئون رستو روشن ٿي وڃي ٿو.
شهيد هوش محمد روڊ.
ها، اهو ئي رستو آجپي جو رستو آهي. ائين چُڻي چُڻي مري وڃڻ کان بهتر آهي ته موت کي ڪو مقصد ڪا معنيٰ ڏجي.
هو چپن ۾ ڀڻڪي ٿو ۽ پوءِ هلڻ ٿو لڳي... تڪڙو...... تڪڙو.......